Showing posts with label صدام لاشاري. Show all posts
Showing posts with label صدام لاشاري. Show all posts

Sunday, 27 March 2016

صدرالدين لاشاري پروفائيل

پروفائيل
ليکڪ: صدام لاشاري

صدرالدين لاشاري 

سوين سال اڳ هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترن ئي سماج سڌارڪ جنم ورتا ۽ پنهنجي سماج سان لاڳاپيل  هر ماڻهو جي ڀرپور مدد ڪئي.
اڄ به هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترائي سماج سڌارڪ موجود آهن جيڪي رنگ، نسل ۽ مذهب جي بجائي انسانيت کي وڌيڪ ترجيع ڏين پيا، انهن جو مقصد صرف ۽ صرف سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجا حق وٺرائي ڏيڻ ۽ انهن ۾ محبت پکيڙڻ آهي اهوئي سبب آهي جو هن ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃا تائين محبتن جا مور نچن پيا، سماج سڌارڪ جو مقصد هڪ ٻيو به رهيو آهي ته هو بي سهارن کي سهارو ڏي، بي گهر ک گهر ڏي، بيمارن کي مفت ۾ علاج فراهم ڪري ۽ انهن کي زنگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪري، اسان ۽ توهان جي آڏو سڀ کان اعليٰ مثال عبدالستار ايدهي جو آهي جو هن مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ خيراتي اسپتالون کولي ماڻهن کي مفت ۾ علاج ڏئي انهن جي زندگي ۾ خوشيون پکيڙيون ، 
جتي سماج سڌارڪ جي ڳاله هلي ۽ اتي بهترين سماج سڌارڪ کي ياد نه ڪرڻ ناانصافي هوندي ان سماج سڌارڪ به پنهنجي زندگي سماج لاءِ سپرد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي سماج ۾ اڄ به سماجي صدر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو  جنهن جو پورول نالو صدر الدين لاشاري آهي، هن هڪ ننڍڙي ڳوٺ صاحب خان لاشاري ۾ جنم ورتو جيڪو  5 ڪلو ميٽر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان اولهه تي آهي هن جو جنم 6 اپريل 1975ع ۾  ٿيو ، شروعاتي تعليم شهدادڪوٽ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ، هائر ۽ سڪنڊري تعليم ڪجهه وقت بعد ۾ ساڳئي شهر مان حاصل ڪيائين، مالي بحران جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت رڪاوٽون ڏسڻيون پيس، آخر ڪار وڏي جدوجهد سان اعليٰ تعليم لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ان دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻ ملهايو ۽ سٺين مارڪن  سان ڊگري پاس ڪيائين،

يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ هن پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ماڻهن کي تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو، سخت تنقيد ۽ رسوائي کان بعد ۾ آخرڪار هي پنهنجي سوچ  ۽ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ٻارن لاءِ هڪ ننڍو اسڪول کولرايائي ان اسڪول ۾ هي صبح جو ته ٻارن کي پاڻ پڙهائيندو هو پر ان سان گڏو گڏ شام جو ٻارن کي اتسائڻ لاءِ طرح طرح جو رانديون پڻ ڪرائيندو هو، تعليم سان گڏوگڏ هن ان ڳوٺ ۾ اخلاقي مهم هلائي جنهن جو اثر ماڻهن مٿان تمام گهڻو پيو ۽ ماڻهن هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت ۾ رهڻ لڳا، جيڪي پهريان صرف نفرت ڪرڻ ڄاڻيند هئا، سڀ کان وڏو سماجي صدر اهو ڪم ڪيو جو ڳوٺ اندر ڇوڪرِن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي مهم پڻ هلائي ڪجهه ماڻهن ناراضگي جو اظهار ڪيو ليڪن وقت تبديل ٿي چڪو هيو صدرالدين سڀن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري تعليم جا فائدا تمام نرم واري انداز ۾ ۽ سولي طريقي سان سمجهايا

آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هنن اهو ارادو ڪيو ته اڄ کان بعد ۾ عورت صرف گهر جي زينت نه بڻجي پر هن معاشري کي وڌيڪ  سڌارڻ لاءِ اهم ڪردار پڻ ادا ڪندي اهو ئي سبب آهي جو پهريان عورت کي پير جي جتي سمجهيو ويندو هيو، عورت کي ناڪارا اٻوجهه، سمجهيو ويندو هيو اگر عورت کي ڪنهن سان ڳالهائيندي ڏٺو ويندو هيو ته ان عورت کي غيرت جي بنياد تي قتل ڪيو ويندو هيو اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين جي ڪوششن سان اڄ ان ڳوٺ جو عورتن اعليٰ تعليم لاءِ مختلف شهرن ۾ زيِر تعليم آهن، 

صدرالدين لاشاري جي هڪ ننڍي ڪلينڪ ان ڳوٺ ۾ پڻ آهي اسڪول مان فارغ ٿي شام جو ڪلينڪ کي ٽائيم ڏيندو آهي ۽ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو آهي، هاڻي هن جي ڪوششن سان ڳوٺ  ۾  پڻ سرڪاري اسپتال کلي چڪي آهي جيڪا غريبن لاءِ تمام گهڻي فائدي مند آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا پنهنجا مسئلا صدرالدين لاشاري کان حل ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن هو وس آهر انهن جا مسئلا تقريبن حل ڪرڻ جو ڪوشش ڪندو آهي، 

هي ان پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارن جي تقريري مقابلا، کليل جڳهه تي ڪرائيندو آهي ۽ سڀني ڳوٺ وارن کي پڻ گهرائي انهن ٻارن کي حوصلا افزائي ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪندو آهي ڪجهه وقت پهريان هن ڳوٺ ۾ ننڍي پيماني تي لائبريري کولڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني جيڪا ڪجهه ئي مهينن ۾ پوري ڪئي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين ان ويران ڳوٺ کي آباد ڪيائين ماڻهن جي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل ڪيائين، رسوائي ۽ غم کي خوشين ۾ تبديل ڪيائين،  ساڙ ۽ تعصب کي همدردي ۾ تبديل ڪيائين، ۽ محبتن جي مور کي هميشه لاءِ مرڪائي اهو هن ثابت ڪري ٻڌايو ته انسانيت ڪڏهن به مرندي ناهي ، ان ئي همدردي ۽ سٺائپ لاءِ اڄ به ڳوٺاڻا هن سان سچي دل سان محبت ڪندا آهن ۽ پنهنجو ڪو به ڪم هن جي ٻڌائڻ کانسواءِ ناهن ڪندا، صدرالدين جي ننڍڙي ڪوشش جي ڪري اڄ هو سڀ امن جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن.

نالو: صدام لاشاري
ڪلاس: ايم اي پريوس
رول نمبر: 52

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Saturday, 5 March 2016

Hosteler's life by Sadam Lashari

Revised. Its is short (426 words, we need at least 600 words 
Hosteler's life by Sadam Lashari
فـــــيــــچر
 هاسٽل ۾ رهڻ وارن جي ڏک ڀري داستان               صدام حسين لاشاري  
اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته جنهن شاگرد پنهنجي زندگي جا ڏينهن هاسٽل ۾ نه گذاريا ته ائين سمجهو ان زندگي ئي نه گذاري شاگرد پنهنجي زندگي مان اهو ڪجهو ناهي سکي سگندو جيڪو هوهاسٽل ۾رهي سکي ٿو. اگر هاسٽل تي هڪ نظر وجهون ته شاگردن کي اهي سهولتون نه پيون ملن جن جا هو اڃا تائين منتظر آهن. مختلف شاگردن جو چوڻ هو ته اسان کي ان معيار جو کاڌو نه پيو ملي جيڪو ملڻ گهرجي ۽ ان سان گڏو گڏ پاڻي جو به تمام گهڻو بحران رهيو آهي, کاڌي سان گڏوگڏ پاڻي شاگردن کي سٺي طريقي سان نه پيو ملي ان جي وجهه اڃا تائين شاگردن کي ناهي ٻڌائي وئي. هڪ شاگرد پنهنجي ڏک جو داستان ٻڌائيندي چيو ته پاڻي جو تمام گهڻو مسئلو رهيو آهي پر عجيب واقعا به ٿيندا رهيا آهن جئين ته هڪ دفعي ڊپارٽمينٽ وڃڻ لاءِ جڏهن آرام مان اٿيس ۽ واش روم جي طرف وڃي صابڻ استعمال ڪيس ته ان دوران ئي پاڻي ٽنڪي مان اچڻ ختم ٿي ويو.                           ڪجهه شاگردن کي هاسٽل جي اندر اچڻ لاءِ به مشڪلاتين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو انتظاميان سختي ڪري امن جي نشاني ته ظاهر ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ انهن کي کپي ته شاگردن جي والدين ۽ مائٽن کي وڌم ۾ وڌ 2 يا 3 ڏينهن رهڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ تسلي طور ته انهن جا ڪارڊ پاڻ وٽ رکيا وڃن جيستائين اهي هاسٽل جي اندر موجودآهن ته جيئن والدين شاگردن جي پرک پاڻ هاسٽل ۾ رهي ڪري سگهن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو مسئلو اهو به آهي ته هاسٽل صرف ۽ صرف شاگردن جي رهڻ جي جاءِ آهي پر هاسٽل ۾ اڻ ڳڻپ ڪتا پڻ رهن پيا جنهن جو اثر شاگردن تي پئي ٿو، جئين ته شاگرد هڪ هاسٽل کان ٻئي هاسٽل ڏانهن وڃڻ کان محروم آهن خاص طور تي محترم بينظير بهڻو شهيد هاسٽل ۾ 8 بجي کان بعد ۾ رومن مان نڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.
يا ائين کڻي چئجي ته سنڌيونيورسٽي واحد يونيورسٽي آهي جتي ڪتا به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.هاسٽل اندر صفائي به ٽائيم تي نه پئي ٿئي سئيپرن جو عملو عمومن غائب رهي ٿو. ڪيترن ئي سالن کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته جلداز جلد هاسٽل تي انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ليڪن هر سال وانگر اهي واعدا پنهنجي جاءِ ته قائم  وادائم آهن خاص طور تي ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر سان تعلق رکندڙ شاگرد هاسٽل ۾ انٽرنيٽ نه هجڻ تي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
نالو؛ صدام حسين لاشاري  
ڪلاس؛ ايم .اي پريويس
رول نمبر: 52

Referred back. does not reflect real picture 
Observe paragraps
Picture is very poor
Feedback later
فيچر
نالو؛ صدام حسين لاشاري  
ڪلاس؛ ايم .اي پريويس
رول نمبر: 52
(هاسٽل ۾ رهڻ وارن جي ڏک ڀري داستان)
اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته جنهن شاگرد پنهنجي زندگي جا ڏينهن هاسٽل ۾ نه گذاريا ته ائين سمجهو ان زندگي ئي نه گذاري شاگرد پنهنجي زندگي مان اهو ڪجهو ناهي سکي سگندو جيڪو هوهاسٽل ۾رهي سکي ٿو. اگر هاسٽل تي هڪ نظر وجهون ته شاگردن کي اهي سهولتون نه پيون ملن جن جا هو اڃا تائين منتظر آهن. مختلف شاگردن جو چوڻ هو ته اسان کي ان معيار جو کاڌو نه پيو ملي جيڪو ملڻ گهرجي ۽ ان سان گڏو گڏ پاڻي جو به تمام گهڻو بحران رهيو آهي کاڌي سان گڏوگڏ پاڻي شاگردن کي سٺي طريقي سان نه پيو ملي ان جي وجهه اڃا تائين شاگردن کي ناهي ٻڌائي وئي. هڪ شاگرد پنهنجي ڏک جو داستان ٻڌائيندي چيو ته پاڻي جو تمام گهڻو مسئلو رهيو آهي پر عجيب واقعا به ٿيندا رهيا آهن جئين ته هڪ دفعي ڊپارٽمينٽ وڃڻ لاءِ جڏهن آرام مان اٿيس ۽ واش روم جي طرف وڃي صابڻ استعمال ڪيس ته ان دوران ئي پاڻي ٽنڪي مان اچڻ ختم ٿي ويو. ڪجهه شاگردن کي هاسٽل جي اندر اچڻ لاءِ به مشڪلاتين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو انتظاميان سختي ڪري امن جي نشاني ته ظاهر ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ انهن کي کپي ته شاگردن جي والدين ۽ مائٽن کي وڌم ۾ وڌ 2 يا 3 ڏينهن رهڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ تسلي طور ته انهن جا ڪارڊ پاڻ وٽ رکيا وڃن جيستائين اهي هاسٽل جي اندر موجودآهن ته جيئن والدين شاگردن جي پرک پاڻ هاسٽل ۾ رهي ڪري سگهن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو مسئلو اهو به آهي ته هاسٽل صرف ۽ صرف شاگردن جي رهڻ جي جاءِ آهي پر هاسٽل ۾ اڻ ڳڻپ ڪتا پڻ رهن پيا جنهن جو اثر شاگردن تي پئي ٿو، جئين ته شاگرد هڪ هاسٽل کان ٻئي هاسٽل ڏانهن وڃڻ کان محروم آهن خاص طور تي محترم بينظير بهڻو شهيد هاسٽل ۾ 8 بجي کان بعد ۾ رومن مان نڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.
يا ائين کڻي چئجي ته سنڌيونيورسٽي واحد يونيورسٽي آهي جتي ڪتا به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. 
هاسٽل اندر صفائي به ٽائيم تي نه پئي ٿئي سئيپرن جو عملو عمومن غائب رهي ٿو. ڪيترن ئي سالن کان اهو ٻڌندا پيا اچون ته جلداز جلد هاسٽل تي انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ليڪن هر سال وانگر اهي واعدا پنهنجي جاءِ ته قائم  وادائم آهن خاص طور تي ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر سان تعلق رکندڙ شاگرد هاسٽل ۾ انٽرنيٽ نه هجڻ تي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. 

Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi 

Friday, 4 March 2016

Sadam Lashari article on education

Revised 
نالو؛ صدام حسين لاشاري  
ڪلاس؛ ايم .اي پريويس
رول نمبر: 52

آرٽــــــيڪـــــل
علم جي روشني

علم اها روشني آهي جنهن کي ليکڪن ۽  مورخين ٽئين اک سڏيو آهي ۽ هي اها اک آهي جنهن جي ڪڏهن به بينائي ختم نه ٿي ٿئي وري اهو چوڻ ۽ سمجهائڻ به ضروري آهي ته ٻن اکين جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ هن ٽئين  اک کي علم جي اک ئي ڇو سڏيو ويو آهي ان ڳالهه جي خبر تڏهن پئي جڏهن پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ڏٺا.
ٽئين اک کي  (علم جي روشني) سڏيو وڃي ٿو ۽ علم واري اک سڏيو وڃي ٿو. اگر ڪنهن اڻ پڙهيل جي سامهون ڪجهه ڪتاب يا علم جون ڪجهه ڳالهيون سامهون رکجن ۽ ان کان پڇا ڪئي وڃي ته هي ڇا آهي پر هو ڏسي به نه ڏسي سگهندو هن وٽ اکيون ته آهن پر اها ٽئين اک ڪانه آهي جيڪا  ان وقت کلندي  آهي. جڏهن اهي ٻئي اکيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.  ۽ اهي ٻئي اکيون هميشه لاءِ بند ٿي وڃن ٿيون  پر ان ٽئين اک جي روشني هميشه معاشري ۾  روشني ڏيندي  رهندي آهي.
علم اها روشني آهي جيڪڏهن ڪو حاصل ڪري ته انسانيت جي اعليٰ مقام تي پهچي اگر ان کان محروم ٿئي ٿو ته جهالت  جي هٺين طبقي تي اچي پهچي ٿو ۽ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته علم واري  ۽ جاهل جي ڀيٽ ڪرڻ ناممڪن آهي. علم جي روشني ۽ ان جي حيثيت متعلق اوهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته  خدا نخواسته  اگر اسان جي ملڪ تي غير ملڪي طاقتون حملو  ٿيون ڪن ۽ اسان جي هر شيءَ فنا ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جي ڪجهه علائقن ۾ پڙهيل لکيل ٻار ۽ استاد زندهه بچي وڃن ته پوءِ اهو ضرور چيو ويندو ته اڃا اسان فنا ناهيون ٿيا ڇو ته هي علم جا  رکوالا علم جي روشني کي ڦهيلائي ۽  چارو طرف علم جي روشني کي نافذ ڪري ڇڏيندا ۽ علم جي روشني جا ڪرڻا سڀني جي دلين کي منور ڪري ڇڏيندا.
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ان جي تعليمي ادارن کي اگر تباهه ڪجي ته اهو ملڪ  پاڻ مرادو تباهه ٿي ويندو پر!!!!! معاضرت سان مون کي چوڻ پوندو ته تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. اگر ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي پڙهيل لکيل فردن ۽ استادن کي جيستائين قتل نه ڪيو ويندو تيستائين اهو ملڪ تباهه نه ٿيندو، ان جي وجهه اها آهي ته اگر تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويندا ته ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه هوندو ڇو ته اتان جا باشندا  پنهنجي ٻارن ۽ ٻين کي ڪهڙي به جڳهه تي تعليم ڏئي سگهن ٿا.
هي اها روشني آهي جنهن کي  ڪير وسائي به وسائي  نه ٿو سگهي ختم ڪري به ختم نه ٿو ڪري  سگهي هڪوڏو مثال اوهان جي سماهو آهي ملال يوسفزئي جنهن کي  تعليم جي جي دشمنن تعليم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن  هن بُردبار ڇوڪريءَ اهو پوري دنيا کي مڃرائي ڏيکاريو ته علم جي روشني کي ڪير به قيد نه ٿو ڪري سگهي ۽ هي اهي ڪرڻا آهن جيڪي انسان جي اندر کي اجاري سگهن ٿا. تاريخ گواهه آهي دنيا تي  حڪومت ڏاڍ ۽ زبردستي سان ناهي ڪئي وئي، بلڪه حڪومت صرف ۽ صرف قلم جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. علم جي روشني جا ڪرڻا انسان  کي جيئڻ جو فسلفو سيکاريندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي  ته 2016 ع سنڌ ۾ تعليم لاءِ جيڪا بجٽ مقرر ڪئي وئي  اها 114 ارب تي مشتمل هئي  پر ان جي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا ۽ انهن پئسن کي تعليم تي استعمال نه ڪيو ويو.
اڃا  به هن دنيا ۾ اهي خود غرض انسان رهن پيا جن کي دنيا جي هر آسائش هجڻ جي باوجود  اهي علم حاصل ڪرڻ وارن غريب شاگردن جي مدد نه پيا ڪن ۽ اهي ئي شاگرد دولت  جي نه هجڻ سان  پنهنجي تعليم  پوري ڪرڻ واري خواب کان محروم  ٿيو وڃن ٿا، ۽ علم جي ورشني کان هميشه لاءِ دور ٿيو وڃن،  اها ڪمي انهن شاگردن جي نه پر ان شهر ۽ حڪومت جي آهي جيڪا ميٽرو بس جهڙن فضول شين تي  خرچ ڪري سگهي ٿي، پرتعليم  تي خرچ ڪرڻ کان  ڪيٻائي پئي. مان انهن شاگردن کي جس پيش ڪيا ٿو جيڪي غريب  هجڻ جي باوجود علم جي روشني کي حاصل  ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به کپي ته غريب شاگردن کي غريبي واري ڪوٽا  تي مفت ۾  تعليم  حاصل ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪري.

U should send it according to the instructions. File name, subject name should be proper, 
This is no way article, rather it is essay.
Not according to approved outline. Referred back

آرٽيڪل
علم جي روشني
                                                                                                                                                                           صدام لاشاري