Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts
Showing posts with label آرٽيڪل. Show all posts

Monday, 17 February 2020

تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام Imtiaz Abbasi

 Imtiaz Abbasi
تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام
امتياز عباسي ايم اي پريويس (ايم سي اٺاويهه)
اڄ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي فضا ڇانيل آهي هر ٻيو ملڪ دهشتگردي کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُها دهشتگردي جيڪا پهريان صرف سياسي جلسن جلوسن تائين محدود هئُي اها اڄ اچي اسان جي تعليمي ادارن تي پهتي آهي جتي اسان جا معصوم ٻار اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا نام نهاد دهشتگرد انهن تي پنهنجي بهادري آزمائين ٿا.جڏهن ته هڪ سلگون تي سڄي دنيا عمل ڪندي آهي جتي به جنگ هجي اتي اتان جي تعليمي ادارن اسپتالن عبادتگاهن معصوم ٻارن عورتن ۽ پيرسن ماڻهن کي نشانو ناهي بڻائڻو پر اڄ جا دهشتگرد جيڪي اسلام جا سچا پوئلگ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا امتي  سمجهن ٿا جڏهن ت اسلام ۾ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آهي پر هي وهشي دريندا غافلن جي راه تي هلي ڪري اسلام کي نقصان پهچائي رهيا آهن توهان کي ياد هوندو ته نائجيريا جيڪو مسلمان ملڪ آهي اتي جي نام نهاد بڪوحرام نالي  اسلامي ٺيڪيدار نائجيريا جي هڪ يونيوسٽي مان ٻه سو کان وڌيڪ شاگردياڻين کي اغوا ڪري ڪجھ مهينن کان پوء انهن کي جڏهن ظاهر ڪيو تـ خبر پئي تـ انهن اسلام جي ٺيڪيدار پنهنجي وهشين سان انهن جا نڪاح پڙهائي ڇڏيا ڇا اسلام اسان کي اهو سيکاريو آهي ۽ هي ٻيو واقعو جيڪو اسان ملڪ ۾ ٿيو جنهن اسان جون نينڊرون حرام ڪري ڇڏيون انهن اسلام جي ٺيڪيدارن جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اتي معصوم ٻارن جي مٿان  بندقون جا منهن ڪنهن ساوڻي جي برساتن جيان کولي ويا ۽ چند گهڙين ۾ ٻـ سو کان وڌيڪ گلن کي موت جي نيند سمهاريو ويو  اهي اسان زخم اڄان تازا ئي هئا تـهنن وحشين باچا خان يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿي ويا ۽ اتي هنن استاد ۽ شاگردن تي گولين جو مينهن وسايو ۽ وري مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهي جيڪي واقعا پيش آيا انهن ادارن ۾ حفاظتي انتظام سخت هجڻ باوجود اهڙا ڪيئس ڪيا ويا ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکي سنڌ جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جي حالت ڏسون تـ  اسان جي ڄامشوري ۾ ٽـ يونيورسٽيون آهن انهن جا حفاظتي انتظام بـ اهڙا ڪارائتا نه آهن جو ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي مُنهن ڏئي سگهن ڇو ته جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار جنت حاصل ڪرڻ لاء مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن انهن جي آڏو اهڙا انتظام ڪجهه به نه آهن ٻئي طرف وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد سکر نواب شاه ۽ خيرپور ميرس جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي اندروني سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاري وارا ڪک آهن خدا نه ڪري جو  وري اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ۽ اسان جي مائرن جون جهوليون وري اجڙي وڃن انهن جي جگر جي ٽڪرن مٿان وري بندوقون ڀونڪي پون اهڙن واقعن کان بچڻ لاء اسين پاڪستان جي وس وارن سيڪيورٽي ادارن ڱي پر زور اپين ٿا ڪيون ته مستقبل جي معمارن کي جون زندگيون بچايون وڃن تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن اسان جي خوابن جي تڪميل لاء اسان سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن معصوم ٻارن کي ۽ انهن مائرن کي جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي قوم جي سرمائيو بڻائڻ لاء انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تن مائرن جي جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ کان بچايو وڃي.    

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Friday, 4 March 2016

Sadam Lashari article on education

Revised 
نالو؛ صدام حسين لاشاري  
ڪلاس؛ ايم .اي پريويس
رول نمبر: 52

آرٽــــــيڪـــــل
علم جي روشني

علم اها روشني آهي جنهن کي ليکڪن ۽  مورخين ٽئين اک سڏيو آهي ۽ هي اها اک آهي جنهن جي ڪڏهن به بينائي ختم نه ٿي ٿئي وري اهو چوڻ ۽ سمجهائڻ به ضروري آهي ته ٻن اکين جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ هن ٽئين  اک کي علم جي اک ئي ڇو سڏيو ويو آهي ان ڳالهه جي خبر تڏهن پئي جڏهن پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ڏٺا.
ٽئين اک کي  (علم جي روشني) سڏيو وڃي ٿو ۽ علم واري اک سڏيو وڃي ٿو. اگر ڪنهن اڻ پڙهيل جي سامهون ڪجهه ڪتاب يا علم جون ڪجهه ڳالهيون سامهون رکجن ۽ ان کان پڇا ڪئي وڃي ته هي ڇا آهي پر هو ڏسي به نه ڏسي سگهندو هن وٽ اکيون ته آهن پر اها ٽئين اک ڪانه آهي جيڪا  ان وقت کلندي  آهي. جڏهن اهي ٻئي اکيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.  ۽ اهي ٻئي اکيون هميشه لاءِ بند ٿي وڃن ٿيون  پر ان ٽئين اک جي روشني هميشه معاشري ۾  روشني ڏيندي  رهندي آهي.
علم اها روشني آهي جيڪڏهن ڪو حاصل ڪري ته انسانيت جي اعليٰ مقام تي پهچي اگر ان کان محروم ٿئي ٿو ته جهالت  جي هٺين طبقي تي اچي پهچي ٿو ۽ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته علم واري  ۽ جاهل جي ڀيٽ ڪرڻ ناممڪن آهي. علم جي روشني ۽ ان جي حيثيت متعلق اوهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته  خدا نخواسته  اگر اسان جي ملڪ تي غير ملڪي طاقتون حملو  ٿيون ڪن ۽ اسان جي هر شيءَ فنا ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جي ڪجهه علائقن ۾ پڙهيل لکيل ٻار ۽ استاد زندهه بچي وڃن ته پوءِ اهو ضرور چيو ويندو ته اڃا اسان فنا ناهيون ٿيا ڇو ته هي علم جا  رکوالا علم جي روشني کي ڦهيلائي ۽  چارو طرف علم جي روشني کي نافذ ڪري ڇڏيندا ۽ علم جي روشني جا ڪرڻا سڀني جي دلين کي منور ڪري ڇڏيندا.
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ان جي تعليمي ادارن کي اگر تباهه ڪجي ته اهو ملڪ  پاڻ مرادو تباهه ٿي ويندو پر!!!!! معاضرت سان مون کي چوڻ پوندو ته تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. اگر ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي پڙهيل لکيل فردن ۽ استادن کي جيستائين قتل نه ڪيو ويندو تيستائين اهو ملڪ تباهه نه ٿيندو، ان جي وجهه اها آهي ته اگر تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويندا ته ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه هوندو ڇو ته اتان جا باشندا  پنهنجي ٻارن ۽ ٻين کي ڪهڙي به جڳهه تي تعليم ڏئي سگهن ٿا.
هي اها روشني آهي جنهن کي  ڪير وسائي به وسائي  نه ٿو سگهي ختم ڪري به ختم نه ٿو ڪري  سگهي هڪوڏو مثال اوهان جي سماهو آهي ملال يوسفزئي جنهن کي  تعليم جي جي دشمنن تعليم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن  هن بُردبار ڇوڪريءَ اهو پوري دنيا کي مڃرائي ڏيکاريو ته علم جي روشني کي ڪير به قيد نه ٿو ڪري سگهي ۽ هي اهي ڪرڻا آهن جيڪي انسان جي اندر کي اجاري سگهن ٿا. تاريخ گواهه آهي دنيا تي  حڪومت ڏاڍ ۽ زبردستي سان ناهي ڪئي وئي، بلڪه حڪومت صرف ۽ صرف قلم جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. علم جي روشني جا ڪرڻا انسان  کي جيئڻ جو فسلفو سيکاريندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي  ته 2016 ع سنڌ ۾ تعليم لاءِ جيڪا بجٽ مقرر ڪئي وئي  اها 114 ارب تي مشتمل هئي  پر ان جي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا ۽ انهن پئسن کي تعليم تي استعمال نه ڪيو ويو.
اڃا  به هن دنيا ۾ اهي خود غرض انسان رهن پيا جن کي دنيا جي هر آسائش هجڻ جي باوجود  اهي علم حاصل ڪرڻ وارن غريب شاگردن جي مدد نه پيا ڪن ۽ اهي ئي شاگرد دولت  جي نه هجڻ سان  پنهنجي تعليم  پوري ڪرڻ واري خواب کان محروم  ٿيو وڃن ٿا، ۽ علم جي ورشني کان هميشه لاءِ دور ٿيو وڃن،  اها ڪمي انهن شاگردن جي نه پر ان شهر ۽ حڪومت جي آهي جيڪا ميٽرو بس جهڙن فضول شين تي  خرچ ڪري سگهي ٿي، پرتعليم  تي خرچ ڪرڻ کان  ڪيٻائي پئي. مان انهن شاگردن کي جس پيش ڪيا ٿو جيڪي غريب  هجڻ جي باوجود علم جي روشني کي حاصل  ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به کپي ته غريب شاگردن کي غريبي واري ڪوٽا  تي مفت ۾  تعليم  حاصل ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪري.

U should send it according to the instructions. File name, subject name should be proper, 
This is no way article, rather it is essay.
Not according to approved outline. Referred back

آرٽيڪل
علم جي روشني
                                                                                                                                                                           صدام لاشاري

Wednesday, 2 March 2016

ڄامشورو جون ڪالونيون Faheem Memon

Feedback later . Photo needed.
U did not observe para.
There is no human angle, issues, problems etc. Some private people have also  constructed buildings etc.
Faheem Memon

آرٽيڪل
ڄامشورو جون ڪالونيون                                             

فهيم احمد ميمڻ

ڄامشورو سنڌ جو هڪ بهترين شهر آهي. جنهن ۾ سنڌو درياءِ جي پيٽ تي ڪوٽري بئراج اڏيل آهي. ڄامشوري ۾ ٽي يونيورسٽيون پڻ آهن جن يونيورسٽين ۾ سڄي دنيا مان  شاگرد پنهنجي علم جي انڃ اجهائڻ اچن ٿا. ڄامشورو شهر پنهنجي ٿڌي هوائن جي ڪري مشهور ته آهي ئي پر ڄامشوري ۾ ڪوٽري بئراج تي ٺهيل مشهور المنظر نالي هوٽل پڻ مشهور آهي.

ڪوٽري بئراج جي ساڄي هٿ تي المنظر هوٽل کان اولهه  طرف ٻه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻه سرڪاري ڪالونيون آباد آهن. هنن ڪالونين ۾ مفاصلو صرف هڪ قبرستان جو آهي هڪ ڪالوني  جو نالو آر. بي . بي ڪالوني ۽ ٻيءِ جو نالو ايم. سي. پي واپڊا ڪالوني آهي. هنن ڪالونين جي اَڏاوت سرڪار پاران ڪوٽري بئراج جي ٺهڻ کان ڪجھ وقت اڳ ۾ ڪرائي وئي.  هنن ڪالونين ۾ عام ماڻهن سان گڏ سرڪاري ادارن جا ملازم رهن ٿا جن ۾اڪثريت واپڊا ۽ ايريگيشن جي ملازمن جي آهي 

ڪالونين ۾ ٺهيل گهرن جو تعداد لڳ ڀڳ ارڙهه سئو کان اڻويهه سئو ٿيندو. هنن ڪالونين جا ماحول تمام سڪون بخشيندڙ آهي ۽ ماڻهون پيار محبت ۽ ايڪي اتحاد  سان رهن ٿا.  هنن ڪالونين ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ الڳ الڳ  فٽ پاٿن سان گڏ ڪشادا رستا ٺهيل آهن جتان ڪالونين ۾ رهندڙ عوام ۽ ٻين ماڻهن جو اچڻ وڃڻ  ٿئي ٿو. ڪالونين ۾ ڊرينيج لاءِ هر گهٽيءِ ۾ ناليون ٺهيل آهن جن جي ذريعي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڪالونين کان ٻاهر موڪليو ٿو وڃي ۽ واٽر سپلاءِ جي لاءِ به سرڪاري ٽانڪيون ٺهيل آهن جن جي ذريعي استعمال جو پاڻي جمع ڪري گهرن تائين پهچايو ٿو وڃي.  ڪالونين ۾ ڪواٽر نموني گهر ٺهيل آهن جن ۾ ننڍن ڪواٽرن کان وٺي وڏا ڪواٽر  اچي وڃن ٿا.  

هنن ٻنهي ڪالونين کي الڳ الڳ سهولتون ميسر آهن جهڙوڪ ٻنهي ڪالونين کي الڳ بهترين پلي گرائونڊ مليل آهن جن نوجوان ۽ ننڍا ٻار شام جي ٽائيم راندين ۾ ڪرڪيٽ وغيره کيڏن ٿا. هنن ڪالونين ۾ سرڪاري اسڪول پڻ موجود آهن جن ۾ نياڻين لاءِ الڳ اسڪول  آهن جتان هر سال ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي نڪرن ٿا ۽ ڪالونين ۾ پرائويٽ اسڪول پڻ آهن جيڪي پڻ ٻارن کي معياري تعليم ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه سرڪاري اسپتالون موجود آهن جتي مريض پنهنجي ننڍين وڏين بيمارين جي علاج لاءِ اچن ٿا ۽ ان سان گڏ سرڪاري بهبوده آبادي وارن جي آفيس پڻ آهي جيڪا پڻ پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي.

 هنن ڪالونين ۾ سرڪاري ادارن جو آفيسون به آهن جنهن ۾ آر . بي . بي ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ سان ٻه آفيسون آهن هڪ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ڊويزنل آفيس ۽  ٻي ايف. ڊبليو. او ( فرنٽيئر ورڪ آرگنائزيشن) وارن جي آفيس آهي

اهڙي طرح ايم. سي. پي واپڊا ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ  سان واپڊا وارن جي آفيس آهي ۽ ٻي اندر ڪالوني جي آخر ۾ واپڊا وارن جو ٽريننگ سينٽر آهي جتي واپڊا جي ملازمن کي  ٽريننگ ڏني ويندي هئي هن مهل اُها آفيس زبون حالت ۾ آهي ۽ ٽريننگ به نه ڏيڻ جي برابرر ڏني ٿي وڃي ۽ واپڊا ڪالوني ۾ هڪ  يونين ڪائونسل جي آفيس  آهي جتي علائقي جا ماڻهون پنهنجا رهائشي سرٽيفڪيٽ ، پيدائش جا سرٽيفڪيٽ وغيره ٺهرائڻ اچن ٿا.  ان يونين ڪائونسل آفيس کي هڪ مهينو پهريان ٽائون آفيس جو درجو پڻ ڏنو ويو آهي.         

فهيم احمد ميمڻ
2k16/MMC/20

ٿر جي ڏُڪار کي ميڊيا ڪيئن ٿي ڏسي ؟ Aakash Hameerani

Feed back later 
Aakash Hameerani 
ٿرپارڪر جي ڏُڪار کي ميڊيا  ڪيئن ٿي ڏسي ؟
آڪاش هميراڻي 
2K16/MMC/10/SU Jamshoro
صحراءِ ٿر! سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پسماندگي جي لحاظ کان اول نمبر تي آهي. وسيلن سان مالا مال هن خطي ۾ زندگي ءَ جو نالو رُڳو ڏسڻ ۽ بُکون ڪاٽڻ ئي آهي. ٿرپارڪر ۾ موجود ڪوئلي  جون ايتريون ته کاڻيون آهن جو اُن ڪوئلي جي کوٽائي سچي نيت ۽ بهتر انداز ۾ ڪئي وڃي ته اهو ڪوئلو ايندڙ سئو سالن تائين سنڌ سولائي استعمال ڪري سگهي ٿي. 9600 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل ڪوئلي جي ٽن بلاڪن تي کوٽائي جو ڪم هلندڙ آهي پر افسوس! اڄ ڏينهن تائين نه ئي ڪوئلي جي حدن ۾ آيل مارو ماڻهن کي سندن زمين جي رائلٽي ملي سگهي آهي. نه ئي ڪوئلي جي کوٽائي تي  ڪم ڪندڙ نجي ڪمپنين ۾ مقامي نوجوانن کي پذيرائي ملي آهي. 19638 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هن وشال ٿر جي ڪُل آبادي 914291 آهي. ۽ چوپايي مال جو تعداد پڻ 1032938 آهي. ڇهن انتظامي يونٽن تي مشتمل هن ضلعي جي ماڻهن جي صحت جي ڇا ڳالهه ڪجي ! ايٿوپيا ۾ ٻار ميراسمس وگهي مرن ٿا ۽ ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب مرن ٿا. فرق صرف ايترو ئي آهي. مختلف سماجي تنظيمن جي گهيري هيٺ آيل هن خطي جا اڌ ڍاوا ۽ ڪنگال ٻار بسڪيٽ جو هڪڙو پئڪيٽ وٺندي، ڦوٽو ڪڍندڙ سماجي اڳواڻ کي وڏو ڪمال جو پروجيڪٽ پيش ڪرائي سگهن ٿا.
مٺيءَ سو ل اسپتال سميت ٿر  ۾ پنجن بُنيادي صحت مرڪز اسپتالن تي ٻڌل صحت جون سهوليتون هيڏي وسيع ۽ وشال ٿر جي سمورن ماڻهن کي ڪيئن ٿيون سهولتون مهيا ڪري سگهن. اهو به وڏو الميو آهي ته سڄي ٿر ۽ اهم ۽ اپگريڊيڊ سول اسپتال مٺي ۾ بسترن جو تعداد ئي  ڪُل ملائي 70 هُجي ته ڏُڪاريل ڏيهه جي هزارين معصوم ٻارڙن کي ڪيئن ٿو بچائي سگهجي؟
چوپايو مال، جيڪو ٿر جي ماڻهن جو گُذارن ۽ وسيلو آهي، جيڪو پڻ برساتون نه پوڻ ۽ ڏُڪاري صورتحال سبب مري رهيو آهي،  ۽ وڏي تعداد ۾ بيمار پڻ آهي. ڏُڪار جي صورتحال کي ڏسندي مارو ماڻهو بئراجي علائقن طرف لڏ پلاڻ ڪندا آهن، لڏپلاڻ ڪندڙن جو وڏو تعداد اُنهن جو ئي هوندو آهي جن وٽ ٿورو گهڻو مال هوندو آهي. لڏپلاڻ جي دوران پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مسلسل بُکن سبب گهڻو تڻو مال بئراجي علائقن تائين پهچندي يا ته مختلف بيمارين جي ور چڙهي وڃي ٿو  يا ته مري وڃي ٿو. هن سڄي دور ۾ ڀاڳيي کي گهڻو خرچ برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو مال وڪڻڻ جي صورت ۾ ئي هُجي ٿو. 
گُذريل ٽن چئن سالن کان ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون ۽ ٻارن تي موت جي راڪاس جو رقص جاري آهي. چوپايو مال توڙي پيئڻ جي صاف پاڻي، ڪڻڪ جي غير منصافاڻا ورڇ ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ هلي رهي آهي. اُن سڄي دور کي ميڊيا ڪيترو ۽  ڪيئن ڏٺو آهي، اچو ته اُن جو جائزو پيش ڪيون.
2014ع وارو ڏُڪار
سال 2014ع جي شروعاتي ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ٻارن ۾ مختلف وائرل بيماريون  پکڙجڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ گيسٽرو، ميلريا، ڊائريا، نمونيا، سائي توڙي غذائي کوٽ (Malnutrition)  پڻ ميڊيا تي رپورٽ ٿي آهي. مٺي توڙي ٿر جي سڀني بنيادي صحت مرڪز اسپتالن ۾ وقت به وقت اهڙي قسم جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون. 2014ع ۾ ئي مجموعي طور تي 600 ٻارڙن جون فوتگيون رپورٽ ٿيون، اُن سڄي صورتحال ۾ ميڊيا حڪومت جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي. ماڻهوءَ لڏپلاڻ ڪندا رهيا ۽ چوپايي مال جو مرڻ به ميڊيائي موضوع رهيو آهي. 2014ع ۾ ٿر جي فطرتي حُسن جي شاهڪار مور پکين ۾ “راڻي کيت” نالي  وائرل بيماري پکڙي، جنهن سبب ٿر ۾ موجود مورن جو وڏو تعداد موت جي ور چڙهي ويو.  پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مسلسل رپورٽنگ کانپوءِ سول سوسائٽي پڻ تحرڪ ۾ آئي ۽ انتظاميا کي هن مسئلي تي اکيون کولرايون.۽  نيٺ انتظاميا پڻ سُڄاڳ ٿي. وائلڊ لائيف کاتو حرڪت ۾ آيو ۽، وٽرنري ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم کي ٿر موڪليو ويو جنهن بيماري جي نشاندهي ڪري ڳوٺاڻن کي مختلف ذريعن وسيلي مورن جي بچاءُ بابت آگاهي ڏني وئي.
سال 2014ع ۾ بيروزگاري، غربت، امدادي ڪڻڪ جي غيرمنصفياڻا ورڇ توڙي ٿري ماروئڙن جا انيڪ مسئلا اخباري سُرخين جي زينت بڻجندا رهيا. 
2015ع وارو ڏُڪار
هن سال جي شروعاتي چئن مهينن سميت آگسٽ تائين ٻارن جو وڏو تعداد غذائي کوٽ سبب  فوت ٿيو.2015ع جي ڏُڪار کي ميڊيا تمام گهڻو هاءِ لائيٽ ڪيو آهي. هن سال ۾ ٻارن جي ننڍي عمر(يعني ڄم کان ٻه ۽ ٽي سال تائين) وارن ٻارن جي موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو. اِن ئي سال قومي ميڊيا جي  اِن سيٽيلائيٽ گاڏين ٿر جو رُخ ڪيو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿر جي ٻرندڙ مسئلن کي خوب رپورٽ ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ مٺيءَ ۾ ڪوٺايو ويو، وزيراعليٰ سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان بريفنگ پڻ ورتي ۽ حڪومت طرفان سول اسپتال مٺيءَ کي مختلف سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون ۽ اسپيلشسٽ ڊاڪٽرن کي پڻ ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو . ٿر جي ماڻهن کي مُفت ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اها ٻي ڳالهه جو اها صحيح وقت نه ملي سگهي ۽ نه برابري جي بنيادن تي  ورڇ ٿي سگهي. انهي سال مورن جو چڱو خاصو تعداد پڻ ڏُڪار سبب متاثر ٿيو. مال پڻ مختلف بيمارين سبب مرندو رهيو. چوپايي مال ۾ رڍن جو تمام وڏو تعداد پڻ موت جو شڪار ٿيو. پر اهو صحيح طريقي سان  سموري ميڊيا کي نظر نه اچڻ سبب دٻيل رهيو،  انهي سال ۾ صحت تي ڪم ڪندڙ   Ngo’s ميڊيا سان تعاون هجڻ ڪري صحت جي صورتحال کي وس آهر آگاهه پڻ ڪنديون رهيون، اُن ئي سال ۾ Ngo’s جا وڏا پروجيڪٽ پڻ ظاهر ٿيا، پر صحت تي ڪو اثرائتو ڪم نه ڪري سگهيون. ساڳئي سال ۾ وزيراعظم طرفان ٿر پئڪيج جي صورت ۾ هڪ ارب رُپين جو اعلان ڪيو ويو، پر اُنهن منجهان پنجاهه ڪروڙ روپيا سال جي آخر تائين ملي نه سگهيا، ميڊيا  جي  مؤثر ۽ مسلسل محنتن سبب سنڌ سرڪار ڏڪار کان بچڻ لاءَ هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي پر اُها اڳتي هلي سُٺا نتيجا ڏئي نه سگهي، ساڳئي سال ٿر ۾ صاف شفاف پاڻي لاءِ سنڌ سرڪار هڪ نجي ڪمپني سان گڏجي آر . اوز پلانٽ لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن مان هيل تائين چند فڪشنل آهن ۽ باقي ناڪاره بڻيل آر. اوز پلانٽ کي پڻ ميڊيا جي ڪئمرا جي اک رپورٽ ڪيو آهي. 
مجموعي طور تي سال 2015ع ۾ 376 معصوم ٻارن سميت 600 مرد توڙي عورتون ڏُڪاري حالتن اڳيان زندگي جي جنگ هارائي موت جي مُنهن ۾ هليون ويون.
2016ع جو ڏُڪار
هي سال شروع ٿيندي ئي موت جو راڪاس ٿر جي معصوم ٻارڙن جون زنددگيون کسيندو پيو اچي، غذائي کوٽ سبب مرندڙ  معصوم ٻارڙن جي مائرن جو ن خالي ٿيندڙ جهوليون ٽِي وي اسڪرينن ۽ اخبارن جي رنگين سُرخين جي صورت ۾ ڏسبيون ۽ ڇپبيون رهيون. سال جي شروعات ۾ ٻارن جي فوتگي جون خبرون اچڻ بعد ٿر جي انتظاميا مستقل بُنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ ساڳئي پُراڻي رينگٽ، ڪڻڪ جي مفت ورهاست جو فيصلو ڪيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو رليف اڃان تائين ٿر جي عوام کي ملي ناهي سگهيو. هن سال جي ٻئي مهيني ۾ مورن جي مرڻ بابت پڻ هيڪڙ ٻيڪڙ خبرون رپورٽ ٿيون آهن ۽ چوپايي مال ۾ بيمارين جون خبرون پڻ ميڊيا جو مرڪز بڻيل رهيون آهن. هن سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو تعدا 235 ٿي ويو آهي. پر افسوس! هيڏي ايڏي انساني الميي جو تدارڪ اڃان تائين ناهي ٿي سگهيو!
نيٺ ڇا ڪجي؟
اچو ته وسيع ٿر، جيڪو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صحرا آهي. ٿر کي بچايون، پنهنجي واهڻ، وستي، وانڍ ۽  ننڍي ڳوٺ ۾ جتي به اسان موجود هُجون اُتان جي حالتن جو جائزو وٺون، اُتان ڏُڪارسبب متاثر ٿيندڙ هر اُن شيءَ کي ميڊيا تائين پهچايون ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته  ڏُڪار سبب اسان ڪيترو ڀوڳيو آهي ۽ ڪيترو ڀوڳي رهيا آهيون. سڀني ساڃاهه وندن کي هڪڙي هنڌ گڏجڻ گهُرجي ۽  پري وارن علائقن ۾  جتي ميڊيا جي رسائي سولائي سان ممڪن ناهي، اُتان جي پڙهيل لکيل ماڻهن سميت شاگردن ۽ نوجوانن کي آگاهي ڏجي ته جيئن اُتان ٿيندڙ  ڏُڪاري  حالتن جو پتو پوي. ميڊيا کي پڻ هن معاملي تيaccurate facts and figures  قائم رکڻ لاءِ جستجو جاري رکڻ گهُرجي ته جيئن اهو پتو پوي ته مسلسل ڏُڪارن سبب ٿر جي ماڻهن ڇا ڇا وڃايو آهي؟ ۽ مستقبل ۾ ڏُڪار کان بچڻ لاءِ اسان وٽ ڪهڙي منصوبابندي هُجڻ گهرجي. 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام Imtiaz Abbasi

u will get feedback later
Imtiaz Abbasi
تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام
 آرٽيڪل
امتياز عباسي ايم اي پريويس (ايم سي اٺاويهه)

اڄ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي فضا ڇانيل آهي هر ٻيو ملڪ دهشتگردي کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُها دهشتگردي جيڪا پهريان صرف سياسي جلسن جلوسن تائين محدود هئُي اها اڄ اچي اسان جي تعليمي ادارن تي پهتي آهي جتي اسان جا معصوم ٻار اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا نام نهاد دهشتگرد انهن تي پنهنجي بهادري آزمائين ٿا.جڏهن ته هڪ سلگون تي سڄي دنيا عمل ڪندي آهي جتي به جنگ هجي اتي اتان جي تعليمي ادارن اسپتالن عبادتگاهن معصوم ٻارن عورتن ۽ پيرسن ماڻهن کي نشانو ناهي بڻائڻو پر اڄ جا دهشتگرد جيڪي اسلام جا سچا پوئلگ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا امتي  سمجهن ٿا جڏهن ت اسلام ۾ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آهي پر هي وهشي دريندا غافلن جي راه تي هلي ڪري اسلام کي نقصان پهچائي رهيا آهن توهان کي ياد هوندو ته نائجيريا جيڪو مسلمان ملڪ آهي اتي جي نام نهاد بڪوحرام نالي  اسلامي ٺيڪيدار نائجيريا جي هڪ يونيوسٽي مان ٻه سو کان وڌيڪ شاگردياڻين کي اغوا ڪري ڪجھ مهينن کان پوء انهن کي جڏهن ظاهر ڪيو تـ خبر پئي تـ انهن اسلام جي ٺيڪيدار پنهنجي وهشين سان انهن جا نڪاح پڙهائي ڇڏيا ڇا اسلام اسان کي اهو سيکاريو آهي ۽ هي ٻيو واقعو جيڪو اسان ملڪ ۾ ٿيو جنهن اسان جون نينڊرون حرام ڪري ڇڏيون انهن اسلام جي ٺيڪيدارن جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اتي معصوم ٻارن جي مٿان  بندقون جا منهن ڪنهن ساوڻي جي برساتن جيان کولي ويا ۽ چند گهڙين ۾ ٻـ سو کان وڌيڪ گلن کي موت جي نيند سمهاريو ويو  اهي اسان زخم اڄان تازا ئي هئا تـهنن وحشين باچا خان يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿي ويا ۽ اتي هنن استاد ۽ شاگردن تي گولين جو مينهن وسايو ۽ وري مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهي جيڪي واقعا پيش آيا انهن ادارن ۾ حفاظتي انتظام سخت هجڻ باوجود اهڙا ڪيئس ڪيا ويا ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکي سنڌ جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جي حالت ڏسون تـ  اسان جي ڄامشوري ۾ ٽـ يونيورسٽيون آهن انهن جا حفاظتي انتظام بـ اهڙا ڪارائتا نه آهن جو ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي مُنهن ڏئي سگهن ڇو ته جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار جنت حاصل ڪرڻ لاء مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن انهن جي آڏو اهڙا انتظام ڪجهه به نه آهن ٻئي طرف وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد سکر نواب شاه ۽ خيرپور ميرس جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي اندروني سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاري وارا ڪک آهن خدا نه ڪري جو  وري اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ۽ اسان جي مائرن جون جهوليون وري اجڙي وڃن انهن جي جگر جي ٽڪرن مٿان وري بندوقون ڀونڪي پون اهڙن واقعن کان بچڻ لاء اسين پاڪستان جي وس وارن سيڪيورٽي ادارن ڱي پر زور اپين ٿا ڪيون ته مستقبل جي معمارن کي جون زندگيون بچايون وڃن تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن اسان جي خوابن جي تڪميل لاء اسان سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن معصوم ٻارن کي ۽ انهن مائرن کي جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي قوم جي سرمائيو بڻائڻ لاء انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تن مائرن جي جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ کان بچايو وڃي.         

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

پکين سان محبت

Not according to approved outline
پکين سان محبت

عبدالغفار وڌو 
محبت  ۽ نفرت انسان جو هڪ فطري عمل آهي، جڏهن اسان کي ڪجهه پسند ايندو آهي ته هو ان کي ڏسي ڏاڍو
 خوش ٿيندو آهي، يا ان سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه پسند نه ايندو آهي ته هو ان ڏانهن ڏسندو ئي ناهي يا ان سان نفرت ڪندو آهي، ائين ئي هر انسان جو نظريو به پکين جي باري ۾ ساڳيو هوندو آهي، اڪثر توهان ۽ اسان پنهنجي ماحول ۾ ڏٺو آهي ته گهڻا ئي ماڻهو پکين سان ڏاڍي محبت ڪندا آهن، ايتري قدر جو انهن کي وقت سر کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ انهن جي استعمال جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون به مهيا ڪندا آهن، آءُ ڪجهه ڏينهن پهريون حيدرآباد ويو هئس ته اوچتو منهنجي نظر هڪ پڃري واري تي پئجي وئي، جنهن وٽ ڪبوتر، طوطا، رنگارنگين جهرڪيون موجود هيون، مون سوچيو ڇو نه پکين جي باري ۾ ڪجهه پڇيو وڃي ته مون ان کان سوال پڇيو ته ماڻهو توهان کان پکي خريد ڪرڻ ڇو ايندا آهن؟ سوال جي جواب ۾ ان چيو، ڇو جو پکي اُهو خريد ڪندو آهي، جنهن جي انهن سان محبت هوندي آهي، اڪثر ماڻهو پکي خريد ڪري انهن کي گهرن ۾ پاليندا آهن ۽ ڪجهه وري انهن کي خريد ڪري اڏاري (آزاد ڪري) ڇڏيندا آهن ۽ ان جو اهو به چوڻ هو ته تقريبن ڪبوتر اڏارڻ يعني آزاد ڪرڻ لاءِ ۽ طوطا گهر ۾ پالڻ لاءِ ماڻهو وٺندا آهن. 
پکي قدرت واري جي هڪ خوبصورت مخلوق آهي، هي خشڪيءَ جو سفر ڪري نوشهروفيروز، ڪوهاٽ، سوات، چترال، پنجاب، هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍن ۾ اچي پوندا آهن. سڄي دنيا مان هجرت ڪري اچڻ وارن پکين جو تعداد هر سال 700,000 کان 1,200,000 تائين هوندو آهي، جيڪي سياري جي موسم گذارڻ لاءِ پاڪستان جو رُخ ڪندا آهن. 
سوال: پکي پاڪستان ڇو هجرت ڪندا آهن؟ 
ڇو ته سياري جي موسم ۾ يورپين ملڪن ۾ ٿڌ تمام گهڻي هوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نوان نوان خوبصورت پکي افغانستان جو رستو استعمال ڪندي پاڪستان جي خوبصورت ندين ۽ تلائن تي نظر ايندا آهن، جيئن ئي هي ڪنهن ملڪ ۾ پهچن ٿا اُتان جا ماڻهو انهن جي خوبصورتي ۽ قدرت جي طرفان پيدا ڪيل نظام کي ڏسڻ ايندا آهن وري اڪثر انسان هنن جو شڪار ڪندا آهن، شڪاري سياري جي موسم کي شڪار جي موسم به چوندا آهن، اهي هر روز 30 پکين کان وڌيڪ شڪار ڪندا آهن. 1970ع کان اڳ ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪري اچڻ وارن پکين لاءِ ڪي مخصوص قائدا ۽ قانون نه هئا، پوءِ ايران ۽ جرمني ٻنهي ملڪن ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هجرت ڪري ايندڙ پکين جي حفاظت ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان انهن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، پر هتان جا شهري قانون مطابق نٿا هلن. حڪومت کي گهرجي ته هو پڙهيل، لکيل ۽ سمجهدار ماڻهن کي پکين جي حفاظت واري ذميواري ڏي جيئن انهن جو باقي وجود رهي سگهي. 
پکين جي تحفظ لاءِ ڪراچي ۾ ماڻهن هڪ تنظيم جوڙي وي آهي، جنهن جو نالو “PFAR” آهي، هن تنظيم جو مقصد آهي، جانورن ۽ پکين جي حقن جي باري ۾ جاکوڙڻ يعني پاڪستان جي ڪهڙي به حصي ۾ اگر پکين کي ماريو وڃي ٿو، يا انهن ۾ ڪا بيماري پکڙجي وڃي ٿي ته ان جي مدد لاءِ هي تنظيم هر وقت تيار رهندي آهي، هي اسان جي معاشري ۾ خوبصورتي جو پسمنظر ڏيندا آهن، هنن جو خوبصورت آواز دل کي سڪون پهچائيندو آهي. 
ڇا توهان کي خبر آهي ته سڄي دنيا ۾ پکين جا 9000 کان به وڌيڪ قسم آهن ۽ پاڪستان ۾ پکين جو تعداد تمام گهڻو آهي، هتي 6 يا 7 سؤ پکين جا قسم آهن، سٺو ماحول، بهتر زندگي ۽ کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ انسان ئي نه پر جانور ۽ پکي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي لڏ پلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن، ڪجهه ته تمام تيز ٿڌن علائقن کان هزارين ميٽرن جو سفر ڪري گرم علائقن ۾ رهندا آهن، پر جيئن ئي انهن جي پنهنجي علائقي جي موسم وچٿري ٿيندي آهي ته هي وري واپس پنهنجي علائقن ڏانهن رُخ ڪندا آهن. 
اسان جي ماحول ۾ پکين سان نفرت ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي هنن سان محبت ته نه ڪندا آهن پر انهن کي نفرت جو شڪار بڻائي ماريو پيو وڃي، جيڪڏهن معاشري اندر پکين سان اهو ئي رويو رهيو ته هڪ ڏينهن اسان جي ماحول جي خوبصورتي بلڪل ختم ٿي ويندي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي ماحول جي سونهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايون. 

عبدالغفار وڌو 
M.A Previous (Mass Communication)
University of Sindh
2K16-MMC-02

انٽرنيٽ جا سنڌي سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

Rasheed Nizamani 
آرٽيڪل: رشيد احمد نظاماڻي
 ماس ڪميونيڪيشن
رول نمبر: 49
ڪلاس:ايم اي پريويس
انٽرنيٽ جا سنڌي سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر
انٽرنيٽ پنهنجي ايجاد کان وٺي ڏاڪي به ڏاڪي اهڙي ته ترقي ڪري رهيو آهي جو ڪيتريون ئي شيون ان ۾ سمائجي رهيون آهن.جيئن ته هر ٽيڪنالاجي پنهنجا اثر رکندي آهي اهڙي طرح انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي به اسان جي سماج تي حاوي ٿيندي وڃي پئي.انٽرنيٽ جتي اسان کي ڪيترائي فائدا پهچايا آهن اتي ان اسان جي سماج تي ناڪاري اثر پڻ ڇڏيا آهن.پوري دنيا سان گڏ سنڌي سماج تي به انٽرنيٽ جا ناڪاري اثر پيا آهن جن مان ڪجھ اهڙا آهن جيڪي پوري دنيا تي هڪجهڙا پئجي رهيا آهن پر ڪي انهن مان اهڙا آهن جن جا محرڪ هڪ پسمنظر رکن ٿا.
گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تيزي سان وڌيو آهي.هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2006ع ۾ آبادي جو 6.5 سيڪڙو ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا هئا جڏهن ته هاڻي اهو انگ 16 سيڪڙو تي پهچي چڪو آهي.
دنيا ۾ جتي انٽرنيٽ تعليم ۽ تفريح سان گڏ ڪيترن ئي سٺن ڪمن جو ذريعو بڻيل آهي اتي اسان وٽ سنڌ ۾ ان جو غلط استعمال گهڻو ٿي رهيو آهي.ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان کي انٽرنيٽ مان جيڪا شيءَ گهربل هجي ان کي ان ضرورت لاءِ استعمال ڪرڻ جي حد تائين ڪم ۾ آڻيون،جيڪڏهن اسان کي تفريح گھرجي ته ان کي ٿوري دير لاءِ تفريح طور استعمال ڪريون يا جيڪڏهن اسان کي ڪا معلومات گھرجي ته اسان ان کي معلومات حاصل ڪرڻ جي حد تائين استعمال ڪريون مطلب هي ته اسان انٽرنيٽ کي فضول ۽ ناڪاري ڪمن جي بجاءِ سٺن ۽ مثبت ڪمن لاءِ استعمال ڪريون پر افسوس ته ائين نٿو ڪيو وڃي.
اسان وٽ  سنڌ ۾انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت انٽرنيٽ تي فلمون ڏسي وقت وڃائين ٿا،ڪي بي مقصد چيٽنگ ٿا ڪن ته ڪي وري سوشل ميڊيا تي بي مقصد شيون شيئر ڪندا آهن يا فضول ۽ لا حاصل بحث ۾ وقت وڃائين ٿا.ٻيو ته انٽرنيٽ کي فحش مواد ڏسڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري اسان جي ماڻهن خاص طور نوجوانن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.فحش مواد ڏسڻ جي ڪري انهن جون ذهني صلاحيتون ختم ٿي رهيون آهن،هو تعليم کان پري ٿي رهيا آهن،هنن جي اخلاقي حالت بدتر ٿيندي وڃي پئي،هو صحتمند سرگرمين کان پري ٿيندا وڃن پيا جنهن ڪري هو معاشري جي سڌاري لاءِ ڪم اچڻ جي بجاءِ ابتو ان جي بگاڙ جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ ته فحش بيني جي اثر هيٺ هو سنگين ڏوهن جا مرتڪب ٿي ويندا آهن.اهڙن ڪيترن ئي واقعن جو مشاهدو اسان کي خبرن ذريعي ٿيو آهي.هاڻ ته ننڍا ٻار به انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن انهن تي به انٽرنيٽ جا ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جيئن انهن جو پڙهائي مان دلچسپي جو گھٽجڻ،تنهائي پسند ٿي وڃڻ،هڪ هنڌ ويهڻ جي ڪري انهن جي جسماني ۽ ذهني صحت متاثر ٿيڻ.
ٻار ۽ جوان قومن جو سرمايو هوندا آهن پر اسان سنڌي پنهنجو سرمايو وڃائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ٻارن ۽ جوانن تي پوندڙ اهي ناڪاري اثر سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان جي سماج تي پئجي رهيا آهن.
انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال جي ڪري اسان جا ماڻهو هاڻ پنهنجي ويجھي ماحول کان اوپرا ٿيندا وڃن جنهن ڪري اهي ڄڻ هڪ قسم جي اڪيلائي جو شڪار ٿيندا وڃن.انٽرنيٽ کان اڳ ۾ ماڻهو جڏهن ڪنهن سان ملندا هئا ته ان کان پورا حال احوال وٺندا هئا ۽ پنهنجي آسپاس جي خبرچار رکندا هئا پر اڄ اسان ڏسون ٿا ته اسان جي ماڻهن کي دنيا جي ته خبر آهي پر پنهنجي آسپاس کان بي خبر آهن.هاڻ ماڻهو گھر ۾ هجن يا دوستن سان گڏ ڪچهري ۾ سڀني جون نظرون پنهنجي موبائل جي اسڪرين تي هونديون.اهڙي طرح اسان گڏ هوندي به هڪٻئي کان پري ٿي ويا آهيون.
پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي عرصي کان حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ماڻهو پنهنجن گھرن تائين محدون ٿيندا وڃن پيا.سنڌ ۾ هڪ ته تفريح جون جايون ۽ موقعا تمام گھٽ آهن ٻيو ته هتي جي ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي خوف وڪوڙي ويٺل آهن.ماڻهن کي خوف رهي ٿو ته جيڪڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن کان رقم،موبائل فون يا گاڏي وغيره ڦر ٿي سگهي ٿي،هو اغوا ٿي سگهي ٿو يا ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تان هلايل گولي جو کاڄ بڻجي وڃي.پنهنجن ٻارن جي ٻاهر نڪرڻ جي حوالي سان ب کيس اهڙي قسم جا خدشا رهن ٿا ته ڪو سندن ٻار کي اغوا نه ڪري وڃي يا ڪو وحشي هيروئني سونين والين جي پٺيان سندس نياڻي کي ڪو نقصان نه پهچائي وجهي.هاڻ ته معصومن سان زنا جا واقعا به وڌندا وڃن.
انهن ۽ اهڙين ٻين ڳالهين جي ڪري اسان جا ماڻهن ٻاهر نڪرڻ  کان لنوائين ٿا اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جي سوشلائيزيشن متاثر ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان سوشلائيزيشن جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهو نه فقط پاڻ گهڻو وقت انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا بلڪه پنهنجن ٻارن کي به انٽرنيٽ جي گهڻي استعمال کان منع ڪون ٿا ڪن ۽ پوءِ اتان کان ئي انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال جي ڪري ان جا ناڪاري اثر پنهنجي جاءِ وٺڻ شروع ڪن ٿا.

اسان جي معاشري جي سڌاري جي راهه ۾ٻين رڪاوٽن سان گڏ انٽرنيٽ جوغلط استعمال به هڪ اهم رڪاوٽ آهي تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان انٽرنيٽ کي سٺن ۽ مثبت ڪمن لاءِ ۽ ضرورت مطابق استعمال ڪريون ۽ ان جي غلط استعمال کان پاسو ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي سماج کي ناڪاري اثرن کان بچائي سگهون. 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi