Showing posts with label Imtiaz Abbasi. Show all posts
Showing posts with label Imtiaz Abbasi. Show all posts

Monday, 17 February 2020

تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام Imtiaz Abbasi

 Imtiaz Abbasi
تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام
امتياز عباسي ايم اي پريويس (ايم سي اٺاويهه)
اڄ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي فضا ڇانيل آهي هر ٻيو ملڪ دهشتگردي کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُها دهشتگردي جيڪا پهريان صرف سياسي جلسن جلوسن تائين محدود هئُي اها اڄ اچي اسان جي تعليمي ادارن تي پهتي آهي جتي اسان جا معصوم ٻار اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا نام نهاد دهشتگرد انهن تي پنهنجي بهادري آزمائين ٿا.جڏهن ته هڪ سلگون تي سڄي دنيا عمل ڪندي آهي جتي به جنگ هجي اتي اتان جي تعليمي ادارن اسپتالن عبادتگاهن معصوم ٻارن عورتن ۽ پيرسن ماڻهن کي نشانو ناهي بڻائڻو پر اڄ جا دهشتگرد جيڪي اسلام جا سچا پوئلگ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا امتي  سمجهن ٿا جڏهن ت اسلام ۾ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آهي پر هي وهشي دريندا غافلن جي راه تي هلي ڪري اسلام کي نقصان پهچائي رهيا آهن توهان کي ياد هوندو ته نائجيريا جيڪو مسلمان ملڪ آهي اتي جي نام نهاد بڪوحرام نالي  اسلامي ٺيڪيدار نائجيريا جي هڪ يونيوسٽي مان ٻه سو کان وڌيڪ شاگردياڻين کي اغوا ڪري ڪجھ مهينن کان پوء انهن کي جڏهن ظاهر ڪيو تـ خبر پئي تـ انهن اسلام جي ٺيڪيدار پنهنجي وهشين سان انهن جا نڪاح پڙهائي ڇڏيا ڇا اسلام اسان کي اهو سيکاريو آهي ۽ هي ٻيو واقعو جيڪو اسان ملڪ ۾ ٿيو جنهن اسان جون نينڊرون حرام ڪري ڇڏيون انهن اسلام جي ٺيڪيدارن جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اتي معصوم ٻارن جي مٿان  بندقون جا منهن ڪنهن ساوڻي جي برساتن جيان کولي ويا ۽ چند گهڙين ۾ ٻـ سو کان وڌيڪ گلن کي موت جي نيند سمهاريو ويو  اهي اسان زخم اڄان تازا ئي هئا تـهنن وحشين باچا خان يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿي ويا ۽ اتي هنن استاد ۽ شاگردن تي گولين جو مينهن وسايو ۽ وري مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهي جيڪي واقعا پيش آيا انهن ادارن ۾ حفاظتي انتظام سخت هجڻ باوجود اهڙا ڪيئس ڪيا ويا ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکي سنڌ جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جي حالت ڏسون تـ  اسان جي ڄامشوري ۾ ٽـ يونيورسٽيون آهن انهن جا حفاظتي انتظام بـ اهڙا ڪارائتا نه آهن جو ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي مُنهن ڏئي سگهن ڇو ته جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار جنت حاصل ڪرڻ لاء مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن انهن جي آڏو اهڙا انتظام ڪجهه به نه آهن ٻئي طرف وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد سکر نواب شاه ۽ خيرپور ميرس جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي اندروني سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاري وارا ڪک آهن خدا نه ڪري جو  وري اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ۽ اسان جي مائرن جون جهوليون وري اجڙي وڃن انهن جي جگر جي ٽڪرن مٿان وري بندوقون ڀونڪي پون اهڙن واقعن کان بچڻ لاء اسين پاڪستان جي وس وارن سيڪيورٽي ادارن ڱي پر زور اپين ٿا ڪيون ته مستقبل جي معمارن کي جون زندگيون بچايون وڃن تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن اسان جي خوابن جي تڪميل لاء اسان سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن معصوم ٻارن کي ۽ انهن مائرن کي جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي قوم جي سرمائيو بڻائڻ لاء انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تن مائرن جي جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ کان بچايو وڃي.    

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi     

Sunday, 27 March 2016

ذوالفقار گاڏهي شاعر Imtiaz Abbasi,

Unchecked. Feed back later
MA/Prev/MC/28
Imtiaz Abbasi, 
شاعر تصوراتي دنيا جو بادشاھ
تحرير امتيازعباسي

شاعري جيڪا هزارين دلين جي ترجماني ڪندي آهي جيئين ڪو سياستدان ماڻهن جي نمائندگي وڃي اعلى ايوانن ۾ ڪندو آهي. تيئين ئي شاعر به ماڻهن جي دلين ۾ سمايل ڏکن ۽ خوشين جي ترجماني ڪندو آهي 
اگر ڳالھ شاعري جي آهي ته پوء خيرپور ناٿن شاھ جي ننگري به سرفهرست ۾ اچي ٿي جتي سنڌ جي وڏن وڏن شاعرن جنم ورتو آهي
جن ۾ حڪيم محمد صادق (طالب) عباسي، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، نشتر ناتن شاهي جي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي چپي چپي شامل ڪيو آهي ان ناٿن شاھ جي ننگري ۾ نوجوان شاعر جيڪو هن محل نوجوان شاعرن ريڙھ جي هڏي سمجهيو وڃي ٿو.
خيرپورناٿن شاھ سان تعلق رکڻ واري استاد ۽ شاعر شخصيت ذوالفقار گاڏهي آهي
ذوالفقار گاڏهي جنهن امداد علي گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو امداد گاڏهي کي ٽِي پُٽ جن ۾ وڏو فرزند ذوالفقار گاڏهي آهي جيڪو سڀني کان بچپن کان ئي الڳ ڌلڳ هُيو
شاعر
ذوالفقار گاڏهي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ شير محمد گاڏهي مان وٺڻ کان پوء خيرپور ناٿن شاھ جي ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪري سنڌ ورسٽي مان باٽني ۾ (ايم اي سي) ڪئي ۽ انهين شاگردي واري دور ۾ ئي ڄامشوري جي پٿر دل حسينه سان عشق چوٽ چڙهي ويو پر هڪ طرفي محبت ذوالفقار کي شاعر بڻجڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پو سسئي جيان پل پل تڙپ کي  پنهنجي شاعري ۾ ارچو جنهن کان پو شاعري جي حاق واھڻ واھڻ وستي وستي گلي وئي پو ان شاعري کي ڪتابن جي شڪل ملڻ شرط ئي سنڌ ذوالفقار گاڏهي کي پڙهڻ شروع ڪيو.

ذوالفقار گاڏهي جي ڪنهن ويجهي دوست ٻڌايو ته اهو حسن پرست به پڻ آهي جنهن هڪ چوڻي مشهور آهي ته حسن ڏسڻ جي طاقت هوندي آه اهو ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيندو هن حسن پرست شخصيت جي شادي پڻ پنهنجي خاندان مان ڪرائي وئي جنهن مان سندس کي چار پُٽ رحمان گاڏهي، احمد فراز، امداد گاڏهي، اشفاق عرف احم گاڏهي ۽ هڪ نياڻي پڻ دلارام آهي
استاد 
ذُالفقار گاڏهي سنڌ ورسٽي ۾ تعليم حال ڪرڻ کان پوء انگريزي استاد طور گوزو شهر جي هاء اسڪول ۾ ڀرٿي ٿيو جتي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي

راڳ رنگ
ذوالفقار گاڏهي راڳ رنگ جي دلچسپي رکڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ جو شوقين پڻ آهي ۽ استاد شاعر هجڻ سان گڏ ڪاڇي جو زميندار پڻ آهي
ڪتاب
ذوالفقار گاڏهي صاحب ڪتابن جا  تمام گهڻا شوقين پڻ آهن هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو گهر توڙي اسڪول ۾ پڻ ڪندا آهن سندس گهر جي ڪمري جي چارو طرف ڪتابن جي دنيا سجايل آهي.
وڌيڪ ڪهڙ هڻون حقيقت اها ئي آ 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Sunday, 6 March 2016

ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد Imtiaz Abbasi

Revised 
Primary and new data missing
ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد
                                                 Imtiaz Abbas                            (امتياز عباسي)
                                                                             ايم اي پريويس رول نمبر 28

آمريت جا اهي ڏينهن ملڪ جي عوام مٿان اذيتن جي ڏينهن هئا. ملڪ جو عوام مارشل لاء جي بدترين ڏينهن به حوصلا نه هاريا، ايستائين جو عوام جي محبوب ليڊر کي تختيدار تي پهچايو عوام ۽ حڪمرانن  جي وچ ۾  ڀٽي جي خون هڪ لڪير ڇڪي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ آمر حڪمرانن خلاف شديد نفرت جنم ورتو ۽ ان نفرت حڪمرانن کي ٻڌايوته مظلومن جي الڳ تاريخ آهي ۽ پوءِ ملڪ جي مظلوم عوام ظالم حڪمرانن جي خلاف ويڙھ شروع ڪئي. 04 اپريل 1979 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ  ملڪ جي سياستدانن ايم آر ڊي جو بنياد وڌو ضياءالحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي. جنهن ملڪ جي عوام کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته  ذوالفقار علي ڀٽوجي نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي.  اهو نعرو سندس موت کان پوءِ ختم ناهي ٿيو، اهو نعرو ته عوام جي تقدير جو ڏس آهي، اهڙي طرح عوام آمريت جي ظالم راڄ کي للڪاريندي روڊن، رستن، چوڪن، بازارن، ڳوٺن گھٽي گھٽي مان نڪري آيا. ايم آر ڊي تحريڪ کي هر ضلعي اندر منظم ڪيو ويو، 1982ع ۾ ضلعي دادو ۾ ايم آر ڊي تنظيم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ سيتا روڊ تي فاضل راهو ۽ غازي صلاح الدين  نه شرڪت ڪئي، الحاج ظفر خان لغاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو 15 آگسٽ 1983ع کان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جو آغاز ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڏني وئي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون پيش ڪرايون وڃن. 16 آگسٽ تي خيرپور ناٿن شاه جي ڪرڪنن کي دادو چوڪ وٽ گرفتاريون ڏيڻيون هيون. صبح کان وٺي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دادو چوڪ جي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ سيل ڪيو ڇڏيون هيون، ڪنهن به عام ماڻهو کي چوڪ تي اچڻ جي اجازت نه هئي. حڪمرانن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄو بندو بست ڪري ڇڏيو هو، خيرپور ناٿن شاه کان دادو ويندڙ رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي هئي.  پوءِ پي پي جي لياقت کوسي عوام تحريڪ جي رسول بخش بروهي جي وي آئي جي علي رضا کوسي عوامي تحريڪ جي شهاب عباسي غلام رحيم ملاح ننڍي عمر جي ڪارڪنن قاضي سرور صبح سويري روڊن بجاءِ ڪچن رستن وسيلي دادو پهتا. هنن جي ورن ۾ پنهنجي پارٽين جا جھندا هئا ۽ هٿن ۾ خالي لٺيون هيون. هنن جيئن ئي دادو چوڪ تي نعرا هڻي، ورن مان جھنڊا ڪڍي سخت نعرا هنيا ته اهلڪارن جي هوصلا پڻ خطا ٿي ويا. 17 آگسٽ تي دادو ۾ احتجاج ڪندڙ عوام مٿان اهلڪارن لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گئس جا شيل اڇلايا، موٽ ۾ عوام مڇرجي پيو هنن دادو جيل تي حملو ڪيو ۽ جيل ڀڃي ڇڏيا، سيشن ڪورٽ کي باه ڏئي سڄو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو ۽ سرڪاري ملڪيتن جي گھني ڀڃڊاه ڪئي. ايم آر ڊي سنڌي ماڻهن جي نفرت جو هڪ روپ هئي، 28 آگسٽ 1983 تي الحاج امير بخش جوڻيجو سابق ايم پي اي مرحوم ڪيترن ئي سائين جن ۾ فيصل ساند ، جان محمد بروهي، ابراهيم جوڻيجو گرفتاري لاءِ سوين ماڻهن جي قافلي سان ڪي اين شاه بس اسٽاپ تي هئا،  ته مٿان پوليس ڪڙهي پئي عوام جذبات ٿي وئي هنن پوليس اسٽيشن جو گھيرائو ڪيو ۽ انهن ڀتون ڊاهي ڇڏيون بعد ۾ مختيارڪار آفيس کي ساڙي ڇڏيو، سمورو رڪارڊ به سڙي ويو. ان وقت جي ايس ايڇ او محمد علي جٽ عوام جي مٿان شيل اڇلايا، ۽ انڌاڌنڌ گوليون هلايون جنهن ۾ 18 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز لاکير شهيد ٿي ويو. هو خيرپور ناٿن شاه ۾ ايم آر ڊي جو پهريون شهيد هو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليس جي ڏاڍ ماڻهن جي حوصلن کي بلند ڪري ڇڏيو، ۽ هي ماڻهو ايئن هوندو هو جيئن جيل ۽ انهن جي هٿن ۾ ٽي رنگو جھنڊو هو. ان ڏينهن شهر جا ماڻهو پاڻ مرادو ڪاروبار بند ڪري سموري شهرن جي چوڪن ۽ بس اسٽاپ تي پهچي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏئي، جيل ڀريندا هئا. اهو انقلاب هو ڪنهن به پارٽي جو ماڻهو هجي پر ان کي آمريت ۽آمر ضياء کان نفرت هئي. اهڙي طرح آمر ضياء خلاف نفرت ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري هو، 12 سپٽمبر 1983، جو ڏهاڙواهو ڏهاڙو هو، جڏهن سيتا روڊ جي ڪجھ ماڻهن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ماڻهن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو. ان وقت انهن جو هيڊ ڪواٽر ريسٽ هائوس هو، جتي انهن کي بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ مڪاني ماڻهن انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ريسٽ هائوس ڏانهن رخ ڪيو. هٿين خالي ماڻهن جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان مزاحمت ڪئي ته انهن سوين آيل ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. سوين ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ لاش ڪرندا رهيا. سمورا روڊ رت سان ڀرجي ويا. قانون لاڳو ڪرڻ وارن اهلڪارن سموري شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو، ڪيترائي لاش گم ڪري ڇڏيا. باقي شهيد غلام، نبي کوسو، شهيد الله ورايو لانگاه، شهيد نظام دين نائچ، شهيد حبيب الله لغاري، شهيد شاهنواز کوسو، شهيد عبدالغني ابڙو، شهيد ديدار کوکر، شهيد خمير جاگيراڻي، جا لاش ڏنا ويا شهيد عبدالعزيز لاکير، جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عشق ۾ اهو نه ڄاتو ته ڪو موت به ملندو، هنن شهادت ماڻي موت کي وساري تاريخ جي ورڪن ۾ منهنجا نالا سونهري اکرن ۾ لکرايا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي پرهيت هئا نه ڪي وڏا ماڻهو هئا نه ئي وڏن ماڻهن جا اولاد هئا. هو غريب مسڪين هئا انهن جي بيڪ گرائونڊ اهو هو ته ڪو هوٽل تي مزوري ڪندو هو، ڪو وري بٺيءَ تي ڪم ڪندو هو، ڪو وري ڳوٺن ۾ هاوپو ڪندو هو. جمهوريت لاءِ جانيون ڏيندڙ شهيدن جي خون ۽ انهن جي وارثن جو درد ڪيترو اونهو آهي.۽ جڏهن ته انهن ايم آر ڊي جي شهيدن جي ورثن کي پ پ پ حڪومت 2007 واري دور ۾ پٽيوالي ۽ چوڪيدار جون نوڪريون ڏنيون جن جي شهادت ملڪ ۾ جمهوريت آندي انهن جو ازالو پٽيوالي ۽ چوڪيداري جون نوڪريون ته نٿيون ڪري سگهن پ پ پ حڪمرانن کي گهرجي ته انهن جي وارثن جي وڌيڪ سهائتا ڪنجن جمهوريت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون جن پنهنجي گهرن جي باري ۾ نه سوچيو انهن شهيدن مان ڪي ته ماءُ پيءَ کي اڪيلا پٽ هئا هي درد ڪٿا ڪي اين شاه جي ايم آر ڊي جي شهيدن جي آهي جيڪي وطن تي قربان ٿيا آمريت اڳيان گوڏا نه کوڙيا جمهوريت ۾ ساه ڦوڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان کي انهن جون قربانيون وسارڻ نه گهرجن انهن جون قربانيون يقينن اسان لاءِ سبق آهن ۽اسان کي فخر آهي ۽ هجڻ به گهرجي هي حقيقي ڪهاڻي لکي منهنجي اکين جا ضبط ٽٽي پيا ۽ اڃا وڌيڪ لکي نٿو سگهان.
رت ديس تنهنجي راه ۾
 جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
تنهنجو به قرض لهي وڃي
منهنجو به نصيب ٺهي وڃي.

please observe paragraphs
Foto of place their memorial built
What is condition of their heirs today?
Put some update and make it current and relevant.
Feature is always reporting based with human angle.
Referred back

ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد

(امتياز عباسي)
ايم اي پريويس رول نمبر 28

آمريت جا اهي ڏينهن ملڪ جي عوام مٿان اذيتن جي ڏينهن هئا. ملڪ جو عوام مارشل لاء جي بدترين ڏينهن به حوصلا نه هاريا، ايستائين جو عوام جي محبوب ليڊر کي تختيدار تي پهچايو عوام ۽ حڪمرانن  جي وچ ۾  ڀٽي جي خون هڪ لڪير ڇڪي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ آمر حڪمرانن خلاف شديد نفرت جنم ورتو ۽ ان نفرت حڪمرانن کي ٻڌايوته مظلومن جي الڳ تاريخ آهي ۽ پوءِ ملڪ جي مظلوم عوام ظالم حڪمرانن جي خلاف ويڙھ شروع ڪئي. 04 اپريل 1979 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ  ملڪ جي سياستدانن ايم آر ڊي جو بنياد وڌو ضياءالحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي. جنهن ملڪ جي عوام کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته  ذوالفقار علي ڀٽوجي نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي.  اهو نعرو سندس موت کان پوءِ ختم ناهي ٿيو، اهو نعرو ته عوام جي تقدير جو ڏس آهي، اهڙي طرح عوام آمريت جي ظالم راڄ کي للڪاريندي روڊن، رستن، چوڪن، بازارن، ڳوٺن گھٽي گھٽي مان نڪري آيا. ايم آر ڊي تحريڪ کي هر ضلعي اندر منظم ڪيو ويو، 1982ع ۾ ضلعي دادو ۾ ايم آر ڊي تنظيم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ سيتا روڊ تي فاضل راهو ۽ غازي صلاح الدين  نه شرڪت ڪئي، الحاج ظفر خان لغاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو 15 آگسٽ 1983ع کان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جو آغاز ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڏني وئي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون پيش ڪرايون وڃن. 16 آگسٽ تي خيرپور ناٿن شاه جي ڪرڪنن کي دادو چوڪ وٽ گرفتاريون ڏيڻيون هيون. صبح کان وٺي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دادو چوڪ جي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ سيل ڪيو ڇڏيون هيون، ڪنهن به عام ماڻهو کي چوڪ تي اچڻ جي اجازت نه هئي. حڪمرانن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄو بندو بست ڪري ڇڏيو هو، خيرپور ناٿن شاه کان دادو ويندڙ رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي هئي.  پوءِ پي پي جي لياقت کوسي عوام تحريڪ جي رسول بخش بروهي جي وي آئي جي علي رضا کوسي عوامي تحريڪ جي شهاب عباسي غلام رحيم ملاح ننڍي عمر جي ڪارڪنن قاضي سرور صبح سويري روڊن بجاءِ ڪچن رستن وسيلي دادو پهتا. هنن جي ورن ۾ پنهنجي پارٽين جا جھندا هئا ۽ هٿن ۾ خالي لٺيون هيون. هنن جيئن ئي دادو چوڪ تي نعرا هڻي، ورن مان جھنڊا ڪڍي سخت نعرا هنيا ته اهلڪارن جي هوصلا پڻ خطا ٿي ويا. 17 آگسٽ تي دادو ۾ احتجاج ڪندڙ عوام مٿان اهلڪارن لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گئس جا شيل اڇلايا، موٽ ۾ عوام مڇرجي پيو هنن دادو جيل تي حملو ڪيو ۽ جيل ڀڃي ڇڏيا، سيشن ڪورٽ کي باه ڏئي سڄو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو ۽ سرڪاري ملڪيتن جي گھني ڀڃڊاه ڪئي. ايم آر ڊي سنڌي ماڻهن جي نفرت جو هڪ روپ هئي، 28 آگسٽ 1983 تي الحاج امير بخش جوڻيجو سابق ايم پي اي مرحوم ڪيترن ئي سائين جن ۾ فيصل ساند ، جان محمد بروهي، ابراهيم جوڻيجو گرفتاري لاءِ سوين ماڻهن جي قافلي سان ڪي اين شاه بس اسٽاپ تي هئا،  ته مٿان پوليس ڪڙهي پئي عوام جذبات ٿي وئي هنن پوليس اسٽيشن جو گھيرائو ڪيو ۽ انهن ڀتون ڊاهي ڇڏيون بعد ۾ مختيارڪار آفيس کي ساڙي ڇڏيو، سمورو رڪارڊ به سڙي ويو. ان وقت جي ايس ايڇ او محمد علي جٽ عوام جي مٿان شيل اڇلايا، ۽ انڌاڌنڌ گوليون هلايون جنهن ۾ 18 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز لاکير شهيد ٿي ويو. هو خيرپور ناٿن شاه ۾ ايم آر ڊي جو پهريون شهيد هو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليس جي ڏاڍ ماڻهن جي حوصلن کي بلند ڪري ڇڏيو، ۽ هي ماڻهو ايئن هوندو هو جيئن جيل ۽ انهن جي هٿن ۾ ٽي رنگو جھنڊو هو. ان ڏينهن شهر جا ماڻهو پاڻ مرادو ڪاروبار بند ڪري سموري شهرن جي چوڪن ۽ بس اسٽاپ تي پهچي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏئي، جيل ڀريندا هئا. اهو انقلاب هو ڪنهن به پارٽي جو ماڻهو هجي پر ان کي آمريت ۽آمر ضياء کان نفرت هئي. اهڙي طرح آمر ضياء خلاف نفرت ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري هو، 12 سپٽمبر 1983، جو ڏهاڙواهو ڏهاڙو هو، جڏهن سيتا روڊ جي ڪجھ ماڻهن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ماڻهن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو. ان وقت انهن جو هيڊ ڪواٽر ريسٽ هائوس هو، جتي انهن کي بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ مڪاني ماڻهن انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ريسٽ هائوس ڏانهن رخ ڪيو. هٿين خالي ماڻهن جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان مزاحمت ڪئي ته انهن سوين آيل ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. سوين ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ لاش ڪرندا رهيا. سمورا روڊ رت سان ڀرجي ويا. قانون لاڳو ڪرڻ وارن اهلڪارن سموري شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو، ڪيترائي لاش گم ڪري ڇڏيا. باقي شهيد غلام، نبي کوسو، شهيد الله ورايو لانگاه، شهيد نظام دين نائچ، شهيد حبيب الله لغاري، شهيد شاهنواز کوسو، شهيد عبدالغني ابڙو، شهيد ديدار کوکر، شهيد خمير جاگيراڻي، جا لاش ڏنا ويا شهيد عبدالعزيز لاکير، جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عشق ۾ اهو نه ڄاتو ته ڪو موت به ملندو، هنن شهادت ماڻي موت کي وساري تاريخ جي ورڪن ۾ منهنجا نالا سونهري اکرن ۾ لکرايا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي پرهيت هئا نه ڪي وڏا ماڻهو هئا نه ئي وڏن ماڻهن جا اولاد هئا. هو غريب مسڪين هئا انهن جي بيڪ گرائونڊ اهو هو ته ڪو هوٽل تي مزوري ڪندو هو، ڪو وري بٺيءَ تي ڪم ڪندو هو، ڪو وري ڳوٺن ۾ هاوپو ڪندو هو. جمهوريت لاءِ جانيون ڏيندڙ شهيدن جي خون ۽ انهن جي وارثن جو درد ڪيترو اونهو آهي، بس منهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ مان وڌيڪ ڪجھ لکي نه ٿو سگهان.  

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
 
Wednesday, 2 March 2016

تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام Imtiaz Abbasi

u will get feedback later
Imtiaz Abbasi
تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام
 آرٽيڪل