Showing posts with label پروفائيل. Show all posts
Showing posts with label پروفائيل. Show all posts

Sunday, 3 April 2016

استاد ۽ اديب تيرٿ داس اميداڻي پروفائيل Teerathdas Umedani

 Compare contrast, reference of the specialty of area, to which he belongs, community,create some images, that will enrich ur profile 
Abdul Razaq Kumbhar
استاد ۽ اديب سائين تيرٿ داس اميداڻي
پروفائيل
عبدالرزاق ڪنڀر ، ايم ، اي پريوس رول نمبر، 03

سائين تيرٿ داس اميداڻي علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. هن نه صرف علم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر ان جي تمام گھڻي خدمت به ڪئي آهي. پاڻ تاريخ22 نومبر 1946ع ڌاري ڳوٺ نصير خان لغاري نزد چمبڙ ۾ ڌرتي ماتا جي  دامن ۾ جنم ورتو.  پرائمري تعليم  پنهنجي آبائي ڳوٺ گورنمنٽ اسڪول نصير خان لغاري مان حاصل ڪيائين، چوٿون ۽ پنجون ڪلاس اسلاميه مڊل اسڪول مسڻ وڏي ۾ پڙهيو، جتي عربي سبجيڪٽ وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهيائون. مئٽرڪ سال 1963 ع ۾ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائون، بي، اي 1968ع۽ ايم، اي 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين . پروفيشنل ڪوالفڪيشن جي حوالي سان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان  پاس ڪيائون..

سروس لاءِ ٻئي ڪنهن محڪمي کي پسند ڪرڻ بجاءِ تعليم کي ئي پسند ڪيائون، ڇو ته هي  مهان پيشو آهي جنهن سان نه رڳو انسان کي ڄاڻ ملي ٿي پر مان سمان، عزت ۽ آبرو پڻ وڌي ٿي. تاريخ 1964_ 5_12 ع تي گورنمنٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ انگلش ٽيچر طور ڀرتي ٿيا. ۽ پوءِ ٽنڊو الهيار جي مختلف اسڪولن ۾ پنهنجي علم جا جوهر ڏيکاريندا رهيا، جن ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگھار، گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ، هاءِ اسڪول تاج پور،مڊل اسڪول پيارو لنڊ، هاءِ اسڪول سنجر چانگ،  هاءِ اسڪول خير محمد جروار،پاڻ هڪ نان مسلم ٽيچر ٿي ڪري عربي سبجيڪٽ ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکندا هئا، سندن قوک مطابق پندرهن سال عربي جو سبجيڪٽ پڙهايائون. ان کان علاوه پاڻ سپر وائيزر به رهيا آهن. آخر ۾ گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ مان  پرنسپل جي عهدي تان رضاڪارانه طور رٽائرمنٽ ورتائين.

سائين تيرٿ داس اميداڻي ماسٽر ٽرينر۽ ٽيوٽر طور به ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ادبي ميدان ۾ 1971ع ۾ پير پاتائين، پاڻ نه صرف ڪهاڻيڪار آهن پر تحقيق ۽ تاريخ ۾ به سٺي ڄاڻ رکن ٿا. ادبي خدمتن جي حوالي سان سندن مذهبي ڪاوشون ڪافي آهن، جن ۾، “رنگ مالا ” نالي هڪ ڪتاب لکيو هيائون جيڪو سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي وارن جي طرفان 1972ع ۾ ڇپيو هو. سندن جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن ۾ شڀ تهوار، گيان پرڪاش، ايشور اپاسنا، آتم درشن، ديوالي پوجن۽ شري ڀڳوان جا 108 نالا، ويد اپديش، سورنهن سنسڪار، ۽آنند ساگر آهن.

ان کان علاوه هندي ٻولي مان به ڪافي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيا آهن جن ۾ شري راما پير، گرڙ پراڻ،  سانوڻ مهاتم، گرو گورک اپديش وغيره شامل آهن. ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڪوئل جي پڪار، ديوانو دوست،  جي ڪٺيون تڪبير، صندوق ۾ سمنڊ ۽ دل جي دري مان پکي جو پرواز شامل آهن. سائين تيرٿ داس اميداڻي جا وقتن فوقتن مختلف اخبارن ۾ ڪالم، مضمون، تحقيقي مقاله ۽ڪهاڻيون پڻ شايع ٿين ٿيون. پاڻ هڪ سٺا مترجم به آهن آفريڪن ناول “ ٿنگس فال اپارٽ ” سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿن، هن وقت سائين تيرٿ داس  رگ ويد جو هندي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيا آهن .ميگهواڙن جي تاريخ تي هڪ تمام بهترين ڪتاب “ ميگھ ونس اتهاس” لکي پنهنجي برادري جي مٿان عظيم احسان ڪيو اٿن،  

سائين تيرٿ داس اميداڻي کي پنهنجي ڪيل خدمتن عيوض مختلف ادارن کان ايوارڊ پڻ مليا آهن جن ۾ روحل ادبي اڪيڊمي طرفان ميگھ ونس اتهاس ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. ڊويزنل ايجوڪيشن ٽنڊو الهيار طرفان بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويو،  بيسٽ ٽيچر ايوارڊ، کاو علاوه ٽا ئون ڪاميٽي چمبڙ طرفان به کين مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو.
         سندن علمي خدمتن جو باب تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو، ڇو ته اهڙا محنتي ۽ فرض شناس استاد تمام گھٽ ملندا آهن

Profile of Teerath Das Umedani byAbdul Razaq Kumbhar, MA previous, 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh.

#Profile,  #TeerathDasUmedani,  #Abdul RazaqKumbhar,

Friday, 1 April 2016

ٿر جو اُڀرندڙ ڳائڪ عباس فقير

Profile of Singer Abbas Faqeer 
Akash Hameerani 
ٿر جو اُڀرندڙ ڳائڪ عباس فقير
آڪاش هميراڻي
انسان دنيا جي گولي تي رهندڙ واحد باشعور ۽ باعقل سڏرائيندڙهستي آهي، انسان جيڪو آدجگاد کان وٺي هيستائين جيڪو ڪُجهه ڪندو پيو اچي اهو پنهنجي اندر ۾ ستل شعور کي راحت بخشڻ لاءِ ڪيو آهي، پوءِ اُهو اظهار ناول، شاعري، مصوري، رقص ذريعي ڪري يا موسيقي وسيلي ڪري اهو ماڻهو تي منحصر آهي.
موسيقي ماڻهو جي روح جي غذا آهي، جنهن سان هو اندر ۾ موجود انساني ڳڻن کي وڌيڪ صحتمند بڻائيندي آهي ۽ لاشعوري جي بُک کي پري ڀڄائيندي آهي، موسيقي ڪائنات سان گفتگو ڪرڻ جو پُڻ ناٰءُ آهي. موسيقي ذريعي فطرت کي خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو ۽ فطرت جي حسين رنگن کي پسي سگهجي ٿو. اِها موسيقي ئي هئي جنهن وسيلي ٻيجل جنگل ۾ منگل ڪندو هو ۽ سُرندي جي مڌر سُر ۽ ساز سان جانورن کي ميڙي مُٺ ڪندو هو، ۽ ساڳي سرندي جي صدا راءِ ڏياچ کي سِر گهورڻ تي پُڻ مجبور ڪيو.
  موسيقار حسين ۽ حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ هوندو آهي، هڪڙو ڪلاڪار پنهنجي فن جي ڪمال سان پٿر دل ماڻهو جي سخت مزاج کي مڌر بڻائي جهومائي سگهي ٿو. ڪلاڪار سماج جو اهم ۽ روح جي ترجماني ڪندڙ فرد آهن.
سنڌ جي حسين ۽ سون ورني سرزمين پُڻ موسيقي جي ميدان ۾ هميشه جيان اڳين صفن ۾ بيٺل آهي، سنڌ جي انهن انيڪ ڪلاڪارن موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. انهي موسيقي جي جهان جو اڀرندڙ ستارو، عباس فقير پُڻ آهي. عباس فقير جو جنم ٿر جي مشهور فنڪار حسين فقير جي گهر ۾ 13  مارچ 1994 تي ٿر جي شهر مٺي ۾ ٿيو. عباس فقير پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪنڀار ڪالوني مان حاصل ڪيائين، مڊل جي تعليم گورنمينٽ هاءَ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺي مان ڪيائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي مان انٽر پاس ڪيائين، هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي مان بي.ايس.سي ڪري رهيو آهي.
عباس فقير جو خاندان موسيقي سان واڳيل هئڻ ڪري ڳائڻ جو شوق ننڍپُڻ کان ئي ورائي ويو، شروعاتي تعليم دوران اسڪول ۾ منعقد ٿيندڙ نصابي توڙي غير نصابي پروگرامن ۾ ڳائڻ جو پُڻ موقعو ملندو هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءَ ترت ئي شام جي وقت مراد فقير ميموريل سنگيت سکيا مرڪز جا ڪلاس وٺندو رهيو. مراد فقير سنگيت سکيا دوران کيس ٿر جي مشهور نوجوان راڳي رجب فقير جي استادي ۾  راڳ جي مختلف قسمن جي مهارت حاصل ڪيائين. ٿر ۾ مختلف سماجي، سياسي، قومپرست ۽ ادبي تنظيمون پنهنجي پروگرام جي شروعات عباس فقير جي سُر ۾ شاه جي وائي کان ڪرائينديون آهن، ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهوءَ سُر جي سحر ۾ وڪوڙجي ويندا آهن.



عباس فقير سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائيندو آهي، جن ۾ سنڌ جي سرتاج شاعر شاه لطيف، اُستاد بخاري، شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، تنوير عباسي، حليم باغي، سائينداد ساند توڙي ايوب کوسو شامل آهن.
عباس فقير سادگي پسند نوجوان ڳائڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو نوجوان ۾ وڌيڪ مقبول آهي، ڀيڄ ڀني کان پوءَ مٺي شهر جي خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ گڍي ڀٽ تي جڏهن نوجوان جا ٽولا موسم جي مزو وٺڻ لاءَ پنڌ ڪن ٿا تڏهن عباس فقير کي فون ڪري ضرور گهرائن ٿا. نوجوانن جي نگاهن جو مرڪز عباس فقير جڏهن سُر سارنگ جي وائي “دردوندي جو ديس وسي پيو، بوند برهه جي بهار لڳي” جهونگاريندو آهي تڏهن نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن، ڏڪاريل ڏيهه جي مارو ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪندي آهي.
عباس فقير، بنا سازن جي جڏهن هم ڪلاس، هم عمر ۽ هم اثر دوستن جي اصرار تي شيخ اياز جو هي غزل “جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾. ڪالهه کان ڳالهه آهي سا انسان ۾” ڳائيندو آهي ته نوجون انقلابي جذبي سان سرشار ٿي ويندا آهن صحرا ۾ ماٺار پئجي ويندي آهي.
ٿري لوڪ گيت پُڻ عباس جي موسيقي حصو رهيا آهن، شادين مرادين ۾ هو جڏهن به ڳائڻ ويندو آهي ته لوڪ ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهو کيس لوڪ گيت ڳائڻ جو چوندا آهن عباس فقير جو پسنديده لوڪ گيت “پايل موري باجي” آهي، عباس اهو گيت هر وقت جهونگاريندو رهندو آهي.
ننڍي عمر ۾ ئي هن ڪلاڪار حسين فقير لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ صادق فقير ايوارڊ پُڻ حاصل ڪيا آهن. ڏات جي ڏيهه جي هن اُڀرندڙ ڳائڪ کي اياز جي هنن سٽن سان سُر جي رنگن جي پارت ٿا ڪيون ته،

اها چنگ چارڻ اُمانت اٿئي
متان سر سوا ڪرين ڪي صدائون
 #Thar, #Profile, #AbbasFaqeer,#AkashHameerani
This work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi  in April 2016.

Monday, 28 March 2016

معزور هوندي حوصلا پهاڙ جيڏا بلند Shafqat Ali Shah

Please writer proper file name
 Profile -Mahadi Shah
if it is revised : Profile -Mahadi Shah -Revised
Also write ur name in Sindhi in the writing piece and category of writing i.e Interview, article, feature etc this should also be written in the writing piece. 
 Next time without proper file name  it will be rejected. Ur profile has been uploaded
Profile by: Ghulam Mahdi Shah 
Roll No: 25 (M.A Previous) 
معزور هوندي حوصلا پهاڙ جيڏا بلند
 شفقت علي شاهه  جو پروفائيل

مهدي شاهه
معزوري کي ڪمزوري نه سمجھندڙ سيد شفقت علي شاهه ڳوٺ سيد پناهه شاهه ضلعو ٽنڊو الهيار جو رهواسي آهي.
آءُ ڄائي ڄم کان معزور نه هئس هي بيماري مونکي 5 سالن جي عمر ۾ ٿي.
سيد شفقت علي شاهه
ان بيماري کان پوءِ اسان سنڌ جو ڪو ڊاڪٽر نه ڇڏيو جنهن ۾ ٽنڊو آدم، حيدرآباد، ڪراچي، نواب شاهه جا مشهور ڊاڪٽر شامل
آهن.
زندگي جو هي ڪڙو سچ ڪڏهن به ويساري نه سگھندس پر مجبوري خاطر هن سچ کي تسليم ڪرڻو پيو آهسته آهسته جئين زندگي گذرندي رهي تئين ضرورتون به وڌنديون رهيون پنهنجي دوستن سان ملڻ جلڻ لاءِ هڪ سائيڪل جي ضرورت پئي جڏهن ان سائيڪل جي ضرورت پوري ٿي ۽ دوستن ڏانهن وڃڻ لڳس ٽائيم ڪيئن گذرندو هو ڪا خبر ڪانه پئي.
پنهنجي بيماري واري صدمي کي رفته رفته ويسارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن دنيا جا پٿر دل ماڻهو ويسارڻ نه پيا ڏين جڏهن به ڪو تعانو ڏيندا هئا ته پراڻا سور به جاڳي پوندا هئا پر رب جي رضا سمجھي دل کي تسلي ڏيندو هئس.
اڪثر بابا جا دوست ايندا هئا ۽ اهي ڪچهري ۾ ڳالهيون ڪندا هئا ته ايران ۾ مولا علي رضا عليه اسلام جي روضي تي وڏا معجزا ٿيندا آهن جڏهن مون اهيا ڳالهه ٻڌي ته دل ۾ خيال ڪيم ته ڇو نه آءُ به مولا علي رضا عليه اسلام جي زيارت جو شرف حاصل ڪيان من رب راضي ٿي پئي ۽ هن معزوري مان هميشه جي لاءِ نجات ملي وڃي اهو خيال ڪري صبح جو اٿي بابا کي عرض ڪيم ته مونکي پاسپورٽ ٺهرائي ڏيو ته جيئن آءُ به مولا علي رضا عليه اسلام جي قبر جي زيارت ڪيان بابا پڇيو ته پٽ اهو اوچتو خيال ڪيئن آيو؟ ڪا خاص وجه ها بابا وجا اها آهي ته آءُ معزور آهيان ۽ هتي ڪافي ڊاڪٽرن کي ڏيکاري چڪا آهيون پر ڪو به فرق نه پيو آهي هاڻ دل ٿي چوي مولا رضا جي زيارت ڪري اتي پروردگار کي ٻاجھايان من ڪا دعا آگھامي پوي بابا شفقت مان ڀاڪر پائي چمي ڏئي چيائين ته سڀاڻي ئي حيدرآباد هلي پاسپورٽ ٺهرايون ٿا بابا جو اهو جواب ٻڌي دل ڏاڍي خوش ٿي رات جو سمهان پيو ته خوشي مان ننڊ ئي نه پئي اچي هڪ هڪ پل ڪلاڪ جيان پوري ڪري رات جي اونداهي سج جي چمڪندڙ روشني ۾ مٽجڻ لڳي جيئن صبح ٿي تيار ٿي جيئن حيدرآباد لاءِ روانه ٿيا سين سڌو پاسپورٽ آفيس پهچي پهرين فرست ۾ ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرايوسين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پاسپورٽ ملي ويو ۽ جلدي ۾ ويزا لڳرائي آءُ پنهنجي پوري فيملي سان گڏ ايران ڏانهن روانه ٿياسين.
ايران پهچي هوٽل ورتي سين سفر جي ٿڪاوٽ ڀڄي سين صبح جو مولا علي رضا عليه اسلام جي زيارت ڪرڻ لاءِ مشهد ڏانهن روانه ٿياسين جيئن مشهد ۾ داخل ٿياسين ته هزارين نه پر لکين ماڻهو اتي زيارت لاءِ مولا علي رضا عليه اسلام جي صحن ۾ موجود هئا آءُ حيران ۽ پريشان ٿي ويس ته آءُ ته اڳي ئي معزور بي بس ۽ لاچار آهيان هتي جيڪي ماڻهو موجود هئا اهي ئي پريشان اسان ڪيئن زيارت ڪنداسين.
پر شايد اتي پهچڻ سائين منهنجون دعائون قبول ٿيڻ لڳيون دل ۾ اهو ئي خيال آيو پي ته شايد اڄ منهنجي زيارت ڪانه ٿيندي جيئن توڪل بر خدا صحن ۾ اندر داخل ٿياسين ته مونکي ۽ منهنجي بابا کي ويل چيئر تي خادم حرمين بابا کي هٽائي پاڻ ويل چيئر هلائي باقائدا پروٽوڪول سان مونکي زيارت ڪرائي.
جڏهن زيارت ڪري ٻاهر نڪتاسين ته باب الحوائج دروازي ڏانهن وڃڻ لڳاسين جيڏي محل باب الحوائج دروازي ڏانهن پهتاسين ته اتي ته منظر ئي عجيب هو اتي سون جي تعداد ۾ مريض شفا خاطر آيل هئا. ڪي اکين کان نابين هئا ته ڪي وري ڪنن کان ٻوڙا ته ڪي وري مون وانگر معزور الله جي زات تي يقين رکي باب الحوائج دروازي تي وڃي ويٺاسين حسب دستور هنن جي رسم آهي ته هڪ زنجير جو پاسو باب الحوائج دروازي ۾ ته ٻيو پاسو مريض کي ٻڌو ويندو هو.
اسان مغرب جي نماز کان پهرين آيل هئاسين اسان کي اتي فجر جي نماز جو ٽائيم پئيجي ويو هو جيئن ئي فجر جي نماز ختم ٿي ته هڪ نور جي شئا نڪتي اها اڏامندي ان مريض کي لڳي جيڪو اکين کان نابين هيو اهو منظر ڏسي لکين ماڻهن جي زبان تي صلوات جو ورد هيو.
اهو معجزو ڏسي مونکي ايڏي خوشي ٿي ڄڻ منهنجون سڀ دعائون قبول ٿي ويون. ان سان گڏ ايران جي اطراف جون زيارتون ڪري پنهنجي وطن ڏانهن واپس روانه ٿياسون.
ڪجھ ٽائيم کان پوءِ منهنجي گھر جي ٽي، وي خراب ٿي پئي آءُ ٿورو گھڻو هن ڪم مان ڄاڻيندو هئس پر ڪڏهن ڪا ٽي، وي کولي ٺاهي ڪانه دل ۾ خيال ڪيم ته خراب ته هو ئي ٿي پئي آهي ٺهي ته ٺيڪ آ نه ته هو ئي خراب آ!! 
بسم لله ڪري ٽي، وي کولي جيڪا به ان ۾ خرابي هئي هئا ٺيڪ ڪري جڏهن چالو ڪيم ته ٽي،وي هلي وئي ڪنهن انسان کي گر ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي ملندي آهي ته ان جي ان ڪم ۾ دلچسپي وڌي ويندي آهي ائين آهسته آهسته ٽي،وي ريڊيو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ شيون پڻ ٺاهيون الله جي فضل ڪرم سان ڪٿي به مايوسي جو منهن ڏسڻو نه پيو.
هيئر آءُ رڪشا ڊرائيور به آهيان جڏهن مون رڪشا ورتو ته ماڻهن مونکي تعنا ڏنا هاڻ هي جڏو به رڪشا هلائيندو؟ رڪشا هلائڻ لاءِ ڄگھين جو هجڻ لازمي آهي ڪجھ ماڻهو به پنهنجي جڳهه تي صحيح هيا. پر اهو تعنو مونکا برداشت نه ٿيو دل ۾ وچن ڪيم ته آءُ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريندس چوندا آهن ته حمت بندا مدد خدا.
بس آءُ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ڊرائيور سان گڏجي هڪ ويلڊر وٽ وياسين اتي اسان هڪ لوهه  جو پائيپ ورتو سين جيڪو مون گيئر ۽ بريڪ ۾ ويلڊ ڪرايو. ايترو ته ڊگھو پائيپ هو جو اگر آءُ هڪ هٿ اسٽرنگ مان ڪڍي بريڪ يا گيئر هڻا ته ڀا آساني هڻي سگھان اهو ڪم ڪرائي اسان پنهنجي ڳوٺ واپس پهتاسين ڪجھ ڏينهن مسلسل ڊرائيور سان گڏ رڪشا سکڻ لاءِ ويندو هيس منهنجي پرودگار جا لکين ڪرم ۽ بيحد شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي هر خواهش پوري ڪئي هاڻ مونکي معزور هجڻ تي منهنجي رب کان ڪا شڪايت نه آهي. منهنجي حيثيت کان وڌيڪ مونکي خوشيون عطا ڪيون اٿس. 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
#SohailSangi, #MahdiShah, #ShafqatAliSha

ستار ساجن آرٽ جي دنيا جو ڪردارby Abdul Sattar Lakho

Revised
Profile by Abdul Sattar Lakho
آرٽ جي دنيا جو ساجن ڪردار
عبدالستار پنهيار عرف ”ستار ساجن“

 عبدالستار لاکو

سنڌي ثقافت جي شاندار تاريخ واري تسلسل ۾ اسٽيج ڊرامن سميت سنڌي موسيقي توڙي آرٽ جي دنيا جا انيڪ ڪردار پنهنجي قابليتن مڃرائڻ ڪري ايندڙ نسلن تائين هڪ اتساهه جوڳو مثال رهيا آهن، عبدالستار پنهيار عرف ستار ساجن به هڪ بهترين آرٽسٽ، ليکڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر طور پاڻ ملهايو آهي.

عبدالستار پنهيار کي ثقافت ۽ موسيقي جي دنيا ۾ ڪيل خدمتن جي ڪري ”ستار ساجن“ جو نالو ڏنو ويو. جيڪو سنڌ جي مشهور جي نامياري آرٽسٽ مرحوم محمد عثمان چانڊيو کيس اهو نالو ڏنو. ستار ساجن 1963ع ۾ جيڪب آباد جي ڊکڻ محلا ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هاڻي ڄامشورو شهر لڳ سيدآباد واري علائقي ۾ رهاڪو آهي. ستار ساجن جي تعليم پرائمري تعليم حميديه پرائمري اسڪول، جيڪب آباد ۾ حاصل ڪئي جنهن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ سيڪنڊري ۽ هائير تعليم نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ بيچلرس جي ڊگري وري هن جيڪب آباد جي ڪاليج مان ڪيائين جنهن بعد هن سوشالاجي شعبي ۾ ماسٽرس جي تعليم شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين. تعليم سان گڏوگڏ اداڪاري، موسيقي کي ڊرامه لکڻ وارو ڪم پڻ جاري رکيو.

 هن جو والد خدا بخش پنهيار ٽرانسپورٽر هو، جيڪو محدود سوچ رکندڙ ۽ آرٽ ۽ موسيقي کان پري ماڻهو هو، جنهن چاهيو پئي ته سندس فرزند عبدالستار خانداني پيشي يعني ٽرانسپورٽ ۾ پير پائيِ ۽ خاندان کي ان ڪاروبار کي هٿي وٺرائي، پر عبدالستار جيڪو آرٽ ۽ موسيقي ۽ آزاد سوچ رکندڙ، ان جي ننده ڪندي آرامداهه زندگي کي پاڻ کان پري ڪري کاهوڙي ڪردار ادا ڪندي پنهنجي پاڻ جي مڃندي سن 1973ع ڌاري جڳ مشهور ڪلاسڪ اداڪار منور ضريف جي فلم ”جيرا بليڊ“ کان متاثر ٿي ستار ساجن کي اداڪاري ۽ موسيقي ڏانهن لاڙو ڪيو، جنهن جي شروعات هن 1978ع ۾ هڪ سنڌي اسٽيج ڊرامي ”مظلوم هاري“  ۾ اداڪاري ڪندي پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اداڪاري جي شروعات ڪئي. اداڪاري جي ڪم ۾ هن کي بهترين موٽ ملڻ لڳي، جنهن بعد هن ڪلاسيڪل ڊانس، ڪاميڊي،  موسيقي ۽ ڊراما لکڻ ڏانهن لاڙو ڪيو. جنهن بعد ستارساجن ڊرامن ۾ اداڪاري، ڪلاسڪ ڊانس شروع ڪيائين جنهن ڪري سندس نالو بهترين اداڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

ستار ساجن اداڪاري کي بنياد بڻائيندڙ بهترين ڪردار ادا ڪندي هن پاڪستان ٽيلي وزن ۾ پير پائيدي سولو پلي ۽ ڊرامن  ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جنهن مان جڳ مشهور سولو پلي ”گڊي“ ۾ اداڪاري ڪئي، ٽيلي وزن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ هن اسٽيج ڊرامه لکڻ، انهن ۾ ڪم ڪرڻ، ڊانس ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي سکيا ڏيڻ پڻ شروع ڪيائين. موجوده جديد دور کان اڳ سن 1990ع ۾ ستار ساجن ۽ سندس دوستن پاران جيڪب آباد ۽ سندس پيدائش واري جاءِ ڊکڻ محلا ۾ هڪ ”اسٽار آرٽس پروڊڪشن هائوس“ نالي اداڪاري، موسيقي، ڊانس ۽ آرٽ جي دنيا سان لاڳاپيل شين جي سکيا ڏيڻ لاءِ پاڻ پروڊڪشن هائوس قائم ڪيائين. جتان سکيا وٺندڙ ۽ سکيا ڏيندڙن پاران پنهنجي شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن شهرن دادو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جهر جهنگ ۾ اسٽيج ڊرامه، موسيقي ۽ ٿيٽرز ۾ پروگرام ڪيا. ان سان گڏوگڏ هن پاران آرٽ جي دنيا جي لاءِ کاهوڙي ڪردار ادا ڪندو مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آرٽ ۽ موسيقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رابطا مهم شروع ڪئي، ماڻهن کي آرٽ جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ، پمفليٽ، بينر ۽ آرٽ کي عام ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون.

ان سان گڏوگڏ ستار ساجن پاران پهرين سنڌي چينل ڪي ٽي اين جي مشهور ڊرامي ”پٿر دنيا“ سان گڏو گڏ آواز ٽي وي، سنڌ ٽي وي جي ڊرامن ۾ پڻ اداڪار طور فن جو مظاهرو ڪيو آهي، سنڌي ڊرامن سان گڏوگڏ هن سرائڪي چينلز جي ڊرامن ۽ اسٽيج ڊرامن پڻ ڪم ڪندي آرٽ جي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ جو ڪم جاري رکيو آهي. ستار ساجن جا منور علي زهري، سڪينه سمون، زيبا بختيار، لالا سڌير پسنديده ڪردار رهيا آهن.

خوش مزاج طبيعت رکندڙ ستارساجن جيڪوآرٽ جي دنيا ۾ کاهوڙي ڪرداررشتيدارن ۽ اولاد سان گڏوگڏ هر ڪنهن سان دوستاڻو رويو رکندڙ ڪردار جن پنهنجي ڪم آرٽ ۽ موسيقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڏنهن رات اڻ ٿڪ محنت ڪرڻ جاري رکندي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن جي محنت سان عام و خاص کي آرٽ ۽ موسيقي بابت ڄاڻ پڻ هڪ بهتر عمل آهي.



 عبدالستار لاکو
Roll#2k16MMC04


-------------------------------------------------------------------------------------------------
Referred back. It is too short. we need 600 plus words. Photo of profile personality is must. Some attributions and quotes, about his nature, compare and contrast with  other people of his field or who rose in this filed like him/
 Word کاهوڙي is very very heavy no such thing is available in ur piece.
 Please refile it till Thursday 
 پروفائيل
عبدالستار پنهيار عرف ”ستار ساجن“ آرٽ جي دنيا جو کاهوڙي ڪردار
 عبدالستار لاکو
Roll#2k16MMC04

سنڌ ڌرتي تي قديم تهذيب ۽ سنڌي ثقافت جي شاندار تاريخ واري تسلسل ۾ اسٽيج ڊرامن سميت سنڌي موسيقي توڙي آرٽ جي دنيا جا انيڪ ڪردار پنهنجي قابليتن مڃرائڻ ڪري ايندڙ نسلن تائين هڪ اتساهه جوڳو مثال رهيا آهن، عبدالستار پنهيار عرف ستار ساجن به هڪ بهترين آرٽسٽ، ليکڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر طور پاڻ مهايو آهي.

 عبدالستار پنهيار جنهن کي ثقافت ۽ موسيقي جي دنيا ستار ساجن جو نالو ڏنو. ستار ساجن 1963ع ۾ ڊکڻ محلا جيڪب آباد جو پيدا جيڪو هاڻي ڄامشورو جي سيدآباد واري علائقي ۾ رهاڪو آهي. هن جو والد خدا بخش پنهيار هڪ محدود سوچ رکندڙ هو جنهن چاهيو پئي ته عبدالستار خانداني پيشي ٽرانسپورٽ ۾ پير پائيِ پر عبدالستار 1973ع ڌاري ڪلاسڪ اداڪار منور ضريف جي فلم ”جيرا بليڊ“ کان متاثر ٿي 1978ع ۾ اسٽيج ڊرامو ”مظلوم هاري“  سان پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اداڪاري جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن ڪاميڊي، ڪلاسڪ ڊانس سان گڏ ڊراما لکڻ پڻ شروع ڪيا.

ستار ساجن پرائمري تعليم حميديه پرائمري اسڪول، جيڪب آباد ۾ حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري ۽ هائر تعليم نور محمد هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ بي اي وري جيڪب آباد مان ڪري ايم اي سوشالاجي جي تعليم شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن اداڪار طور پاڪستان ٽيلي وزن ۾ سولو پلي ۽ ڊرامن  ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين، ان سان گڏوگڏ هن اسٽيج ڊرامه لکڻ، انهن ۾ اداري، ڊانس ڪرڻ ۽ سيکارڻ پڻ جاري رکيو. عبدالستار جي آرٽ ۽ اسٽيج ڊرامن جي جي ڪارڪردگي کي ڏسندي هند سنڌ جي نامياري آرٽسٽ مرحوم محمد عثمان چانڊيو کيس ستار ساجن جو لقب ڏنو.

ستار ساجن اسٽيج ڊرامه لکڻ ۽ انهن ۾ اداڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ۽ سرائڪي چينلز جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪي ٽي اين جي مشهور ڊرامي پٿر دنيا، پي ٽي وي جي سولو پلي گڊي ۾ ڪم ڪيو آهي. ستار ساجن جي پسنديدا اداڪارن ۾ منور علي زهري، سڪينه سمون، زيبا بختيار، لالا سڌير آهن. 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

#SohailSangi, #Profile, #AbdulSattarLakho

Sunday, 27 March 2016

پرو فائل شيخ عزيز


پرو فائل  شيخ عزيز 
درِشھوار مرزا
2K16-MMC-19
M.A Previous
جناب شيخ عزيز ____ جديد سنڌي صحافت جو
MILE STONE
ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇي واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب سيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾
به نالو ڪڍيو.
 ننڊي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھانه لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمرئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ غزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون. 

پاڻ ڇا ڪاڻ ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاته حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيوويو، شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھجي جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريه لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا، 
ھي دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبه قائم ٿي چڪا ھئا، ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ تحرير ڪيو”عملي صحافت“ 

ھاڻي 1978 ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ جناب خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جناب شيخ غزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. 1978 ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھ نمايا نالا آھن -- آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي،آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا. 
شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو، سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اردو ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھائين، سنڌ جي موسيقي ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃان منتظر آھي. 

جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردو کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھجو پاڻ مڃرايائون ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏوگڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪ انگريزي ۾ لکيا، ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتون آڍار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. 

شيخ صاحب پيدائش جو سال 1938 سالگره جي تاريخ آھي 09 ڊسمبر ھن وقت 78 سالن جي ڄمار ۾ به ساڳي تازهيءَ سان ڊان اخبار لاءِ ڪيترن ئي تاريخي واقعن بابت مضمون لکندا رھندا آھن. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سيئر ڪري چڪا آھن ، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان 1965 ڍاري پاڻ جرنلزم جي سنڌ حاصل ڪيائون. 
پاڻ ھن وقت تائين ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد، شاندار سفرنامو لکيائون. “مون لينن جو ڏيھه ڏٺو” شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن. جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي.
Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi 

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

ضمير حسين کرل پروفائيل by Abdul Ghaffar Wadho

Un checked
Despite repeated reminders u are sending file with in correct name.  This will go to negative marking.
 proper file name; Profile Abdul Ghaffar 
if it is revied: Profile - Abdul Ghaffar  - Revised
هڪ شاعر ۽ صحافي جنهن جو معاشري لاءِ جيئڻ: ضمير حسين کرل
پروفائيل
عبدالغفار
Abdul Ghaffar Wadho
چوندا آهن ته شاعري موتين جي مالها مثل هوندي آهي ڇو ته شاعر لفظ لفظ چونڊي پرکي ڪو غزل ٺاهيندو آهي، سندن چونڊ هر لحاظ کان سٺي ۽ منفرد هوندي آهي. ان ئي سبب اهي لفظ موتين جيان بي بها ٿي پوندا آهن پر جيڪو شخص لفطن جي روپ ۾ پاڻ کي املهه موتي ڏي ٿو ان جي اهميت ڪيتري آهي يا ڪيتري هئڻ گھرجي؟ ان بابت اسان جي معاشري شايد ئي ڪڏهن سوچيو هجي! پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو تخليقڪار خدا طرفان ڏنل ڏات کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجھي ادا ڪري ٿو ته از خود سندس اهميت موتين کان به وڌي ويندي آهي، ضمير حسين کرل به انهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي نالي نه پر معاشري لاءِ لکندا آهن.

آڪٽوبر 1971ع ۾ کير ٿر جبل جي ڇانوَ ۾ اڏيل سنڌ جي آخري (سرحد) شهر شهدادڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ ضمير حسين کرل 19 سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، سنڌ جي مهان شاعر “استاد پيرل قمبر” جي شفقت ۽ شاگردي ۾ ڏينهون ڏينهن سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي ۽ هو “ضمير حسين کرل” جي نالي سان باقاعدي لکجڻ لڳو، توڙي جو هن شاعري جي شروعات (نوحن) سان ڪئي پر اڄ هو غزل جو اهڙو پختو شاعر آهي جو اهڙي پختگي تمام گھٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. ڳالهه وزن بحر جي به ڪونهي ڇو ته وزن بحر اوهان کي هر سٺي شاعر جي شاعري ۾ ملي ويندو پر ضمير حسين جي اهم خوبي اها آهي جو موضوع ڪهڙو به هجي هو ورجاءُ نه ٿو ڪري سندس هر تخليق ۾ اوهان کي نواڻ محسوس ٿيندي، لفظ ته هر شاعر وٽ جھجھا هوندا آهن پر انهن جو صحيح استعمال به هڪ اهڙي خوبي آهي جيڪا ڪنهن به شاعر کي هڪ منفرد ۽ الڳ سڃاڻپ ڏي ٿي جنهن ۾ ضمير کي تمام گھڻو عبور حاصل آهي، لفظَ ڪيڏا به شوخ هجن پر هن جي ڪنهن سٽ ۾ اچي ويا ته ڄڻ نماڻا ٿي پوندا آهن، شايد ان ئي سبب لفظ کيس بي انتها پيار ڪن ٿا ۽ هو انهن سان ڀرپور نڀاءُ ڪندو آهي ۽ هن پنهنجي زندگي اندر ننڍا توڙي وڏا شاعري جا ڪيترائي ڪتاب لکيا پر انهن ۾ “خاڪ ۾ گل” نالي ڪتاب تمام گھڻو مقبول آهي.

ضمير جي چوڻ مطابق ته معاشري جي غربت، انساني ظلم ۽ ڪنهن جي ترڇي نگاهن ۾ گھورڻ کان پوءِ اندر واري اديب محبت ڀرين ڳالهين لکڻ لاءِ مجبور ڪيو تنهن کان پوءِ پاڙي ۾ استاد پيرل قمبر جي ڪچهري ۾ ويهندي ويهندي ڏنگيون ڦڏيون سٽون لکندي استاد جي رهنمائي ۾ شاعر ٿيس، جنهن کان پوءِ ڪڏهن ٿورو ڪڏهن گھڻو لکندو پيو اچان اهڙي ريت شاعري جي ٻک ۾ ٻکجي ويس ۽ شاعري جي طرف لاڙو ڏيارڻ لاءِ منهنجي مدد منهنجي مامي حسين کرل ڪئي جنهن پيءُ جيان مونکي پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ ان کان پوءِ استاد پيرل قمبر جنهن مونکي ادب کان گھڻو واقف ڪيو.

شاعري جي زماني ۾ مونسان پيش آيل هڪ اهڙو واقعو جيڪو ڪڏهن وسريو ته ناهي ۽ شايد ڪڏهن وسرندو به نه، جنهن وقت آءٌ شاعري لکندو هيس ان وقت منهنجي پياري ڌيءَ (فروه بتول) فوت ٿي وئي هئي، جنهن کي چاهڻ جي باوجود به بيماري مان نجات ڏياري نه سگھيس ۽ هوءَ مونکان هميشه لاءِ وڇڙي وئي جنهن جي ڪري منهنجي گھر جي ننڍي ڪائنات اڃا به اداس آهي، انهي پس منظر ۾ منهنجو چوسٽو آهي.

تـوکـي بيــماري گِھلي وئي پاڻيءَ جيان
تـــو ڪــٽـيـا مــاهه ٽــي قـيــديـاڻــيءَ جيان
توکي غربت نه منهنجي بچائي سگھي
(ضمير حسين کرل)
شـرمنــدو آهيان پنـهنجي ڪهاڻي جيان.
------------------------------------------------

صحافت ڏانهن لاڙو:  ضمير حسين کرل صحافت جي ميدان ۾ 1998ع کان باقاعده شروعات ڪئي هن صحافت جي شروعات هڪ اخبار کان ڪئي جنهن جو نالو “تعمير سنڌ” هو ۽ ان کان پوءِ پاڪ سنڌ، نجات، هلچل، پبلڪ 
نيوز، خبرون، سنڌ ۽ بشارت اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ هينئر هلچل ۽ بشارت اخبارن ۾ ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي.

هن ٽي ــ وي نيوز چينلن تي ڪم 2000ع کان شروع ڪيو جنهن ۾ پهريون چينل “اپنا ٽي ــ وي” هو ان کان بعد رنگ، ڌرتي، دهوم، APP نيوز ايجنسي ۽ مهراڻ ٽي ــ وي تي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ 2008ع کان مهراڻ ٽي ــ وي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ تقريباً 8 سال ڪم ڪندي گذري ويا آهن، هن 8 سالن جي عرصي دوران مهراڻ ٽي ــ وي طرفان 2010ع کان 2012ع تائين “ بيسٽ رپورٽر جي ايوارڊ” سان پڻ نوازيو ويو هو ان کان علاوه هن کي ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا جن مان ڪجھ هي آهن. “پيرل قمبر ايوارڊ” هي ايوارڊ “نئين سونهن ميگزين” شايع ڪرڻ جي ڪري ڏنو ويو هو هن ميگزين اندر ادبي ڳالهيون شايع ٿينديون هيون ۽ هي سلسليوار ڇپجندو هو، 2000ع ۾ سٺي ڳائڻ جو ايوارڊ ڏنو ويو هي ايوارڊ “شهدادڪوٽ جو شهري معاشرو” نالي هڪ تنظيم ڏنو هو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا.

ضمير حسين کرل جي چوڻ مطابق ته آءٌ صحافت ۾ پنهنجي شوق سان داخل ٿيو هيس ۽ آءٌ ته سمجھان ٿو ته صحافت ايمانداري، سچائي، عوام جي خدمت ڪرڻ، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي آواز کي اٿارڻ کي صحافت چئبو آهي. هن پنهنجي زندگي جو اڪثر حصو ٻين جي خدمت ڪرڻ، انهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ گذاري آهي ۽ هي هميشه غريبن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ غمگينن، لاوارثن کي پنهنجو دوست سمجھندو آهي.

نالو: عبدالغفار
ڪلاس: ايم اي پريويس
رول نمبر: 02 
Under supervision of Sir Sohail Sangi
#Profile, #AbdulGhaffarWadho

صدرالدين لاشاري پروفائيل



پروفائيل
ليکڪ: صدام لاشاري

صدرالدين لاشاري 

سوين سال اڳ هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترن ئي سماج سڌارڪ جنم ورتا ۽ پنهنجي سماج سان لاڳاپيل  هر ماڻهو جي ڀرپور مدد ڪئي.
اڄ به هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترائي سماج سڌارڪ موجود آهن جيڪي رنگ، نسل ۽ مذهب جي بجائي انسانيت کي وڌيڪ ترجيع ڏين پيا، انهن جو مقصد صرف ۽ صرف سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجا حق وٺرائي ڏيڻ ۽ انهن ۾ محبت پکيڙڻ آهي اهوئي سبب آهي جو هن ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃا تائين محبتن جا مور نچن پيا، سماج سڌارڪ جو مقصد هڪ ٻيو به رهيو آهي ته هو بي سهارن کي سهارو ڏي، بي گهر ک گهر ڏي، بيمارن کي مفت ۾ علاج فراهم ڪري ۽ انهن کي زنگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪري، اسان ۽ توهان جي آڏو سڀ کان اعليٰ مثال عبدالستار ايدهي جو آهي جو هن مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ خيراتي اسپتالون کولي ماڻهن کي مفت ۾ علاج ڏئي انهن جي زندگي ۾ خوشيون پکيڙيون ، 
جتي سماج سڌارڪ جي ڳاله هلي ۽ اتي بهترين سماج سڌارڪ کي ياد نه ڪرڻ ناانصافي هوندي ان سماج سڌارڪ به پنهنجي زندگي سماج لاءِ سپرد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي سماج ۾ اڄ به سماجي صدر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو  جنهن جو پورول نالو صدر الدين لاشاري آهي، هن هڪ ننڍڙي ڳوٺ صاحب خان لاشاري ۾ جنم ورتو جيڪو  5 ڪلو ميٽر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان اولهه تي آهي هن جو جنم 6 اپريل 1975ع ۾  ٿيو ، شروعاتي تعليم شهدادڪوٽ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ، هائر ۽ سڪنڊري تعليم ڪجهه وقت بعد ۾ ساڳئي شهر مان حاصل ڪيائين، مالي بحران جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت رڪاوٽون ڏسڻيون پيس، آخر ڪار وڏي جدوجهد سان اعليٰ تعليم لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ان دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻ ملهايو ۽ سٺين مارڪن  سان ڊگري پاس ڪيائين،

يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ هن پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ماڻهن کي تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو، سخت تنقيد ۽ رسوائي کان بعد ۾ آخرڪار هي پنهنجي سوچ  ۽ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ٻارن لاءِ هڪ ننڍو اسڪول کولرايائي ان اسڪول ۾ هي صبح جو ته ٻارن کي پاڻ پڙهائيندو هو پر ان سان گڏو گڏ شام جو ٻارن کي اتسائڻ لاءِ طرح طرح جو رانديون پڻ ڪرائيندو هو، تعليم سان گڏوگڏ هن ان ڳوٺ ۾ اخلاقي مهم هلائي جنهن جو اثر ماڻهن مٿان تمام گهڻو پيو ۽ ماڻهن هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت ۾ رهڻ لڳا، جيڪي پهريان صرف نفرت ڪرڻ ڄاڻيند هئا، سڀ کان وڏو سماجي صدر اهو ڪم ڪيو جو ڳوٺ اندر ڇوڪرِن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي مهم پڻ هلائي ڪجهه ماڻهن ناراضگي جو اظهار ڪيو ليڪن وقت تبديل ٿي چڪو هيو صدرالدين سڀن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري تعليم جا فائدا تمام نرم واري انداز ۾ ۽ سولي طريقي سان سمجهايا

آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هنن اهو ارادو ڪيو ته اڄ کان بعد ۾ عورت صرف گهر جي زينت نه بڻجي پر هن معاشري کي وڌيڪ  سڌارڻ لاءِ اهم ڪردار پڻ ادا ڪندي اهو ئي سبب آهي جو پهريان عورت کي پير جي جتي سمجهيو ويندو هيو، عورت کي ناڪارا اٻوجهه، سمجهيو ويندو هيو اگر عورت کي ڪنهن سان ڳالهائيندي ڏٺو ويندو هيو ته ان عورت کي غيرت جي بنياد تي قتل ڪيو ويندو هيو اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين جي ڪوششن سان اڄ ان ڳوٺ جو عورتن اعليٰ تعليم لاءِ مختلف شهرن ۾ زيِر تعليم آهن، 

صدرالدين لاشاري جي هڪ ننڍي ڪلينڪ ان ڳوٺ ۾ پڻ آهي اسڪول مان فارغ ٿي شام جو ڪلينڪ کي ٽائيم ڏيندو آهي ۽ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو آهي، هاڻي هن جي ڪوششن سان ڳوٺ  ۾  پڻ سرڪاري اسپتال کلي چڪي آهي جيڪا غريبن لاءِ تمام گهڻي فائدي مند آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا پنهنجا مسئلا صدرالدين لاشاري کان حل ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن هو وس آهر انهن جا مسئلا تقريبن حل ڪرڻ جو ڪوشش ڪندو آهي، 

هي ان پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارن جي تقريري مقابلا، کليل جڳهه تي ڪرائيندو آهي ۽ سڀني ڳوٺ وارن کي پڻ گهرائي انهن ٻارن کي حوصلا افزائي ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪندو آهي ڪجهه وقت پهريان هن ڳوٺ ۾ ننڍي پيماني تي لائبريري کولڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني جيڪا ڪجهه ئي مهينن ۾ پوري ڪئي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين ان ويران ڳوٺ کي آباد ڪيائين ماڻهن جي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل ڪيائين، رسوائي ۽ غم کي خوشين ۾ تبديل ڪيائين،  ساڙ ۽ تعصب کي همدردي ۾ تبديل ڪيائين، ۽ محبتن جي مور کي هميشه لاءِ مرڪائي اهو هن ثابت ڪري ٻڌايو ته انسانيت ڪڏهن به مرندي ناهي ، ان ئي همدردي ۽ سٺائپ لاءِ اڄ به ڳوٺاڻا هن سان سچي دل سان محبت ڪندا آهن ۽ پنهنجو ڪو به ڪم هن جي ٻڌائڻ کانسواءِ ناهن ڪندا، صدرالدين جي ننڍڙي ڪوشش جي ڪري اڄ هو سڀ امن جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن.

نالو: صدام لاشاري
ڪلاس: ايم اي پريوس
رول نمبر: 52

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

ذوالفقار گاڏهي شاعر Imtiaz Abbasi,

Unchecked. Feed back later
MA/Prev/MC/28
Imtiaz Abbasi, 
شاعر تصوراتي دنيا جو بادشاھ
تحرير امتيازعباسي


شاعري جيڪا هزارين دلين جي ترجماني ڪندي آهي جيئين ڪو سياستدان ماڻهن جي نمائندگي وڃي اعلى ايوانن ۾ ڪندو آهي. تيئين ئي شاعر به ماڻهن جي دلين ۾ سمايل ڏکن ۽ خوشين جي ترجماني ڪندو آهي 
اگر ڳالھ شاعري جي آهي ته پوء خيرپور ناٿن شاھ جي ننگري به سرفهرست ۾ اچي ٿي جتي سنڌ جي وڏن وڏن شاعرن جنم ورتو آهي
جن ۾ حڪيم محمد صادق (طالب) عباسي، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، نشتر ناتن شاهي جي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي چپي چپي شامل ڪيو آهي ان ناٿن شاھ جي ننگري ۾ نوجوان شاعر جيڪو هن محل نوجوان شاعرن ريڙھ جي هڏي سمجهيو وڃي ٿو.
خيرپورناٿن شاھ سان تعلق رکڻ واري استاد ۽ شاعر شخصيت ذوالفقار گاڏهي آهي
ذوالفقار گاڏهي جنهن امداد علي گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو امداد گاڏهي کي ٽِي پُٽ جن ۾ وڏو فرزند ذوالفقار گاڏهي آهي جيڪو سڀني کان بچپن کان ئي الڳ ڌلڳ هُيو
شاعر
ذوالفقار گاڏهي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ شير محمد گاڏهي مان وٺڻ کان پوء خيرپور ناٿن شاھ جي ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪري سنڌ ورسٽي مان باٽني ۾ (ايم اي سي) ڪئي ۽ انهين شاگردي واري دور ۾ ئي ڄامشوري جي پٿر دل حسينه سان عشق چوٽ چڙهي ويو پر هڪ طرفي محبت ذوالفقار کي شاعر بڻجڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پو سسئي جيان پل پل تڙپ کي  پنهنجي شاعري ۾ ارچو جنهن کان پو شاعري جي حاق واھڻ واھڻ وستي وستي گلي وئي پو ان شاعري کي ڪتابن جي شڪل ملڻ شرط ئي سنڌ ذوالفقار گاڏهي کي پڙهڻ شروع ڪيو.

ذوالفقار گاڏهي جي ڪنهن ويجهي دوست ٻڌايو ته اهو حسن پرست به پڻ آهي جنهن هڪ چوڻي مشهور آهي ته حسن ڏسڻ جي طاقت هوندي آه اهو ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيندو هن حسن پرست شخصيت جي شادي پڻ پنهنجي خاندان مان ڪرائي وئي جنهن مان سندس کي چار پُٽ رحمان گاڏهي، احمد فراز، امداد گاڏهي، اشفاق عرف احم گاڏهي ۽ هڪ نياڻي پڻ دلارام آهي
استاد 
ذُالفقار گاڏهي سنڌ ورسٽي ۾ تعليم حال ڪرڻ کان پوء انگريزي استاد طور گوزو شهر جي هاء اسڪول ۾ ڀرٿي ٿيو جتي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي

راڳ رنگ
ذوالفقار گاڏهي راڳ رنگ جي دلچسپي رکڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ جو شوقين پڻ آهي ۽ استاد شاعر هجڻ سان گڏ ڪاڇي جو زميندار پڻ آهي
ڪتاب
ذوالفقار گاڏهي صاحب ڪتابن جا  تمام گهڻا شوقين پڻ آهن هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو گهر توڙي اسڪول ۾ پڻ ڪندا آهن سندس گهر جي ڪمري جي چارو طرف ڪتابن جي دنيا سجايل آهي.
وڌيڪ ڪهڙ هڻون حقيقت اها ئي آ 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Friday, 25 March 2016

محمد عمر چنا (سما جي ورڪر) Faheem Memon

Revised , U did not improved it. see comments on ur older version
Faheem Memon 

پروفائل                         محمد عمر چنا (سما جي ورڪر)                                 
  ڄامشورو شهر ۾ سماجي ورڪر ته گهڻا آهن پر محمد عمر چنا  هڪ نوجوان سماجي ورڪر آهي جيڪو  پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ سماج جي ڀلائي جا ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي محمد عمر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي مائڪرو بائلاجي ۾ فائنل ايئر جو شاگرد آهي.   محمد عمر چنا جي پيدائش آر. بي.بي ڪالوني  ڄامشورو  ۾ اڻويهه سئو پنجانوي عيسوي ۾ ٿي.  محمد عمر چنا تمام فخر محسوس ڪندي چيو ته مان الله تعالٰي جو شڪر گذار آهيان جو مان انسانيت جي ڀلائي لاءِ هميشه سوچيندو رهندو آهيان . محمد عمر چنا پنهنجي ڪالوني جو سماجي ورڪر آهي جنهن وقت به ڪالوني کي سماجي ورڪر جي ضرورت پئي آهي ته هن هميشه پنهنجي ڪالوني جي لاءِ ڪجه بهتر ڪيو آهي. انهن سماجي ڪمن مان ڪجه هي آهن جيئن سياري جي يا اونهاري ۾ مڇرن جو تعداد تمام گهڻو ٿي ويندو آهي ۽ اهي مڇر انساني صحت لاءِ تمام نقصان ڪار پيدا ٿي سگهندا آهن  ته اسان انهن مڇرن کي ۽ انهن جي انڊن ۽ ٻچن کي ختم ڪندا آهيون ۽ دوائن جا پئسا ايم.پي.اي ۽ ايم.اين.اي يا ڪالوني مان چندو ڪري انهن مڇرن جي خلاف استعمال ڪندا آهيون ۽ انهن دوائن سان مڇرن جو جڙ کان خاتمو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن کي سُک جو ساه کڻڻ ۾ مدد ڪندا آهيون انکان علاوه ٻيا به ڪافي ڪم ڪيا آهن جنهن ۾ اسپورٽس پروگرام ڪرائيندا آهيون ڇو جو اسپورٽس کان سواءِ ماڻهون ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو اسپورٽس انسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي.   محمد عمر چنا  ميڊيڪل جو شاگرد آهي ۽  ٽيسٽن جون مشينون ڊي.سي.او کان وٺي ڄامشورو ڪالوني ۾ هڪ فري ڪئمپ لڳرائيندو آهي جنهن ۾ ماڻهن جون هيپاٽائٽس بي ۽ سي جون ٽيسٽون ڪيو ويندويون آهن محمد عمر چنا جو چوڻ هو ته اڳتي به ڪالوني جي لاءِ يا ڪالوني کان ٻاهر سماجي ڪمن جا موقعا مليا ته ضرور ڪنداسين ۽ هن مهل تائين بغير ڪنهن لالچ جي ڪم ڪيا آهن ۽ ياد رهي ته اسان جي سماجي ورڪرن جي ٽيم جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي  ان سان گڏوگڏ اسان پنهنجي ڪالوني ۾ هڪ بلڊ ڪئمپ لڳائي هئي جنهن جو مقصد هيو ته اسان پنهنجي ڪالوني وارن جي بلڊ گروپ جي سڄاڻ رکي سگهون ان ڪئمپ ۾ اسان ماڻهن جي بلڊ گروپ جي لسٽ ٺاهي ۽ انهن جي رابطي جا نمبر ورتا جيئن اسان پنهنجي ڪالوني وارن جي سروي ۾ مدد ڪري سگهون اسان جي ماڻهن ان ڪئمپ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اسان ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي                       
       فهيم احمد ميمڻ  
2k16/MMC/20

Unchecked
Not impressive. Get some comments. compare contrast
پروفائل                                                         
محمد عمر چنا (سما جي ورڪر)                                
فهيم احمد ميمڻ

 
 
ڄامشورو شهر ۾ سماجي ورڪر ته گهڻا آهن پر محمد عمر چنا  هڪ نوجوان سماجي ورڪر آهي جيڪو  پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ سماج جي ڀلائي جا ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي محمد عمر سنڌ يونيورسٽي جي شعبي مائڪرو بائلاجي ۾ فائنل ايئر جو شاگرد آهي.


محمد عمر چنا جي پيدائش آر. بي.بي ڪالوني
ڄامشورو  ۾ اڻويهه سئو پنجانوي عيسوي ۾ ٿي.
محمد عمر چنا تمام فخر محسوس ڪندي چيو ته مان الله تعالٰي جو شڪر گذار آهيان جو مان انسانيت جي ڀلائي لاءِ هميشه سوچيندو رهندو آهيان . محمد عمر چنا پنهنجي ڪالوني جو سماجي ورڪر آهي جنهن وقت به ڪالوني کي سماجي ورڪر جي ضرورت پئي آهي ته هن هميشه پنهنجي ڪالوني جي لاءِ ڪجه بهتر ڪيو آهي. انهن سماجي ڪمن مان ڪجه هي آهن جيئن سياري جي يا اونهاري ۾ مڇرن جو تعداد تمام گهڻو ٿي ويندو آهي ۽ اهي مڇر انساني صحت لاءِ تمام نقصان ڪار پيدا ٿي سگهندا آهن  ته اسان انهن مڇرن کي ۽ انهن جي انڊن ۽ ٻچن کي ختم ڪندا آهيون ۽ دوائن جا پئسا ايم.پي.اي ۽ ايم.اين.اي يا ڪالوني مان چندو ڪري انهن مڇرن جي خلاف استعمال ڪندا آهيون ۽ انهن دوائن سان مڇرن جو جڙ کان خاتمو ٿي ويندو آهي ۽ اسان ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن کي سُک جو ساه کڻڻ ۾ مدد ڪندا آهيون انکان علاوه ٻيا به ڪافي ڪم ڪيا آهن جنهن ۾ اسپورٽس پروگرام ڪرائيندا آهيون ڇو جو اسپورٽس کان سواءِ ماڻهون ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو اسپورٽس انسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي.  
محمد عمر چنا  ميڊيڪل جو شاگرد آهي ۽  ٽيسٽن جون مشينون ڊي.سي.او کان وٺي ڄامشورو ڪالوني ۾ هڪ فري ڪئمپ لڳرائيندو آهي جنهن ۾ ماڻهن جون هيپاٽائٽس بي ۽ سي جون ٽيسٽون ڪيو ويندويون آهن محمد عمر چنا جو چوڻ هو ته اڳتي به ڪالوني جي لاءِ يا ڪالوني کان ٻاهر سماجي ڪمن جا موقعا مليا ته ضرور ڪنداسين ۽ هن مهل تائين بغير ڪنهن لالچ جي ڪم ڪيا آهن ۽ ياد رهي ته اسان جي سماجي ورڪرن جي ٽيم جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي
ان سان گڏوگڏ اسان پنهنجي ڪالوني ۾ هڪ بلڊ ڪئمپ لڳائي هئي جنهن جو مقصد هيو ته اسان پنهنجي ڪالوني وارن جي بلڊ گروپ جي سڄاڻ رکي سگهون ان ڪئمپ ۾ اسان ماڻهن جي بلڊ گروپ جي لسٽ ٺاهي ۽ انهن جي رابطي جا نمبر ورتا جيئن اسان پنهنجي ڪالوني وارن جي سروي ۾ مدد ڪري سگهون اسان جي ماڻهن ان ڪئمپ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اسان ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي
    
                                    فهيم احمد ميمڻ

2k16/MMC/20 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro