Showing posts with label درشھوار. Show all posts
Showing posts with label درشھوار. Show all posts

Sunday, 27 March 2016

پرو فائل شيخ عزيز


پرو فائل  شيخ عزيز 
درِشھوار مرزا
2K16-MMC-19
M.A Previous
جناب شيخ عزيز ____ جديد سنڌي صحافت جو
MILE STONE
ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇي واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب سيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾
به نالو ڪڍيو.
 ننڊي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھانه لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمرئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ غزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون. 

پاڻ ڇا ڪاڻ ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاته حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيوويو، شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھجي جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريه لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا، 
ھي دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبه قائم ٿي چڪا ھئا، ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ تحرير ڪيو”عملي صحافت“ 

ھاڻي 1978 ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ جناب خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جناب شيخ غزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. 1978 ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھ نمايا نالا آھن -- آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي،آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا. 
شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو، سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اردو ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھائين، سنڌ جي موسيقي ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃان منتظر آھي. 

جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردو کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھجو پاڻ مڃرايائون ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏوگڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪ انگريزي ۾ لکيا، ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتون آڍار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. 

شيخ صاحب پيدائش جو سال 1938 سالگره جي تاريخ آھي 09 ڊسمبر ھن وقت 78 سالن جي ڄمار ۾ به ساڳي تازهيءَ سان ڊان اخبار لاءِ ڪيترن ئي تاريخي واقعن بابت مضمون لکندا رھندا آھن. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سيئر ڪري چڪا آھن ، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان 1965 ڍاري پاڻ جرنلزم جي سنڌ حاصل ڪيائون. 
پاڻ ھن وقت تائين ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد، شاندار سفرنامو لکيائون. “مون لينن جو ڏيھه ڏٺو” شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن. جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي.
Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi 

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Wednesday, 9 March 2016

Interview with poet Parwano Bhatti

Foto of Parwano Bhatti sb is needed. 

Interview with Parwano Bhatti - by Dure Shahwar Mirza
دُرِ شھوار مرزا ماس ڪميونيڪيشن 2 K16 
ڪلاس: M.A (Previous) 
(انٽرويو)
پروانو ڀٽي صاحب
نامياري صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي سان ڳالھ ٻولھ اسين پھنجي گھر ۾ مسافر مسافر....
اسان جي مھمان شخصيت محترم سائين پروانو ڀٽي صاحب 16 فيبريري 1934 تي ضلع دادوءَ جي هڪ ننڍري ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندن اصل نالو ميوه خان رکيو ويو. سندن والد صاحب نالو گل محمد ڀٽي هو. ننڍئَ عمر ۾شاعري شروع ڪيائون. شروع ۾ سندن تخلص “جوهر” پوءِ “ميرل” “آزاد” ۽ 1950 ۾ شاعري لاءِ موجوده تخلص “پروانو” اختيار ڪيائون. پروانو صاحب 1949 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري ٽيچر ٿيا. 1953 ۾ تپيداري ڪاليج ۾ داخل ٿيا. هي امتحان پاس ڪري ڪجھ وقت تپيدار به ٿيا. 1947 کان شاعري شروع ڪيائون، 1953 ۾ نامياري شاعر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کي شاعري ۾ پهنجو استاد ڪيائون. صحافت سان دلچسپيءَ جي ڪري روزاني هلال پاڪستان ۽ عبرت اخبار کان صحافت جو سفر شروع ڪيائون ۽ وڏو نالو ڪيائون. اخبارن ۾ قطع نگاري سبب به وڏي شهرت حاصل ڪيائون. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پبلڪ رليشن آفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون اٿن.
سنڌي صحافت ۽ شاعريءَ لاءِ پاڻ سڄي حياتي بهترين خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا آهن پر ڏک جي ڳالھ آهي ته سندن ڪو به شاعريءَ جو ڪتاب اڃان تائين شايع نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ هن وقت 82 سالن جا آهن.
سنڌ جي هن معروف شخصيت پروانو صاحب کان مهنجو پهريون سوال هي هئو...

سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، پهرين لکڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟

جواب:  مون لکڻ  جي  شروعات  1948 کان  ڪئي، 1947 ۾ سنڌي فائنل امتحان پاس ڪيو. پوءِ 1948 ۾ آئون ٽيچر ٿيس سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق  ننڊي هوندي کان هو، 1948 ۾ مون شاعري ڪئي، 14 آگست 1947 جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته آئون هڪڙو ننڊو گوٽ آهي بدين هينئر بدين ضلو آهي هُن زماني ۾ حيدرآباد ضلعو هو ڪڊهڻ هڪڙو ننڊو گوٽ آهي. هن ڪڊهڻ جي پرائمري اسڪول ۾ جيڪا صُبح جو اسمبلي ٿيندي هُئي ان اسمبلي ۾ مون شعر پڙهيو هو “پيارو پاڪستان” مون جو لکيل پهنجو پڙهيو اها مهنجي شاعري جي ابتدا هئي حيدرآباد مان هُن زماني ۾ هڪڙي اخبار نڪرندي هُئي “هلالِ پاڪستان” جيڪا هاڻ ڪراچي مان ٿي نڪري. اُن هلالِ پاڪستان ۾ آئون اُهي مضمون ٻارن جي ٻاري ۾ يا جنرلي طرح سان آئون لکندو هئس، پو اِهي منهجي اُهي لکڻيون پهريون پهريون اُتي ڇپيون.

سوال: اوهان ادب ۾ آيا ته پهرين شاعر ٿيا يا صحافي؟

جواب: ادب  ۾ هي  ٻئي  الگ  شيئون  آهن، هر صحافي اديب نٿو ٿي سگهي پر هر اديب صحافي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ڪو صحافي چوي ته مان اديب آهيان ته اهيو ڏاڊو مشڪل آهي پر ڪو اديب چوي ته آئون صحافي آهيان اهيو ٿي سگهي ٿو. حيدرآباد اسلاميه دارلعشاء قرآن پريس هوندي هئي جنهن جو مالڪ محمد عثمان ڏپلائي هو. آئون ڏپلائي سائين جي آفس ۾ ويس منهجي عمر 19، 20 سال هئي. مون ڪڏهن به ڏپلائي صاحب کي ڪون ڏٺو هو، ٻه ٽي بزرگن سان ويٺا هئا. ڪچهري لڳي پئي هئي، مون ٻڌايو ته منهجو نالو ميوه خان آهي اهيان آئون پرواني جي نالي سان مشهور ڪون هُئس. مون ٻڌايو ته مون سنڌي فائنل ڪڊهڻ جي شهر مان پاس ڪئي آهي ته ڏاڊو خوش ٿيو ته ٿر آهي مونکي چئين ته پاڻ ڳوٺائي آهيون مون چيو ها ڳوٺائي آهيون ڏپلائي صاحب مون کان پهريون سوال ڪيو ته نوڪري ڪندي اخبار ۾ ڪم ڪندي مون چيو ها اخبار ۾ ڪم ڪندس.رپيو روز جي حساب سان مون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪيو 30 رپيه مهينو. مون جيڪو روزگار پنهنجو ڪيو آهي پنهنجي محنت سان ڪيو آهي. ائين آئون صحافت جي دنيا ۾ آيس.
سوال: صحافت ۾ توهان ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪيو؟

جواب: صحافت ۾ مون  ابتداء  ڪئي هلالِ پاڪستان کان پر ڇا ڪاڻ  ته ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندي جيڪا عبرت اخبار ڊيلي آهي اُها هُن وقت هفتي وار نڪرندي هُئي ۽ ڏپلائي صاحب جو ڪتابي سلسلو هو عبرت ماهوار ڪتابي سلسلو پو ان ماهوار ڪتابي سلسلي ۾ ڏاڊو مشهور شعر هوندو هو.

یارب یہ التجا  ہے کرم  تو  اگر  کرے
وہ بات دے قلم کو  جو دل پر اثر کرے
اهيو ڪتاب جي مٿان لکيل هوندو هو ۽ جيڪو ڏپلائي صاحب مضمون لکندو هو اُن جي مٿان اهيو شعر هوندو هو ۽ ٻيو عبرت اي اکيون وارا عبرت حاصل ڪيو. قرآن شريف جي آيت آهي. هن جي هيٺان لکبو هو عبرت وٺو. پو اُتي اهيو مون صحافت جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو. ڊيلي هلالِ پاڪستان پنهنجو هڪڙو نمبر ماهوار ايڊيشن ڪڊيو ته مونکي آفر ٿي ته توهان ماهوار ايڊيشن ۾ اچي ڪم ڪيو. پوءِ مون ماهوار ايڊيشن ۾ ڪم ڪيو. مونکي ماهوار ايڊيشن ۾ انچارج ڪيو ويو. عبرت ۾ مون کي مرحوم شيخ علي محمد تمام وڏو نالو آهي. سنڌي صحافت ۾ اُهو مونکي وٺي آهيو. 21 سال لاڳيتو مون عبرت ۾ ڪم ڪيو. شيخ صاحب پنهنجي اخبار ڪڊي قلعي جي پاسي مان آفتاب اخبار گول بلڊنگ جي ڀرسان اُن ۾ به مون ڪم ڪيو، ته مون هلالِ پاڪستان، عبرت ۽ آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪيو.
سوال: توهان  صحافت  ۾ رپورٽنگ  سان  گڏ  ڏاڊا  زبردست  قطعه  به اخبارن ۾ لکيا آهن، اُهي ڪهڙن موضوعن کان متاثر ٿي لکندا هُئا؟
جواب: قطعه سنڌي ادب ۾ تمام گهڻا  لکيا ويا  آهن ۽ سُٺن شاعرن لکيا آهن جن ۾ منهنجا ڪيترا استاد شاعر هئا جيڪي مون کان سينيئر هئا. شاعري ۾ منهنجو استاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل هو ۽ اُن جي نظرداري ۾ مونکي اهيو تخلص آهي جيڪو پروانو مليو نه ته منهنجو تخلص شاعري ۾ ميوه خان ميول هوندو هو تڏهن تخلص جوهر به رکيو ويو پر پوءِ مرحوم استاد مونکي چيو ته تون اسان جو پروانو آهين ته بس هاڻ تون پروانو ٿي وڃ اهين آئون پروانو ٿي ويس. شاعر و شاعري ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هي صنف جيڪا آهي ان جو گهٽ استمال پيو ٿي غزل لکجن پيا، گيت لکجن پيا پر هن پاسي روبائي ۽ قطعه تي ڪير توجه ڪونه ٿو ڏي هالانڪي اڳ ۾ شعراء ڪرام لکندا هئا. آئون خوش نصيب هُنن شاعرن مان آهيان. منهنجي الله جا لک لک مون تي احسان ۽ ڪرم آهن منهنجي رب جا جو مون پنج هزار قطعه لکيا.
سوال:هن وقت تائين توهان ڪيترا قطعه  لکيا  آهن  ڇا  انهن  جو  ڪو مجموعو مرتب ڪيو اٿو؟ 
جواب: مون پنج  هزار  قطعه  لکيا  آهن پر ڪو مجموعو آئون  مرتب  نه ڪري سگهيو آهيان ڇو ته منهنجا مالي حالات اهي نه آهن ته منهنجي ڪا ڪتاب ڇپجي يه آئون ڇپرائي سگهان.
سوال: اوهان جو والد  صاحب  ته  پوليس  ۾ هو  پوءِ  اوهان  پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: بابا  سائين جو خيال  منهنجي متعلق پوليس لاءِ نه هو، بابا سائين جو خيال هو ته آئون تپيدار ٿيان. هُن زماني ۾ تپيدار وڏي نوڪري هُئي.
سوال: خبر  پئي  آهي  ته توهان  تپيداري  جو ڪورس به ڪيو، پوءِ ان شعبي ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: مون 1953 ۾ تپيدار ڪاليج  ۾ داخلا  ورتي. آئون  تپيدار  پڙهي پاس ٿيس پنج، ڇهه مهينا نوڪري ڪيم بيمار ٿيس مون تپيداري ڇڏي ڏني. ڏهين جو آئون تپيدار اسڪول ۾ ۽ شام آئون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندو هُئس.


سوال: شروع ۾ توهان پرائمري استاد به هُئا، اها نوڪري ڪيترو وقت  ڪيوءَ ۽ ڇو ڇڏيوءَ؟
جواب: پنج  سال مون ماستري  ڪئي  مختلف  اسڪول هُئا. حيدرآباد ضلعو هو هُن زماني ۾ بدين ضلعو اڄان نه ٿيو هو. بدين تعلقي ۾ ماتلي تعلقي ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو، حيدرآباد تعلقو، هالا تعلقو انهن سڀنن ۾ مون نوڪري ڪئي. چار، پنج مهينا، ڪٿي سال ڪٿي ڏيڊ سال نوڪري ڪئي. آخري منهنجي نوڪري جيڪا هُئي سا هالا تعلقي جي تاجر لغاري اسڪول جيڪو اڄان تائين هُتي اسڪول آهي. منکي وري اخبار جو شوق تنهن ڪري مون ماستري ڇڏي ڏني.


سوال: توهان  مشاعرن ۾ ادبي گڏجائين  جا  اسٽيج  سيڪريٽري به رهيا آهيو ڪي يادگار محفلون جن ۾ توهان جي سامهون وڏيون  وڏيون هستيون ويٺل هيون؟
جواب: آئون ادبي ڪانفرنس جو اسٽيج  سيڪريٽري  هوندو هُئس. سچل سرمست جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي، پهرين ادبي ڪانفرنس ٿي ائون اسٽيج سيڪريٽري هُئس، 1963، 1964 ۾.هڪڙو سال پوءِ 1964، 1965 ۾ قلندر لال شهباز جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس. سسي جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس.آئون هٿي سنڌي ادب جي اندر جيڪي وڏيون  ادبي آرگنائزيشن آهن جمعيت شعرائي سنڌ سڄي سنڌ جي شاعرن جي آرگنائزيشن هُئي آئون ان جو ميمبر به رهيس پو جڏهن آئون ڊاڪٽر شيخ محمد آبراهيم خليل وٽ آيس تڏهن آئون بدمِ خليل جو ميمبر رهيس. قبله مخدوم محمد زما طالبعلم مولا بدمِ طالبعلم مولا قائم ڪئي هُئي ان جو به ميمبر رهيس. ٽنڊي محمد خان ۾ اسان ازان بسمل قائم ڪئي بدمِ ادب قائم ڪئي. 1954 ۾ ڌاري سنڌي ادبي سنگت مون قائم ڪئي. ٽنڊي محمد خان جيڪا اڄان تائين آهي. چونڊون ٿينديون آهن هر سال آئون ان جو مُحرڪ رهيس شروع کان وٺي. پو ٿورو وقت 2000 ڌاري 2001 ڌاري بدمِ روح ريحان مون قائم ڪئي امين سنڌي جي گهر جيڪا اڄان تائين آهي.
سوال: توهان هڪ سنڌي فلم “محبوب مٺا” ۾ ڪم به ڪيو، اهو تجربو ڪئين رهيو؟
جواب: سٺو رهيو! ان جو هڪڙو داستان اهيو آهي ته آئون ڪو فلم جي لاءِ ويو ڪون هئس. سنڍي فلم هُئي “پرديسي” ان فلم جي لاءِ مون کي ۽ مصطٓفي قريشي کي چونڊيو ويو، آئون ڏاڊو خوش هُجان مون اچي گهر ڳالهه ڪئي ٽنڊو محمد خان، بابا سائين پوليس ۾ هو مون جو بابا سائين کي ٻڌايو ته فلم ۾ ڪم مليو آهي پر مونکي اجازت ڪانه ملي.1970 يا 1971 ۾ منهنجو دوست هوندو هو الطاف عباسي، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٽيڪسيشن ڪراچي. جڏهن به ڪراچي ويندو هُئس هُن وٽ رهندو هُئس. هڪ ڏينهن ڪراچي گُهمائڻ لاءِ وٺي هليو ۽ هڪ اسٽوڊيو ڏيکارئين جتي فلم محبوب مٺا تي ڪم په هليو. اُتي فلم جي پروڊيوسر سان ملياسين هُن مونکي چاچا ڪري سڏيو، منهنجي واقفيت هي ڪانه هُئي مون سمجهو آئون عمر ۾ وڏو آهيان تنهن ڪري چاچا ڪري سڏي ٿو، پُڇئين! توهين بيراج ۾ تپيدار هُئا، مون چيو ها هُئس، محترم مقداد گورماڻي هو مون چيو ها هو چئين آئون ان جو پُٽ آهيان توهان بابا وٽ ايندا هُئا ته اسين تڏهن ننڊڙا هُئاسين تنهن ڪري آئون چاچا چوان ٿو، آئون پنهنجي فلم محبوب مٺا پيو ٺاهيان ان ۾ هڪڙو پارٽ آهي مهرباني ڪري توهان ڪريو ۽ آئون اداڪار ٿي ويس. منهنجو تجربو سٺو رهيو پر ماحول مونکي پسند ڪونه آهيو اِن ڪري مون ڪي ٻي فلم ۾ ڪم نه ڪيو.

سوال: ڇا توهان پنهنجي آٽو بايو گرافي يا زندگي جو احوال لکو پيا؟
جواب: ها مون هڪڙو احوال لکيو هو امرتا رسالو نڪرندو هو پو اُن ۾ هڪڙو منهنجو شعر هو منهنجي پنهنجي زندگي جي متعلق ته،

ڪتاب  زندگي  جا  ورڪ  ويٺو  هاڻي  اُٿلايان
ڪمائي هيتري ساري سا ڪهڙن سلسلن ۾ وئي
ڪيم جو شاعري ته لاءِ ساگم ٿي ڪاغذن ۾ وئي
آئون لکندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن. ڪتاب زندگي جا ورڪ جي عنوان سان امرتا رسالو حيدرآباد ۾ نڪرندو هو اُن ۾ 18 ڪستون پنهنجي زندگي جون لکيون.


سوال: توهان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ پسند ڪندوءَ؟
جواب: سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪڙو هي پيغام آهي ته “شاه عبدالطيف ڀٽائيؒ کي پڙهن.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
#ParwanoBhatti

Sunday, 6 March 2016

نظر وہم یا حقیقت

We have no word composing system. In urdu we need composed in inpage.  Next time, piece composed in word will not be accepted
درشھوار   مرزا  
Revised
2k16/MMC/19
MA Previous 
فیچر :   نظر وہم  یا حقیقت
         نظر بد  وہم یا حقیقت  ایک ایسا موضوع ہے،جس کے بارے میں متضاد آراء پائی جاتی ہیں۔کچھ لوگوں کا خیال ہے کہ نظر بد کی دراصل کوئی حقیقت نہیں ہوتی اور یہ محض وہم ہے، اس کے سوا کچھ نہیں ہے ۔ دوسری طرف کچھ ایسے لوگ بھی ہیں جو اس پر یقین  رکھتے ہیں۔
"نظر لگ گئی"، "لگادی نہ نظر"، نظر، نظر، نظر، یہ وہ جملے ہیں جو ہمیں اپنی روز مرہ زندگی میں اکثر سُننے کو ملتے ہیں۔
نظر بد کے سب سے آسان شکار بچے ہوتے ہیں جن کی معصومانہ حرکتیں ، شرارتیں دل  کو ایسے لُبھاتی ہیں کہ انہیں بے اختیار ماں باپ اور چاہنے والوں کی نظر بھی لگ جاتی ہے۔

کچھ ایسے ہی میرا ایک کزن نظر بد کا شکار ہو گیا تھا ۔وہ نہایت نیک  اور ہوشیار  اور پوزیشن ہولڈر ہے۔ وہ جب اسکول جانے کے لیے اُٹھتا تو اس کی طبیعت اچانک خراب ہو جاتی تھی یا اسکول سے فون آجاتا تھا کہ  آپ  کہ بچے  کی طبیعت خراب ہو گئی ہے آپ اُسے آکر لے جائیں اور اسکول کا ٹائم گزرنے کے بعد اس کی طبیعت ٹھیک ہو جاتی تھی اسے جسم کے بعض حصوں میں شدید تکلیف شروع ہو جاتی تھی والدین نے کافی ڈاکٹرز کو دکھایا لیکن کوئی افاقہ نہیں ہوا ایسا لگاتار چھ مہینے تک چلتا رہا جس کی وجہ سے اس کی پڑھائی پر کافی بُرا اثر  پڑا۔ آخر کار کچھ عامل حضرات سے رابطہ کیا گیا تو انہوں نے سخت نظرِ بد کا اثر بتایا پھر روحانی علاج شروع کیا گیا جس سے کافی فائدہ ہوا اب وہ بلکل ٹھیک ہے۔

نظر ایک زہر ہےکہ حق تعالیٰ نے بعض لوگوں کی آنکھوں میں اس کو رکھا ہے جیسا کہ بچھوں کے  ڈنگ  اور سانپ کی زبان میں زہر رکھا گیا ہے اسی طرح آدمی کی آنکھ میں بھی نظر مقرر کی گئی ہے اور یہ نہ جانے کہ نظر غیر کی لگا کرتی ہےاپنی  نہیں لگتی بعض وقت اپنی ہی نظر لگا کرتی ہے اور یہ جانے کہ فقط انسانوں ہی پر لگتی ہے دوسری چیز پر نہیں لگتی  ہے    ،  بلکہ نظر کا شکار جانور، کھیتی، باغ، دولت اور اسباب، ہر وہ چیز جو خوبصورت اور فائدہ  ہو نظر کا شکار ہو جاتی ہے۔
نظر صرف انسان کی ہی نہیں لگتی بلکہ آسمانی اور نادیدہ مخلوق کی بھی لگتی ہے۔
نظر بد جسے زخمِ چشم یا نظر لگنا بھی کہا جاتا ہے ،اس کا تصور قدیم زمانے سے مختلف اقوام میں پایا جاتا ہے۔   عرب میں ایسے لوگ موجود تھے جو نظر لگانے میں شہرت رکھتے تھے۔

 اور ان کی یہ حالت تھی کہ دعویٰ کرکے نظر لگاتے اور جس چیز کو نقصان پہنچانے کے ارادے سے دیکھتے، ان کے دیکھتے ہی وہ چیز تباہ ہو جاتی۔ نظر بد کا مسئلہ عقلی لحاظ سے ناممکن نہیں ہے ،کیونکہ آج کے دور میں یہ بات ایک ثابت شدہ حقیقت ہے کہ ،اگر آنکھوں میں ایک خاص قسم کی مقناطیسی قوت پر مہارت حاصل کر لی جائے تو آدمی اس کے ذریعے سے دوسروں کے ذہن اور خیالات پر اثر انداز ہو سکتا ہے۔

ہم میں سے اکثر لوگ ایسے افراد کو جانتے ہوں گے جو آنکھوں کی اس توانائی کے ذریعے انسانوں، جانوروں یا کسی بھی شے پر اثر انداز ہوتے ہیں، لہٰذا نظر بد کا انکار ممکن نہیں ہے اور نہ ہی نظر بد کا وجود عقل و علم کے منافی ہے۔
 باقی رہی یہ بات کہ نظر کا لگنا اچھا لگنے یا خوب صورتی کی وجہ سے ہوتا ہے یہ ضروری نہیں ہے، بلکہ نظر لگانے والے کی نظر میں اگر حسد یا دشمنی ہو تو تب بھی نظر لگتی ہے ۔

 بعض لوگ جن کی نظر لگتی ہے ان کا بیان ہے کہ جب ہم کسی چیز کو دیکھتے ہیں تو ہماری آنکھوں سے حرارت نکلتی ہے،نظر اس وقت لگتی ہے جب کسی کو اچھی نظر سے دیکھا جائے اور اس میں حسد کا شائبہ ہو اور نظر لگانے والا گندی فطرت والا ہوتا ہے، جیسے زہریلے سانپ ہوتے ہیں، اور اگر ایسا نہ ہوتا تو ہر معشوق کو عاشق کی نظر لگ جاتی ، لہٰذا یہ نظر کا لگنا حسد ، بغض ، کینہ اور دشمنی کی وجہ سے بھی ہوتا ہے۔

مان لیا  جائے کے  نظر کا لگنا   حق  ہے تو  اسکا  علاج  کیا ہے او ر  اس سے کیسے بچا جائے۔  اصل میں نظر کو دور کرنے کے بہت سے طریقے مختلف علاقوں میں رائج ہیں ۔

نظر لگنے او راس سے بچنے کیلئے  عرب میں جو طریقہ رائج تھا اور  ہے کہ جس شخص کی نظر لگتی ہے اس کے ہاتھ، پاؤں، ٹخنے، کہنیاں وغیرہ دھلوا کر وہ پانی اس شخص پر ڈالتے  ہیں جس کو نظر لگی ہوتی  ہے  اور اس کو وہ لوگ شفاء کا ذریعہ سمجھتے  ہیں ۔

مگر ہمارے پاس  نظر کے علاج  کے لیے   عجیب   وغریب طریقے  اپنائے جاتے  ہیں ۔ جیسے کہ بعض لوگ لو بان اور نیرہ ( خاص پودا) کے دھویں سے دھونی دیتے ہیں ، بعض لوگ پھٹکری سے نظر کا علاج کرتے ہیں۔
 کچھ لوگ لال والی سات عدد مرچیں لیتے ہیں اور اس پر چار قل پڑھتے ہیں اور جس کو نظر لگی ہوتی ہے اس کی جسم یا سر یا چہرے کے ساتھ ملتے ہیں اور پھر اسے آگ پر جلا دیتے ہیں۔

ہمارے ہاں  نظر  کا سب سے زیادہ    کامیاب  مانے جانے والا   علاج    کالا داگھا  اور   چپل   ہیں  ،   اگر  کسی  انسان  کو   نظر  لگ جائے  تو      کسی فقیر  سے   کالے  دھاگے  پر  دم  کرواکے   اسکو   گلے  میں  پہنائی   جاتی ہے  یا  ہاتھ  پر باندھ   دیا جاتا  ہے  ۔اور  اگر  کسی  جانور      کو نظر  لگجائے   تو   کبھی   کالا  داگھا   کبھی    چپل    اسکے   گلے    لٹکادیا      جاتا      ہے۔ یہی  وجہ  ہے کے  ہر  ۳     سے ۲  افراد   میں   کالا دھاگا  پایا     جاتا ہے  اور شہر میں   ہر      ۱۰  سے     ۸ گاڑیوں     کے   اور دیہاتوں میں   بھینس  بکریوں  کے  ساتھ    چپل  لٹکتا    ملتا    ہے۔
نظر بد کے اثرات پر یقین رکھنے کا ہر گز یہ مطلب نہیں کہ ہم بلاوجہ شک و شبہات میں مبتلا ہو کر دوسروں کو ہر پریشانی کا مورد الزام قرار دے کر باہمی تعلقات کو خراب کریں۔ اور باہمی طور پر الزام در الزام یا لعن طعن کا سبب بنیں اور نہ ہی نظر بد کے اثرات کو ختم کرنے کے لئے ہمیں بے ہودہ کاموں ،طریقوں کی پناہ لینی چاہیے اور نہ ہی اس سلسلے میں پیروں اور جعل ساز تعویذ فروشوں کے جال میں پھنس کر اپنا مال و اسباب اور ذہنی سکون برباد کرنا چاہیے۔

علماء کرام نے بتایا کہ نظر لگنا برحق ہے نظر بد ایک ایسی حقیقت ہے جس کا انکار نہیں کیا جا سکتا ۔نظر پتھر کو بھی توڑ دیتی نظر صرف اپنوں کی نہیں جنات کی بھی لگتی ہے ہمارے معاشرے میں نظر لگنا بہت آم ہےنظر اچھی بھی ہوتی ہے اور بُری بھی اچھی نظر اُس صورت میں ہم کہیں گے جب اس نظر کے بعد جس ہر نظر پڑی ہے اس کی تعریف و توصیف بھی ہو اور دل میں اس کی عزت و احترام بھی ہو۔ بُری نظر ہم اس کو کہیں گے جب ہم کسی کو ہنستا کھیلتا دیکھتے ہیں توایک جلن کی آگ سی سُلگتی ہے۔ نظر کے ساتھ حسد کا بھی تعلق ہے وہ نظر جس کو دیکھا گیا ہے اُس شخصیت پر بڑے بُرے اثرات ڈالتی ہے کبھی کبھی تو اتنا بُرا  اثر  ڈالتی ہے  کہ نظر اُس آدمی کی صحت خراب کر دیتی ہے اس کے معال و اسباب کو تباہ کر دیتی ہے۔

لڑکیاں تو ذرا ذرا سی بات پر کہتی ہیں کہ ہمیں نظر لگ گئی ان کی زبان پر نظر کا لفظ اس طرح رٹ سا گیا ہے کہ اگر کوئی حادثہ پیش ہو یا بیماری، یا ان کے کپڑے جل جائیں یا ناخن ٹوٹ جائیں وغیرہ تو وہ ان کو بھی نظر بد کا شکار سمجھتی ہیں حالانکہ کبھی کبھار یہ  انکی بے احتیاتی کی وجہ سے بھی ہوتا ہے یہ ان کے دماغ میں وہم کی طرح بیٹھ گیا ہے۔


نظر بد سے بچاؤ کے لیے قرآن حکیم میں اور اسلامی کتابوں میں بہت سی دُعائیں اور کلمات ملتے ہیں جن کا استعمال اگر ہم اپنی  روز مرہ زندگی میں کریں تو نظر بد سے بچا جا سکتا ہے۔نظر حقیقت ہے خدارا نظر کو نظر کا مسئلہ نہ بناؤ۔

Referred back
Feature is always reporting based. This is essay or at the most article. U should put some real story and talk with the related people. Also seek expert opinion
In urdu we accept only inpage format, because in word format we can not edit it.


درشھوار   مرزا  
2k16/MMC/19
MA Previous 
فیچر :   نظر  وہم   یا  حقیقت
              نظر بد  وہم یا حقیقت  ایک ایسا موضوع ہے،جس کے بارے میں متضاد آراء پائی جاتی ہیں۔کچھ لوگوں کا خیال ہے کہ نظر بد کی دراصل کوئی حقیقت نہیں ہوتی اور یہ محض وہم ہے، اس کے سوا کچھ نہیں ہے ۔ دوسری طرف کچھ ایسے لوگ بھی ہیں جو اس پر یقین  رکھتے ہیں۔
"نظر لگ گئی" ،"لگادی نہ نظر"، نظر، نظر، نظر، یہ وہ جملے ہیں جو ہمیں اپنی روز مرہ زندگی میں اکثر سُننے کو ملتے ہیں۔
نظر بد کے سب سے آسان شکار بچے ہوتے ہیں جن کی معصومانہ حرکتیں ، شرارتیں دل  کو ایسے لُبھاتی ہیں کہ انہیں بے اختیار ماں باپ اور چاہنے والوں کی نظر بھی لگ جاتی ہے۔
نظر ایک زہر ہےکہ حق تعالیٰ نے بعض لوگوں کی آنکھوں میں اس کو رکھا ہے جیسا کہ بچھوں کے  ڈنگ  اور سانپ کی زبان میں زہر رکھا گیا ہے اسی طرح آدمی کی آنکھ میں بھی نظر مقرر کی گئی ہے اور یہ نہ جانے کہ نظر غیر کی لگا کرتی ہےاپنی  نہیں لگتی بعض وقت اپنی ہی نظر لگا کرتی ہے اور یہ جانے کہ فقط انسانوں ہی پر لگتی ہے دوسری چیز پر نہیں لگتی  ہے،  بلکہ نظر کا شکار جانور، کھیتی، باغ، دولت اور اسباب، ہر وہ چیز جو خوبصورت اور فائدہ  ہو نظر کا شکار ہو جاتی ہے۔
نظر صرف انسان کی ہی نہیں لگتی بلکہ آسمانی اور نادیدہ مخلوق کی بھی لگتی ہے۔
نظر بد جسے زخمِ چشم یا نظر لگنا بھی کہا جاتا ہے ،اس کا تصور قدیم زمانے سے مختلف اقوام میں پایا جاتا ہے۔   عرب میں ایسے لوگ موجود تھے جو نظر لگانے میں شہرت رکھتے تھے۔
 اور ان کی یہ حالت تھی کہ دعویٰ کرکے نظر لگاتے اور جس چیز کو نقصان پہنچانے کے ارادے سے دیکھتے، ان کے دیکھتے ہی وہ چیز تباہ ہو جاتی۔ نظر بد کا مسئلہ عقلی لحاظ سے ناممکن نہیں ہے ،کیونکہ آج کے دور میں یہ بات ایک ثابت شدہ حقیقت ہے کہ ،اگر آنکھوں میں ایک خاص قسم کی مقناطیسی قوت پر مہارت حاصل کر لی جائے تو آدمی اس کے ذریعے سے دوسروں کے ذہن اور خیالات پر اثر انداز ہو سکتا ہے۔
عبداللہ ایک عالم ہیں کہتے ہیں کہ میں سفر میں تھا اور میرا اُونٹ بہت تیز اور چالاک تھا اتفاقاََ ایک جگہ ہر جو اُترا کسی نے مجھ سے کہا کہ اس جگہ ایک شخص نظر لگانے میں مشہور ہے اور تمھارا شُتر بہت خوب ہے ایسا نہ ہو کہ وہ کہیں نظر لگادے اور تمہارا اُونٹ  ضائع ہو جائے میں نے کہا کہ میرے اُونٹ پر اس کی نظر نہیں لگے گی جب یہ خبر اس کو پہنچی تو اُس نے اُسی وقت میرے اُونٹ کو نگاہ بھر دیکھا اس کے دیکھتے ہی اُونٹ گِر پڑا اور مضطر ہونے لگا لوگوں نے مجھ سے کہا کہ فلانہ شخص تمہارے اُونٹ کو نظر لگا گیا ہےمیں نے اس کو بُلوا کر اپنے رُو برو بِٹھایا  اور ایک دُعا پڑھی اور اُسی وقت آنکھ اُس شخص کی نکل پڑی اور اُومٹ میرا اچھا ہو گیا۔
 ہم میں سے اکثر لوگ ایسے افراد کو جانتے ہوں گے جو آنکھوں کی اس توانائی کے ذریعے انسانوں، جانوروں یا کسی بھی شے پر اثر انداز ہوتے ہیں، لہٰذا نظر بد کا انکار ممکن نہیں ہے اور نہ ہی نظر بد کا وجود عقل و علم کے منافی ہے۔
 باقی رہی یہ بات کہ نظر کا لگنا اچھا لگنے یا خوب صورتی کی وجہ سے ہوتا ہے یہ ضروری نہیں ہے، بلکہ نظر لگانے والے کی نظر میں اگر حسد یا دشمنی ہو تو تب بھی نظر لگتی ہے ۔
 بعض لوگ جن کی نظر لگتی ہے ان کا بیان ہے کہ جب ہم کسی چیز کو دیکھتے ہیں تو ہماری آنکھوں سے حرارت نکلتی ہے،نظر اس وقت لگتی ہے جب کسی کو اچھی نظر سے دیکھا جائے اور اس میں حسد کا شائبہ ہو اور نظر لگانے والا گندی فطرت والا ہوتا ہے، جیسے زہریلے سانپ ہوتے ہیں، اور اگر ایسا نہ ہوتا تو ہر معشوق کو عاشق کی نظر لگ جاتی ، لہٰذا یہ نظر کا لگنا حسد ، بغض ، کینہ اور دشمنی کی وجہ سے بھی ہوتا ہے۔
مان لیا  جائے کے  نظر کا لگنا   حق  ہے تو  اسکا  علاج  کیا ہے او ر  اس سے کیسے بچا جائے۔  اصل میں نظر کو دور کرنے کے بہت سے طریقے مختلف علاقوں میں رائج ہیں ۔
نظر لگنے او راس سے بچنے کیلئے  عرب میں جو طریقہ رائج تھا اور  ہے کہ جس شخص کی نظر لگتی ہے اس کے ہاتھ، پاؤں، ٹخنے، کہنیاں وغیرہ دھلوا کر وہ پانی اس شخص پر ڈالتے  ہیں جس کو نظر لگی ہوتی  ہے  اور اس کو وہ لوگ شفاء کا ذریعہ سمجھتے  ہیں ۔  
مگر ہمارے پاس  نظر کے علاج  کے لیے   عجیب   وغریب طریقے  اپنائے جاتے  ہیں ۔ جیسے کہ بعض لوگ لو بان اور نیرہ ( خاص پودا) کے دھویں سے دھونی دیتے ہیں ، بعض لوگ پھٹکری سے نظر کا علاج کرتے ہیں۔
 کچھ لوگ لال والی سات عدد مرچیں لیتے ہیں اور اس پر چار قل پڑھتے ہیں اور جس کو نظر لگی ہوتی ہے اس کی جسم یا سر یا چہرے کے ساتھ ملتے ہیں اور پھر اسے آگ پر جلا دیتے ہیں۔
ہمارے ہاں  نظر  کا سب سے زیادہ  کامیاب  مانے جانے والا علاج    کالا داگھا  اور چپل  ہیں،  اگر  کسی  انسان  کو  نظر  لگ جائے  تو کسی فقیر  سے  کالے  دھاگے  پر  دم  کرواکےاسکو گلے میں  پہنائی  جاتی ہے  یا  ہاتھ  پر باندھ   دیا جاتا  ہے  ۔اور اگر  کسی  جانورکو نظر  لگ جائے تو کبھی  کالا  داگھا  کبھی  چپل اسکے  گلے لٹکادیا جاتا  ہے۔ یہی  وجہ  ہے کے  ہر  ۳  سے ۲  افراد   میں   کالا دھاگا  پایا جاتا ہے  اور شہر میں   ہر ۱۰  سے  ۸ گاڑیوں  کے اور دیہاتوں میں  بھینس  بکریوں  کے  ساتھ  چپل  لٹکتا  ملتا  ہے۔
نظر بد کے اثرات پر یقین رکھنے کا ہر گز یہ مطلب نہیں کہ ہم بلاوجہ شک و شبہات میں مبتلا ہو کر دوسروں کو ہر پریشانی کا مورد الزام قرار دے کر باہمی تعلقات کو خراب کریں۔ اور باہمی طور پر الزام در الزام یا لعن طعن کا سبب بنیں اور نہ ہی نظر بد کے اثرات کو ختم کرنے کے لئے ہمیں بے ہودہ کاموں ،طریقوں کی پناہ لینی چاہیے اور نہ ہی اس سلسلے میں پیروں اور جعل ساز تعویذ فروشوں کے جال میں پھنس کر اپنا مال و اسباب اور ذہنی سکون برباد کرنا چاہیے۔

لڑکیاں تو ذرا ذرا سی بات پر کہتی ہیں کہ ہمیں نظر لگ گئی ان کی زبان پر نظر کا لفظ اس طرح رٹ سا گیا ہے کہ اگر کوئی حادثہ پیش ہو یا بیماری، یا ان کے کپڑے جل جائیں یا ناخن ٹوٹ جائیں وغیرہ تو وہ ان کو بھی نظر بد کا شکار سمجھتی ہیں حالانکہ کبھی کبھار یہ  انکی بے احتیاتی کی وجہ سے بھی ہوتا ہے یہ ان کے دماغ میں وہم کی طرح بیٹھ گیا ہے۔
نظر بد سے بچاؤ کے لیے قرآن حکیم میں اور اسلامی کتابوں میں بہت سی دُعائیں اور کلمات ملتے ہیں جن کا استعمال اگر ہم اپنی  روز مرہ زندگی میں کریں تو نظر بد سے بچا جا سکتا ہے۔نظر حقیقت ہے خدارا نظر کو نظر کا مسئلہ نہ بناؤ۔