Showing posts with label انٽرويو. Show all posts
Showing posts with label انٽرويو. Show all posts

Wednesday, 9 March 2016

Interview with poet Parwano Bhatti

Foto of Parwano Bhatti sb is needed. 

Interview with Parwano Bhatti - by Dure Shahwar Mirza
دُرِ شھوار مرزا ماس ڪميونيڪيشن 2 K16 
ڪلاس: M.A (Previous) 
(انٽرويو)
پروانو ڀٽي صاحب
نامياري صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي سان ڳالھ ٻولھ اسين پھنجي گھر ۾ مسافر مسافر....
اسان جي مھمان شخصيت محترم سائين پروانو ڀٽي صاحب 16 فيبريري 1934 تي ضلع دادوءَ جي هڪ ننڍري ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندن اصل نالو ميوه خان رکيو ويو. سندن والد صاحب نالو گل محمد ڀٽي هو. ننڍئَ عمر ۾شاعري شروع ڪيائون. شروع ۾ سندن تخلص “جوهر” پوءِ “ميرل” “آزاد” ۽ 1950 ۾ شاعري لاءِ موجوده تخلص “پروانو” اختيار ڪيائون. پروانو صاحب 1949 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري ٽيچر ٿيا. 1953 ۾ تپيداري ڪاليج ۾ داخل ٿيا. هي امتحان پاس ڪري ڪجھ وقت تپيدار به ٿيا. 1947 کان شاعري شروع ڪيائون، 1953 ۾ نامياري شاعر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کي شاعري ۾ پهنجو استاد ڪيائون. صحافت سان دلچسپيءَ جي ڪري روزاني هلال پاڪستان ۽ عبرت اخبار کان صحافت جو سفر شروع ڪيائون ۽ وڏو نالو ڪيائون. اخبارن ۾ قطع نگاري سبب به وڏي شهرت حاصل ڪيائون. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پبلڪ رليشن آفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون اٿن.
سنڌي صحافت ۽ شاعريءَ لاءِ پاڻ سڄي حياتي بهترين خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا آهن پر ڏک جي ڳالھ آهي ته سندن ڪو به شاعريءَ جو ڪتاب اڃان تائين شايع نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ هن وقت 82 سالن جا آهن.
سنڌ جي هن معروف شخصيت پروانو صاحب کان مهنجو پهريون سوال هي هئو...

سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، پهرين لکڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟

جواب:  مون لکڻ  جي  شروعات  1948 کان  ڪئي، 1947 ۾ سنڌي فائنل امتحان پاس ڪيو. پوءِ 1948 ۾ آئون ٽيچر ٿيس سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق  ننڊي هوندي کان هو، 1948 ۾ مون شاعري ڪئي، 14 آگست 1947 جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته آئون هڪڙو ننڊو گوٽ آهي بدين هينئر بدين ضلو آهي هُن زماني ۾ حيدرآباد ضلعو هو ڪڊهڻ هڪڙو ننڊو گوٽ آهي. هن ڪڊهڻ جي پرائمري اسڪول ۾ جيڪا صُبح جو اسمبلي ٿيندي هُئي ان اسمبلي ۾ مون شعر پڙهيو هو “پيارو پاڪستان” مون جو لکيل پهنجو پڙهيو اها مهنجي شاعري جي ابتدا هئي حيدرآباد مان هُن زماني ۾ هڪڙي اخبار نڪرندي هُئي “هلالِ پاڪستان” جيڪا هاڻ ڪراچي مان ٿي نڪري. اُن هلالِ پاڪستان ۾ آئون اُهي مضمون ٻارن جي ٻاري ۾ يا جنرلي طرح سان آئون لکندو هئس، پو اِهي منهجي اُهي لکڻيون پهريون پهريون اُتي ڇپيون.

سوال: اوهان ادب ۾ آيا ته پهرين شاعر ٿيا يا صحافي؟

جواب: ادب  ۾ هي  ٻئي  الگ  شيئون  آهن، هر صحافي اديب نٿو ٿي سگهي پر هر اديب صحافي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ڪو صحافي چوي ته مان اديب آهيان ته اهيو ڏاڊو مشڪل آهي پر ڪو اديب چوي ته آئون صحافي آهيان اهيو ٿي سگهي ٿو. حيدرآباد اسلاميه دارلعشاء قرآن پريس هوندي هئي جنهن جو مالڪ محمد عثمان ڏپلائي هو. آئون ڏپلائي سائين جي آفس ۾ ويس منهجي عمر 19، 20 سال هئي. مون ڪڏهن به ڏپلائي صاحب کي ڪون ڏٺو هو، ٻه ٽي بزرگن سان ويٺا هئا. ڪچهري لڳي پئي هئي، مون ٻڌايو ته منهجو نالو ميوه خان آهي اهيان آئون پرواني جي نالي سان مشهور ڪون هُئس. مون ٻڌايو ته مون سنڌي فائنل ڪڊهڻ جي شهر مان پاس ڪئي آهي ته ڏاڊو خوش ٿيو ته ٿر آهي مونکي چئين ته پاڻ ڳوٺائي آهيون مون چيو ها ڳوٺائي آهيون ڏپلائي صاحب مون کان پهريون سوال ڪيو ته نوڪري ڪندي اخبار ۾ ڪم ڪندي مون چيو ها اخبار ۾ ڪم ڪندس.رپيو روز جي حساب سان مون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪيو 30 رپيه مهينو. مون جيڪو روزگار پنهنجو ڪيو آهي پنهنجي محنت سان ڪيو آهي. ائين آئون صحافت جي دنيا ۾ آيس.
سوال: صحافت ۾ توهان ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪيو؟

جواب: صحافت ۾ مون  ابتداء  ڪئي هلالِ پاڪستان کان پر ڇا ڪاڻ  ته ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندي جيڪا عبرت اخبار ڊيلي آهي اُها هُن وقت هفتي وار نڪرندي هُئي ۽ ڏپلائي صاحب جو ڪتابي سلسلو هو عبرت ماهوار ڪتابي سلسلو پو ان ماهوار ڪتابي سلسلي ۾ ڏاڊو مشهور شعر هوندو هو.

یارب یہ التجا  ہے کرم  تو  اگر  کرے
وہ بات دے قلم کو  جو دل پر اثر کرے
اهيو ڪتاب جي مٿان لکيل هوندو هو ۽ جيڪو ڏپلائي صاحب مضمون لکندو هو اُن جي مٿان اهيو شعر هوندو هو ۽ ٻيو عبرت اي اکيون وارا عبرت حاصل ڪيو. قرآن شريف جي آيت آهي. هن جي هيٺان لکبو هو عبرت وٺو. پو اُتي اهيو مون صحافت جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو. ڊيلي هلالِ پاڪستان پنهنجو هڪڙو نمبر ماهوار ايڊيشن ڪڊيو ته مونکي آفر ٿي ته توهان ماهوار ايڊيشن ۾ اچي ڪم ڪيو. پوءِ مون ماهوار ايڊيشن ۾ ڪم ڪيو. مونکي ماهوار ايڊيشن ۾ انچارج ڪيو ويو. عبرت ۾ مون کي مرحوم شيخ علي محمد تمام وڏو نالو آهي. سنڌي صحافت ۾ اُهو مونکي وٺي آهيو. 21 سال لاڳيتو مون عبرت ۾ ڪم ڪيو. شيخ صاحب پنهنجي اخبار ڪڊي قلعي جي پاسي مان آفتاب اخبار گول بلڊنگ جي ڀرسان اُن ۾ به مون ڪم ڪيو، ته مون هلالِ پاڪستان، عبرت ۽ آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪيو.
سوال: توهان  صحافت  ۾ رپورٽنگ  سان  گڏ  ڏاڊا  زبردست  قطعه  به اخبارن ۾ لکيا آهن، اُهي ڪهڙن موضوعن کان متاثر ٿي لکندا هُئا؟
جواب: قطعه سنڌي ادب ۾ تمام گهڻا  لکيا ويا  آهن ۽ سُٺن شاعرن لکيا آهن جن ۾ منهنجا ڪيترا استاد شاعر هئا جيڪي مون کان سينيئر هئا. شاعري ۾ منهنجو استاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل هو ۽ اُن جي نظرداري ۾ مونکي اهيو تخلص آهي جيڪو پروانو مليو نه ته منهنجو تخلص شاعري ۾ ميوه خان ميول هوندو هو تڏهن تخلص جوهر به رکيو ويو پر پوءِ مرحوم استاد مونکي چيو ته تون اسان جو پروانو آهين ته بس هاڻ تون پروانو ٿي وڃ اهين آئون پروانو ٿي ويس. شاعر و شاعري ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هي صنف جيڪا آهي ان جو گهٽ استمال پيو ٿي غزل لکجن پيا، گيت لکجن پيا پر هن پاسي روبائي ۽ قطعه تي ڪير توجه ڪونه ٿو ڏي هالانڪي اڳ ۾ شعراء ڪرام لکندا هئا. آئون خوش نصيب هُنن شاعرن مان آهيان. منهنجي الله جا لک لک مون تي احسان ۽ ڪرم آهن منهنجي رب جا جو مون پنج هزار قطعه لکيا.
سوال:هن وقت تائين توهان ڪيترا قطعه  لکيا  آهن  ڇا  انهن  جو  ڪو مجموعو مرتب ڪيو اٿو؟ 
جواب: مون پنج  هزار  قطعه  لکيا  آهن پر ڪو مجموعو آئون  مرتب  نه ڪري سگهيو آهيان ڇو ته منهنجا مالي حالات اهي نه آهن ته منهنجي ڪا ڪتاب ڇپجي يه آئون ڇپرائي سگهان.
سوال: اوهان جو والد  صاحب  ته  پوليس  ۾ هو  پوءِ  اوهان  پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: بابا  سائين جو خيال  منهنجي متعلق پوليس لاءِ نه هو، بابا سائين جو خيال هو ته آئون تپيدار ٿيان. هُن زماني ۾ تپيدار وڏي نوڪري هُئي.
سوال: خبر  پئي  آهي  ته توهان  تپيداري  جو ڪورس به ڪيو، پوءِ ان شعبي ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: مون 1953 ۾ تپيدار ڪاليج  ۾ داخلا  ورتي. آئون  تپيدار  پڙهي پاس ٿيس پنج، ڇهه مهينا نوڪري ڪيم بيمار ٿيس مون تپيداري ڇڏي ڏني. ڏهين جو آئون تپيدار اسڪول ۾ ۽ شام آئون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندو هُئس.


سوال: شروع ۾ توهان پرائمري استاد به هُئا، اها نوڪري ڪيترو وقت  ڪيوءَ ۽ ڇو ڇڏيوءَ؟
جواب: پنج  سال مون ماستري  ڪئي  مختلف  اسڪول هُئا. حيدرآباد ضلعو هو هُن زماني ۾ بدين ضلعو اڄان نه ٿيو هو. بدين تعلقي ۾ ماتلي تعلقي ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو، حيدرآباد تعلقو، هالا تعلقو انهن سڀنن ۾ مون نوڪري ڪئي. چار، پنج مهينا، ڪٿي سال ڪٿي ڏيڊ سال نوڪري ڪئي. آخري منهنجي نوڪري جيڪا هُئي سا هالا تعلقي جي تاجر لغاري اسڪول جيڪو اڄان تائين هُتي اسڪول آهي. منکي وري اخبار جو شوق تنهن ڪري مون ماستري ڇڏي ڏني.


سوال: توهان  مشاعرن ۾ ادبي گڏجائين  جا  اسٽيج  سيڪريٽري به رهيا آهيو ڪي يادگار محفلون جن ۾ توهان جي سامهون وڏيون  وڏيون هستيون ويٺل هيون؟
جواب: آئون ادبي ڪانفرنس جو اسٽيج  سيڪريٽري  هوندو هُئس. سچل سرمست جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي، پهرين ادبي ڪانفرنس ٿي ائون اسٽيج سيڪريٽري هُئس، 1963، 1964 ۾.هڪڙو سال پوءِ 1964، 1965 ۾ قلندر لال شهباز جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس. سسي جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس.آئون هٿي سنڌي ادب جي اندر جيڪي وڏيون  ادبي آرگنائزيشن آهن جمعيت شعرائي سنڌ سڄي سنڌ جي شاعرن جي آرگنائزيشن هُئي آئون ان جو ميمبر به رهيس پو جڏهن آئون ڊاڪٽر شيخ محمد آبراهيم خليل وٽ آيس تڏهن آئون بدمِ خليل جو ميمبر رهيس. قبله مخدوم محمد زما طالبعلم مولا بدمِ طالبعلم مولا قائم ڪئي هُئي ان جو به ميمبر رهيس. ٽنڊي محمد خان ۾ اسان ازان بسمل قائم ڪئي بدمِ ادب قائم ڪئي. 1954 ۾ ڌاري سنڌي ادبي سنگت مون قائم ڪئي. ٽنڊي محمد خان جيڪا اڄان تائين آهي. چونڊون ٿينديون آهن هر سال آئون ان جو مُحرڪ رهيس شروع کان وٺي. پو ٿورو وقت 2000 ڌاري 2001 ڌاري بدمِ روح ريحان مون قائم ڪئي امين سنڌي جي گهر جيڪا اڄان تائين آهي.
سوال: توهان هڪ سنڌي فلم “محبوب مٺا” ۾ ڪم به ڪيو، اهو تجربو ڪئين رهيو؟
جواب: سٺو رهيو! ان جو هڪڙو داستان اهيو آهي ته آئون ڪو فلم جي لاءِ ويو ڪون هئس. سنڍي فلم هُئي “پرديسي” ان فلم جي لاءِ مون کي ۽ مصطٓفي قريشي کي چونڊيو ويو، آئون ڏاڊو خوش هُجان مون اچي گهر ڳالهه ڪئي ٽنڊو محمد خان، بابا سائين پوليس ۾ هو مون جو بابا سائين کي ٻڌايو ته فلم ۾ ڪم مليو آهي پر مونکي اجازت ڪانه ملي.1970 يا 1971 ۾ منهنجو دوست هوندو هو الطاف عباسي، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٽيڪسيشن ڪراچي. جڏهن به ڪراچي ويندو هُئس هُن وٽ رهندو هُئس. هڪ ڏينهن ڪراچي گُهمائڻ لاءِ وٺي هليو ۽ هڪ اسٽوڊيو ڏيکارئين جتي فلم محبوب مٺا تي ڪم په هليو. اُتي فلم جي پروڊيوسر سان ملياسين هُن مونکي چاچا ڪري سڏيو، منهنجي واقفيت هي ڪانه هُئي مون سمجهو آئون عمر ۾ وڏو آهيان تنهن ڪري چاچا ڪري سڏي ٿو، پُڇئين! توهين بيراج ۾ تپيدار هُئا، مون چيو ها هُئس، محترم مقداد گورماڻي هو مون چيو ها هو چئين آئون ان جو پُٽ آهيان توهان بابا وٽ ايندا هُئا ته اسين تڏهن ننڊڙا هُئاسين تنهن ڪري آئون چاچا چوان ٿو، آئون پنهنجي فلم محبوب مٺا پيو ٺاهيان ان ۾ هڪڙو پارٽ آهي مهرباني ڪري توهان ڪريو ۽ آئون اداڪار ٿي ويس. منهنجو تجربو سٺو رهيو پر ماحول مونکي پسند ڪونه آهيو اِن ڪري مون ڪي ٻي فلم ۾ ڪم نه ڪيو.

سوال: ڇا توهان پنهنجي آٽو بايو گرافي يا زندگي جو احوال لکو پيا؟
جواب: ها مون هڪڙو احوال لکيو هو امرتا رسالو نڪرندو هو پو اُن ۾ هڪڙو منهنجو شعر هو منهنجي پنهنجي زندگي جي متعلق ته،

ڪتاب  زندگي  جا  ورڪ  ويٺو  هاڻي  اُٿلايان
ڪمائي هيتري ساري سا ڪهڙن سلسلن ۾ وئي
ڪيم جو شاعري ته لاءِ ساگم ٿي ڪاغذن ۾ وئي
آئون لکندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن. ڪتاب زندگي جا ورڪ جي عنوان سان امرتا رسالو حيدرآباد ۾ نڪرندو هو اُن ۾ 18 ڪستون پنهنجي زندگي جون لکيون.


سوال: توهان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ پسند ڪندوءَ؟
جواب: سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪڙو هي پيغام آهي ته “شاه عبدالطيف ڀٽائيؒ کي پڙهن.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
#ParwanoBhatti

Friday, 12 February 2016

Interview with poet Usman Natiq by Abdul Razaque

REVISED
Plz do not put question numbers. Photo is too dull can not be published
اديب ۽ شاعر محمد عثمان “ناطق”

Abdul Razaque
انٽرويو ڪندڙ ؛ عبدالرزاق ڪنڀر چمبڙ M.A (Pre) Roll NO: 03







محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري  اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائن انٽرويو ڪجي ٿو.





س: ادبي لحاظ کان اوهان جي پهرين تخليق ڪهڙي هئي ۽ اها ڪڏهن ڇپي؟
جواب: مون 1946ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي پهريون مضمون عورت جي تعليم بابت هو اهو مضمون “حلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپيو هو. اخبار ۾ لکيل مضمونن ۾ منهنجي مضمون کي 03 نمبر مليو ٻيو نمبر جناب الهنخش ٽالپر صاحب جي مضمون کي مليو ۽ پهريون نمبر واري صاحب جو نالو ياد نه اٿم.  
س : اوهان پنهنجي ادبي خدمتن بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: منهنجا مضمون مهراڻ رسالي “هلال پاڪستان” ۽ ٻين مختلف ناطق صاحب اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن به وقتن ڇپندا رهندا آهن. مون ٽي ڪتاب به لکيا آهن جن ۾ 1_ ڪهاڻين جا ڪتاب 2_ پراڻا پٽ نوان نجھرا  3_ ڳالهيون وڻ ڳوٺاڻين جون ان کان علاوه علامه محمد گرامي صاحب ۽ محمد شاهه صاحب سان گڏ جي هڪ رسالو به ڪڍيو هو۔

سوال03: شاعري ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪئين ٿيو؟
جواب: آئون علامه گرامي صاحب جي تمام گھڻو ويجھو رهيو آهيان.  جناب گرامي صاحب منهنجي اصلاح ڪندا هئا ۽ شاعري جو شوق به سندن ئي صحبت نشيني جي ڪري ٿيو ۽ پوءِ پاڻ باقاعدي شاعري جي ترغيب ڏئي شاعري سمنڊ جي ڪناري تي بيهاري تربيت ڪيائون.

سوال04: هڪ سٺي شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گھرجن؟
جواب: هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان جو تعلق ڏکن ، سکن ، اذيتن، راحتن ، وفائن، جفائن، پلاين، براين سان رهي ٿو. ته ساڳي طرح فطرت جي سونهن ، حُسن، خوشبوء دل کي وڻندڙ نظارا ۽ عجيب حقيقتون به آهن.
انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي هڪ باڪمال شاعر کي حقيقت فطرت مناظر ۽ انسانيت جو حقيقي ترجمان هئڻ گھرجي.

سوال05: اوهان جي خيال مطابق شاعري انساني زندگي تي پنهنجا ڪهڙا ڇڏي ٿي؟
جواب: شاعري انسان جي جذبن ۽ احساس سان واسطو رکي ٿي جنهن ۾ فڪر جي تمام گھڻي اونهائي آهي. شاعر پنهنجي شاعري ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو جن ۾ دلي جذبا ، امنگون ،احساس ، عشق ، سوزوگداز ڏک درد ۽ ان جي پيڙا شامل هوندا آهي ۽ قدرت جي حسين ۽ دلڪش مناظر جو عڪس يا تصوير به شامل هوندي آهي جيڪا ٻڌندڙن جي دلين تي تمام وڏو اثر ڪري ٿي.

سوال06: هڪ اديب ۽ شاعر هجڻ جي ناتي گذريل دور ۽ موجوده دور جي شاعري ۽ ادبي مواد متعلق اوهان پنهنجي  راءِ جو اظهار ڪندا؟
جواب: اڳئين دور ۾ اديبن ۽ شاعرن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا جن ۾ وڏي پاڻي جا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کان ڪافي سکڻ جو موقعو ملندو هو . اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي هيئنر ادبي رهاڻ مجلسون ته ٿين ٿيون پر ان ۾ اڳ وارو معيار ناهي رهيو ايتري قدر جو ٻولي ۽ گرامر جو خيال به نٿو رکيو وڃي. رهي ڳالهه شاعرن جا ته گذريل دور جي ۽ هن وقت شاعري جو فرق خود، اوهان جي سامهون آهي. ماضي ۾ اسان کي شاهه سچل، سامي، قاضي قادن، جھڙا سدابهار شاعر مليا. هيئنر چند شاعرن کي ڇڏي ڪري باقي شاعرن ۾ اڳ واري ڳالهه ناهي رهي.

س : اڄڪلهه جو نوجوان شاعري ۽ ادبي ميدان کان پري ٿيندو پيو وڃي اوهان جي نظر ۾ ان جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
جواب: هي ٽيڪنالوجي جو دور آهي ۽ هر ڪنهن جي خواهش آهي ته هو جديد تعليم حاصل ڪري ۽ اڳيان وڌي بس اهو ئي سبب آهي جو نوجوان جو جديد تعليم ڏانهن وڌندڙ لاڙو ان کي شاعري ۽ ادبي سرزمين تي پير رکڻ نٿو ڏي.
سوال08: اوهان جو پهريون مضمون عورتن جي تعليم بابت هو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: تعليم حآيل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي لازم آهي تعليم هڪ روشني آهي پوءِءِ اهو ڪئين مناسب رهندو ته هڪ عورت ان روشني کان محروم رهي. هن وقت عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي ، ان ڪري آئون اهو چوندس ته نياڻين کي تعليم لازمي ڏيارجي ته جئين هو پاڻ کي معاشري جي ذميوار شخصيت طور مڃرائي سگھي.
سوال09: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن متعلق اوهان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا؟
جواب: ڊاڪٽر صاحب جون دنڌي ادب ۽ سنڌ وارن تي وڏو احسان آهي هن جون دنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون سج وانگر ورشن آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ، ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن آئون اهو ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر بلوچ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌندڙ ڪم رڪجي ويو آهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان سنڌين جو سرمايو هو.
سوال10: اوهان جي ادبي زندگي جو  ڪو يادگار واقعو؟
جواب: منهنجي زندگي جو يادگار واقعو اهو آهي ته ادبي ميدان ۾ منهنجي ۽ منهنجي ڀاء محمد حسين “ڪاشف” جي رهنمائي اسان جي استاد علامه غلام محمد گرامي صاحب ڪئي. پاڻ اسان  تخلص به ڏنائين جنهن سان اسان جي همٿ افزائي پڻ ٿي. مون کي “ناطق ”۽ ادا محمد حسين کي “ ڪاشف” تخلص مليو.
سوال11: مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن جا حوالي سان ڪجھ ٻڌائيندا.؟
جواب: سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن لاءِ لفظ استعمال ڪجن اهي لفظ ئي نه آهن جيڪي تعريف لاءِ چوندا صرف اهو عرض ڪندس ته مادر علمي جو هڪ ئي احسان اهو آهي جو هن ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا عظيم مفڪر ، دانشور . محقق ڏنا آهن                                                
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سنڌ يونيورسٽي اڃان وڌيڪ ترقي  ڪري ملڪن منجهه سندن فيض جاري ٿئي
سوال12: معاشري جي نوجوان طبقي لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب: منهنجو اسان جي معاشري جي نوجوان طبقي کي اهو پيغام آهي ته علم حاصل ڪريو تعليم کان سواءِ اوندهه آهي ڪتابن سان قرب رکو محبت رکو ۽ پيار ڪريو ۽ ڪوشش ڪريو ته ادب سان دل لايو ڇو ته انسان کي هميشه زندهه ناهي رهڻو رهندو صرف نالو اگر دنيا ۾ اوهان ڪو تحريري ڪم ڪري ويندو ته اهو تاريخ ٿي توهان جي نالي کي زندهه رکندو  


by Abdul Razaque
 Again ur name is missing in the text. u should write ur name in sindhi in the file. File name should be proper, like Interview- Abdul Razaq.
 Foto is very dull can not be published. 
 انٽرويو
محمد عثمان ناطق
انٽرويو ڪندڙ: عبدالرزاق ڪنڀر
محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن
 ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري  اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائن انٽرويو ڪجي ٿو.
---------------

by Abdul Razaque
 ur name??? should write name in Sindhi. File name should be proper, 
 انٽرويو
محمد عثمان “ناطق ”
محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري تعليم اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن
تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائنڻ انٽرويو ڪجي ٿو. 


سوال: ادبي لحاظ کان اوهان جي پهرين تخليق ڪهڙي هئي ۽ اها ڪڏهن ڇپي؟  
جواب: مون 1946ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي پهريون مضمون عورت جي تعليم بابت هو اهو مضمون “حلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپيو هو. اخبار ۾ لکيل مضمونن ۾ منهنجي مضمون کي 03 نمبر مليو ٻيو نمبر جناب الهنخش ٽالپر صاحب جي مضمون کي مليو ۽ پهريون نمبر واري صاحب جو نالو ياد نه اٿم. 

سوال02: اوهان پنهنجي ادبي خدمتن بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: منهنجا مضمون مهراڻ رسالي “هلال پاڪستان” ۽ ٻين مختليف ناطق صاحب اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن به وقتن ڇپندا رهندا آهن. مون ٽي ڪتاب به لکيا آهن جن ۾ 1_ ڪهاڻين جا ڪتاب 2_ پراڻا پٽ نوان نجھرا  3_ ڳالهيون وڻ ڳوٺاڻين جون ان کان علاوه علامه محمد گرامي صاحب ۽ محمد شاهه صاحب سان گڏ جي هڪ رسالو به ڪڍيو هو ان رسالي جو نالو ____________آهي.

سوال03: شاعري ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪئين ٿيو؟
جواب: آئون علامه گرامي صاحب جي تمام گھڻو ويجھو رهيو آهيان.  جناب گرامي صاحب منهنجي اصلاح ڪندا هئا ۽ شاعري جو شوق به سندن ئي صحبت نشيني جي ڪري ٿيو ۽ پوءِ پاڻ باقاعدي شاعري جي ترغيب ڏئي شاعري سمنڊ جي ڪناري تي بيهاري تربيت ڪيائون.

سوال04: هڪ سٺي شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گھرجن؟
جواب: هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان جو تعلق ڏکن ، سکن ، اذيتن، راحتن ، وفائن، جفائن، پلاين، براين سان رهي ٿو. ته ساڳي طرح فطرت جي سونهن ، حُسن ، خوشبوء دل کي وڻندڙ نظارا ۽ عجيب حقيقتون به آهن.
انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي هڪ باڪمال شاعر کي حقيقت فطرت مناظر ۽ انسانيت جو حقيقي ترجمان هئڻ گھرجي.

سوال05: اوهان جي خيال مطابق شاعري انساني زندگي تي پنهنجا ڪهڙا ڇڏي ٿي؟
جواب: شاعري انسان جي جذبن ۽ احساس سان واسطو رکي ٿي جنهن ۾ فڪر جي تمام گھڻي اونهائي آهي. شاعر پنهنجي شاعري ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو جن ۾ دلي جذبا ، امنگون ،احساس ، عشق ، سوزوگداز ڏک درد ۽ ان جي پيڙا شامل هوندا آهي ۽ قدرت جي حسين ۽ دلڪش مناظر جو عڪس يا تصوير به شامل هوندي آهي جيڪا ٻڌندڙن جي دلين تي تمام وڏو اثر ڪري ٿي.

سوال06: هڪ اديب ۽ شاعر هجڻ جي ناتي گذريل دور ۽ موجوده دور جي شاعري ۽ ادبي مواد متعلق اوهان پنهنجي  راءِ جو اظهار ڪندا؟
جواب: اڳئين دور ۾ اديبن ۽ شاعرن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا جن ۾ وڏي پاڻي جا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کان ڪافي سکڻ جو موقعو ملندو هو . اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي هيئنر ادبي رهاڻ مجلسون ته ٿين ٿيون پر ان ۾ اڳ وارو معيار ناهي رهيو ايتري قدر جو ٻولي ۽ گرامر جو خيال به نٿو رکيو وڃي.
رهي ڳالهه شاعرن جا ته گذريل دور جي ۽ هن وقت شاعري جو فرق خود ، اوهان جي سامهون آهي . ماضي ۾ اسان کي شاهه سچل ، سامي ، قاضي قادن ، جھڙا سدابهار شاعر مليا . هيئنر چند شاعرن کي ڇڏي ڪري باقي شاعرن ۾ اڳ واري ڳالهه ناهي رهي.

سوال07: اڄڪلهه جو نوجوان شاعري ۽ ادبي ميدان کان ڪيترائي ميل پري ٿيندو پيو وڃي اوهان جي نظر ۾ ان جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
جواب: هي ٽيڪنالوجي جو دور آهي ۽ هر ڪنهن جي خواهش آهي ته هو جديد تعليم حاصل ڪري ۽ اڳيان وڌي بس اهو ئي سبب آهي جو نوجوان جو جديد تعليم ڏانهن وڌندڙ لاڙو ان کي شاعري ۽ ادبي سرزمين تي پير رکڻ نٿو ڏي.
سوال08: اوهان جو پهريون مضمون عورتن جي تعليم بابت هو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟

جواب: تعليم حآيل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي لازم آهي تعليم هڪ روشني آهي پوءِءِ اهو ڪئين مناسب رهندو ته هڪ عورت ان روشني کان محروم رهي. هن وقت عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي ، ان ڪري آئون اهو چوندس ته نياڻين کي تعليم لازمي ڏيارجي ته جئين هو پاڻ کي معاشري جي ذميوار شخصيت طور مڃرائي سگھي.
سوال09: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن متعلق اوهان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا.

جواب: ڊاڪٽر صاحب جون دنڌي ادب ۽ سنڌ وارن تي وڏو احسان آهي هن جون دنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون سج وانگر ورشن آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ، ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن آئون اهو ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر بلوچ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌندڙ ڪم رڪجي ويو آهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان سنڌين جو سرمايو هو. 

سوال10: اوهان پنهنجي زندگي جو ڪو يادگار واقعو ٻڌائيندا؟
جواب: 

سوال11: مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن جا حوالي سان ڪجھ ٻڌائيندا.
جواب: سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن لاءِ لفظ استعمال ڪجن اهي لفظ ئي نه آهن جيڪي تعريف لاءِ چوندا صرف اهو عرض ڪندس ته مادر علمي جو هڪ ئي احسان اهو آهي جو هن ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا عظيم مفڪر ، دانشور . محقق ڏنا آهن  
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سنڌ يونيورسٽي اڃان وڌيڪ ترقي  ڪري ملڪن منجهه سندن فيض جاري ٿئي 

سوال12: معاشري جي نوجوان طبقي لاءِ ڪو پيغام ............؟ 
جواب: منهنجو اسان جي معاشري جي نوجوان طبقي کي اهو پيغام آهي ته علم حاصل ڪريو تعليم کان سواءِ اوندهه آهي ڪتابن سان قرب رکو محبت رکو ۽ پيار ڪريو ۽ ڪوشش ڪريو ته ادب سان دل لايو ڇو ته انسان کي هميشه زندهه ناهي رهڻو رهندو صرف نالو اگر دنيا ۾ اوهان ڪو تحريري ڪم ڪري ويندو ته اهو تاريخ ٿي توهان جي نالي کي زندهه رکندو    

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Interviw with Lekhraj Hameerani

Foto required. There must be atleast 12 questions. Do not give numbering to questions. Question No 1 should be made part intrdoduction.
Detailed feedback later on

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

انٽرويو

نوجوان ناول نگار ۽ ڪمپيئر ليکراج هميراڻي کان انٽرويو
انٽرويو باءَ آڪاش هميراڻي ايم اي (پريويئس) ماس ڪميونيڪيشن؛ رول نمبر 10؛
تعارف؛

ٿرپارڪر سنڌ جو اهو وارياسو خَطو آهي، جنهن جي طويل هنج ۾ ڏات جو رقص جاري ۽ ساري رهندو اچي ٿو، انهي ساڳئي
 خطي  جو ليکراج سنڌي ناول جي صنف تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، ليکراج جو جنم ٿر جي هڪ ڳوٺ دونٻاڙو ۾ ٿيو، ادب سان چاهه هـئڻ ڪري ادب جو مطعالو ڪيائين، مهراڻ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن جي دوران “لهندڙ سج“  ناول لکيائين، ٻيو ناول سندس “اندر جو انسان“ نالي ڇپائي هيٺ آهي، ليکراج هن وَقت مٺي شهر جي هڪ نجي بئنڪ ۾ آپريشن مينيجر جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي.

سوال 1؛ پيارا، توهان جو مڪمل تعارف؟
جواب؛ ادا منهنجو جنم ٿر جي ڳوٺ دونٻاڙو ۾ 1989ـ1ـ1 تي ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي،مڊل ڪلاس اسمائيل سنگراسي مان ڪئي مانس، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪُنري مان پاس ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءُ مهراڻ يونيورسٽي ويس، جتان سافٽ ويئر انجنيئرنگ مان گريجوئيشن ڪئي.

سوال 2؛ سافٽ ويئر انجنيئر هوندي، اُهي ڪهڙا اسباب هئا، جنهن توهان کي ادب جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو؟
جواب؛ ادب پڙهڻ جو شوق ننڍپُڻ کان وٺي هيو، مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ ڪجهـ ڪتاب دوستن کان ملندا هئا ته پڙهندو هئس، پر انجنيئر ٿيڻ منهنجي مائٽن جي خواهش هئي، اُها پوري ڪري ڏيکاريم، حيدرآباد ۾ رهندي ڪجهه ننڍا وڏا پروگرام اٽينڊ ڪندو هئس، ۽ ڪمپيئرنگ جو موقعو پُڻ ملندو هو، ٻي ڳاله ته جامشوري ۾ جيڪوماحول  نصيب ٿيو اُن جا مون تي گهرا  اثرات  رهيا ۽ اهڙي ماحول جي ياد تازي  رکڻ لاءَ پهريون ڪئمپس تي ناول لکيم، اڃا به ڪوشش پيو ڪيان ته سنڌي ادب کي سُٺيون لکڻيون ڏيان.

سوال 3؛ ٿر جي اديبن جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، ۽ توهان ان سڄي پسمنظر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب؛ ٿر جي اديبن سنڌي ادب کي تمام گهڻو ڏنو آهي، شروعاتي دور ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ رائيچند راٺوڙ ڪلاس جو ڪم ڪيو، عثمان ڏيپلائي سنڌي صحافت ۾ جديد لاڙا پيدا ڪيا، بعد ۾ اها ٻي ڳاله آهي ته پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيو، اهو اسري ن سگهيو ان جو ڪارڻ ۽ اهم سبب هي آهي ته اديب جديد ٽيڪنالوجي کان پُوري طرح جڙي ن سگهيا آهن، ۽ ن ئي  اهڙي ٽيڪنالوجي مثلن انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، ادارا ۽ لائبريريون آهن، جنهن سان ماڻهن کي ذريعا فراهم ٿين. ٿر جهڙي خطي ۾ قدرتي ڏات تمام گهڻي موجود آهي، ضرورت ان ڳاله جي آهي ت موجوده تقاضائن کي مدنذر رکندي پروموٽ ڪجي. موجوده اديب پُڻ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪن پيا، اهو سُٺو سئنوڻ آهي.

سوال 4؛ ليکراج! سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
جواب؛ ورهاڳي کان اڳ سنڌي ناول تي چڱو ڪم ٿيل هو، بعد ۾ وري هڪڙي کيپ اُڀري جنهن شروع ۾ ناول لکيا بعد ۾ وري ڪهاڻي لکڻ شروع ڪيائون، اهو ٽولو شوڪت شوري، مدد علي سنڌي، آغا سليم، علي بابا ۽ ماڻڪ تي مشتمل هو. انهن جي نگراني ۾ وري ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ طارق عالم ابڙو، زاهد گوتم، ماهتاب محبوب ۽ بين پُڻ سنڌي ناول کي خوب ڏنو. موجوده دور ۾ ممتاز بخاري، نور جوڻيجو، منير چانڊيو ۽ ٻيا دوست تمام زبردست ڪم ڪري رهيا آهن، اُميد اٿم ته ناول تي اڃا به گهڻو ڪم ٿيندو.

سوال 5؛ توهان پنهنجي ايندڙ ناول جي باري ۾ ڇا چوندو؟
جواب؛ ادا منهنجو ايندڙ ناول سماجي ناانصافين جي ور چڙهي  ويل هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪا مختلف پهلوئن تي مشتمل آهي، اميد اٿم ته جلدي پڙهندڙ دوستن تائين پهچي. 

Interview Feroz Memon - by Rasheed Ahmed Nizamani فيروز احمد ميمڻ

Proper subject line and proper file name is must
 subject line: Interview by Rasheed nizamani Roll... 
file name: Interview - Rasheed nizamani

Ur interview has been uploaded u will get feed back latter
يروز احمد ميمڻ
انٽرويو وٺندڙ.. رشيد احمد نظاماڻي

Rasheed Ahmed Nizamani

 تعارف

فيروز احمد ميمڻ جي پيدائش 2 جنوري 1947ع تي حيدرآباد ۾ ٿي
پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس ، پوليٽيڪل سائنس ، ۽ سنڌي ۾ايم اي ڪئي اٿن.پاڻ هاءِاسڪول جا ريٽائرڊ استاد آهن.
پاڻ نيو فيلڊ پبليڪيشن اداري جا مالڪ آهن.هن اداري ڪيترائي  سنڌي ڪتاب ڇپي سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.
سوال جواب
سوال.توهان هي ادارو نيو فيلڊ پبليڪيشن ڪڏهن شروع ڪيو؟ ۽ هن اداري ۡکولڻ جو مقصد ڇا هو؟
جواب. هي ادارو 1972ع ۾ کوليو ويو ان وقت ڪتاب فقط گورنمينٽ جا ادارا ڇپيندا هئا جيڪي گورنمينٽ جي پاليسين تي هلندي ڪتابن مان حڪومت مخالف مواد کي سينسر ڪري پوءِ ڇپيندا هئا ته اسان جو مقصد اهو هو ته اسان آزاد پاليسي تحت ادارو کوليون ته جيئن سٺي ۽ معياري مواد کي هر حال ۾ ترجيح ڏيون ۽ پوءِ هي ادارو کوليوسين.
سوال. سنڌي ماڻهن جو ادب ڏانهن رجحان ڪيئن آهي؟
جواب. جيڪڏهن اسان سنڌي آبادي کي ڏسنداسين ته ان حساب سان سنڌي ڪتاب پڙهندڙن جو تناسب نه هئڻ جي برابر آهي 5 ڪروڙ جي آبادي ۾ جڏهن اسان ڪتاب جون 1000 ڪاپيون شايع ڪريون ٿا ته ان مان 600 به مس ٿيون وڪامن.
سوال. اوهان جو ادارو ڪيترو ڪامياب رهيو ؟
جواب. ان جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌايان ٿو. جڏهن اسان عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ڇپايوسين ته ان جي پيش لفظ ۾ آريسر لکيو هو ته اڄ مون کي ٻي وڏي خوشي ملي آهي مون جي پهرئين خوشي اها هئي ته ”برسات“ ۾ منهنجو مضمون ڇپيو هو ۽ ٻي خوشي اها ته نيو فيلڊ پبليڪيشن طرفان منهنجو  ڪتاب ڇاپيو وڃي پيو. ٻيا به اهڙا ڪيترائي واقعا هئا جيڪي اجائي ڊيگھ جو سبب بڻجي ويندا.
سوال. سنڌي ادب جي خدمت طور توهان کي ڪي ايوارڊ مليا؟
جواب. ها سنڌ حڪومت طرفان مونکي گولڊ ميڊل مليل آهي.هڪ پرائيويٽ ادارا طرفان به ايوارڊ مليا ان کان علاوه آمريڪا جو هڪ ادارو هر سال هڪ ڪتاب شايع ڪندو آهي جيڪو پوري دنيا مان سٺن پبلشرن جا نالا شايع ڪندو آهي ان طرفان 1990 ڌاري منهنجو نالو شايع ڪيو ويو.
سوال. وڏن اديبن سان اوهان جو ملڻ جلڻ رهيو آهي انهن مان ڪنهن جو يادگار واقعو ٻڌائيندا؟
جواب. اديب مونسان ذاتي ڳالهيون به ڪندا هئا ۽ اهو به چوندا هئا ته اهي ڳالهيون آف دي رڪارڊ رکجو تنهنڪري مونکي مناسب نٿو لڳي اُهي اوهان کي ٻڌايان.
سوال. سنڌي ڪتابن جي مارڪيٽنگ ۾ ڪهڙا مسئلا درپيش اچن ٿا؟
جواب. سنڌي ڪتابن جي مارڪيٽنگ جا مسئلا شروع کان ئي رهيا آهن. بڪ اسٽال وارن ۾ 80 سيڪڙو غير سنڌي آهن جڏهن ڪو ئي پبلشر هڙان وڙان ڪتاب ڇپي جڏهن بڪ اسٽال واري کي 5 يا 10 ڪاپيون ڏيندو آهي ته بڪ اسٽال وارا پئسن لاءِ ان کي ايترا ته پنڌ ڪرائيندا آهن جو ڳالهه ئي ڇڏي ڏيو ءِ اهو سڀ اسان جي پنهنجي مارڪيٽ نه هئڻ جي ڪري ٿئي ٿو.
سوال. ادبي پبلشنگ طرف ڪئين آيا ؟
جواب. ”سهڻي“ جو ايڊيٽر هوندو هو طارق اشرف ، ان سان دوستي هوندي هئي. ڀٽي جي دور ۾ جڏهن 40 رسالا بند ڪيا ويا تڏهن هن جو به رسالو بند ڪري ڇڏيائون ۽ 22 مهينا جيل ۾ رهڻو پيس جنهن ڪري سندس معاشي حالت به خراب ٿي وئي. هن جي هڪ ننڊي پريس هوندي هئي. جڏهن جيل ويو ته مون چيس مائنس طارق تون جيل ۾ ويو آهين هاڻي انهي جيل تي ڪتاب لک ڇپيندس مان تنهنجي پريس به هلندي رهندي ۽ پئسا به ملندا رهندا. ائين مون هن جا لاڳيتو پنج ڇهه ڪتاب ڇپيا. پوءِ اڳتي هلي مون اڪيلي سر ان سلسلي کي هلايو. 
سوال. اڄڪلهه جيڪو سنڌي ادب لکجي پيو ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي ؟
جواب. اڳ ۾ تمام گھڻو معياري ادب لکيو ويندو هو ۽ ليکڪ مطالعي وارا هوندا هئا ۽ مسلسل مطالعو ڪندا رهندا هئا پر اڄڪلهه جيڪي نوان ليکڪ آهن انهن ۾ ڪجھ چڱا آهن پر گھڻن جو مطالعو وسيع نه اٿن انهن جي لکڻ ۾ ايڏي گھرائي نه آهي مون کي ياد تو پوي ته طارق امر جليل جون ڪهاڻيون اينديون هيون ته کيس واپس ڪندي چوندو هئس ته ڇا لکيو اٿئي پر جليل دل شڪسته نه ٿيندو هو ۽ لکندو ۽ پڙهندو رهندو هو مقصد ته اڳي مطالعو هوندو هو پر اڄڪلهه جيڪي لکندڙ آهن معذرت سان ائين چوندس ته اهي پنهنجن پئسن سان ڪتاب چپائي چار دوست وٺي هوٽل تي انهن کي چانهه پياري ان ڪتاب تي ڳالهائي واهه واهه ڪرائيندا ۽ ٻيو مڙيئي خير. اڳي نه ٿيندو هو ان ڪري اڳ جهڙا معياري ليکڪ هاڻ ڪون ٿا پيدا ٿين.
سوال. ڇا ميڊيا جي عام ٿيڻ سان پڙهندڙن جي تناسب تي اثر پيا آهن؟
جواب. تمام گھڻا اثر پيا آهن. ميڊيا جي عام ٿيڻ سان ماڻهن کي تفريح جا ڪيترائي موقعا مهيا ٿيا آهن جي ڪري هاڻ ماڻهو ڪتابن کان پري ٿي ويا آهن.
سوال. ڇا سياسي طور ڪنهن تنظيم سان وابسطه رهيا ؟
جواب. جڏهن ننڊا هئاسين ته ڀٽي صاحب جي شخصيت متاثر ڪندي هئي ان جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ تقريرون ٻڌڻ ٿيندو هو ڀٽي صاحب سان گڏ بينظير جي شخصيت مان اڃان تائين متاثر آهيان باقي ڪڏهن به ڪنهن تنظيم جو باقاعدا ميمبر نه ٿيس.
سوال. ادب جي شاّخن ۾ اوهان کي ڪهڙي شاخ پسند آهي ؟
جواب. مان ناول کي گھڻو پسند ڪندو آهيان ، ڪهاڻيون به پسند آهن ۽ سفرناما به شوق سان پڙهندو آهيان.
سوال. ڪهڙن ليکڪن اوهان کي متاثر ڪيو ؟
جواب. مون کي سراج تمام گھڻو متاثر ڪيو. سراج ٻولي جو بادشاهه هو هو هڪ سچو ماڻهو هو. سراج جي جاءِ ايندر وڏي وقت تائين ڪو به نٿو وٺي سگھي ان کان علاوه مهتاب محبوب ۽ علي احمد بروهي جون لکڻيون به پسند آهن.

انٽرويو وٺندڙ.. رشيد احمد نظاماڻي
 رول نمبر 49 
ايم .اي پريويس 2016

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Interview with Irshad Nizamani by Ayaz Nizamani

Interview with Irshad Nizamani by Ayaz Nizamani 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

12 documentaries? name a few..
What is his speciality or angle in documnetaries? how they are different from other producers of documentaries? 
 How he learnt documentary making? 
When he works on a documentary how he atrts? 
 How new comers can make documentary?
 selection of subject is big problem how to select subject?
 Question No 1 should have been made part of introduction
 Describe little bit his channel 
Historical places u mentioned are already known. If this was answer, no need to put this question or write the answer.
 More home work was needed about heritage places, documentaries etc

Proper subject line and proper file name is must
 subject line: Interview by Ayaz nizamani  Roll...  M.A
file name: Interview - Ayaz nizamani

There is bit composing problem as English words disturb the format 



ارشاد حسين نطاماڻي
انٽرويو وٺندڙ ؛ اياز احمد نظاماڻي


تعارف
ارشاد حسين نظاماڻي ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ حاجي خان نظاماڻي ۾ 1960 ۾ پيدا ٿيو. سندن تعلق هڪ زميندار گھراڻي سان آهي، پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سندن ذاتي دلچسپي تاريخي ماڳن ۾ هئي ان سان گڏوگڏ هو هڪ بهترين صحافي ۽ ليکڪ پڻ آهن، انهن صحافت جي شروعات 1980 کان ڪاليج جي زماني کان ڪئي. انهن حيدرآباد مان بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو سوچيو، موجودا وقت ۾ هو بيرون ملڪ جي ٽي وي چينل ايس ايس ٽو(SS2) جيڪو جرمني جو چينل آهي انهن جا نمائندا آهن پاڪستان جي تاريخي ماڳن کي دنيا آڏو اجاڳر ڪندا آهن ۽ تاريخي ماڳن جي حوالي سان تمام گھڻي ڄاڻ رکن ٿا. هو پنهنجو پاڻ کي ساقي جي تخلص سان سڏرائن ٿا.

سوال؛ توهان صحافت جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب؛ صحافت جي شروعات مون ڪاليج واري زماني کان ڪئي هئي، اهو 1980 وارو دور هوجڏهن ڳوٺ جي مسئلن مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ  ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ مون صحافت ۾ پير پاتو.

سوال؛ توهان جو سڀ کان پهرين شايع ٿيندڙ مواد ڪهڙو هو؟
جواب؛ سڀ کان پهرين منهجي هڪ ڪهاڻي شايع ٿي هئي “ ٻات اوندهائي” جي نالي سان جيڪا روزانو آفتاب نالي اخبار ۾ شايع ٿي هئي 1980 جي ڏهائي ۾، جيڪا حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي. 

سوال؛ موجودا وقت ۾ توهان ڪهڙي اداري ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو؟
جواب؛ آءُ هن وقت جرمني جو هڪ چينل آهي
 (SS2) ايس ايس ٽو جي نالي سان آهي ان ۾ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهيان. 
 سوال؛
    (SS2) چينل ۾ اوهان جو ڪردار ڪهڙو آهي؟
جواب؛ (SS2) چينل ۾ منهنجو ڪم پاڪستان اندر جيڪي تاريخي ماڳ مئسارجي رهيا آهن انهن جي نشاندهي ڪري انهن جي ڊاڪيومينٽري ٺاهي موڪلڻ آهي.
سوال؛ (SS2) چينل تي  توهان جون گھڻيون ڊاڪيومينٽريز تاريخي ماڳن جي متعلق نشر ٿي چڪيون آهن؟
جواب؛ پاڪستان جي تاريخي ماڳن متعلق منهنجون هن وقت تائين ٻارنهن 12 ڊاڪيومينٽريز نشر ٿي چڪيون آهن.
سوال؛ توهان کي (SS2) چينل تي ڪم ڪندي گھڻو عرصو ٿيو؟
جواب؛ مونکي (SS2) چينل تي ڪم ڪندي تقريبن 09 سال ٿي  چڪا آهن.
سوال؛ توهان هڪ ننڊڙي ڳوٺ جا ٿي ڪري (SS2) چينل تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪئي؟
جواب؛ KTN ڪي ٽي اين تي اڄ کان تقريبن 09 سال پهرين هڪ لائيو شو ۾  مهمان طور ويو هئس اتي “ڪارو ڪاري” واري عنوان تي ڳالهائڻو هو انهي شو کان پوءِ مونکي هڪڙي فون آئي هئي اسلام آباد مان ميڊم سشيلا جي نالي سان انهن مون کان منهنجي دلچسپي پڇي. مون ٻڌايو ته مونکي تاريخي ماڳن سان دلچسپي آهي ۽ انهن جي ميسارجڻ جو افسوس به آهي. ان کان پوءِ اهڙي طرح منهنجي انهي چينل تائين ممڪن ٿي، ميڊم سشيلا اڳ ۾ ئي ان چينل سان وابستا هئي.
سوال؛ سنڌ جي اندر ڪهڙا مشهورتاريخي ماڳ آهن؟
جواب؛ سنڌ جي اندر تمام گھڻا مشهورتاريخي ماڳ آهن جھڙوڪ، موئن جو دڙو، ڪوٽڏيجي قلعو، راڻي ڪوٽ قلعو، نئون ڪوٽ قلعو، ڀنڀور، مڪلي قبرستان، ڪينجھر ڍنڍ معصوم شاه جو مينارو، نيرون ڪوٽ جو قلعو، عمر ڪوٽ جو قلعو، منوڙو، چوڪنڊي ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ماڳ سنڌ اندر موجود آهن.
سوال؛ موجودا سنڌ ۾ مٽجندڙ تاريخي ماڳن جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب؛ سنڌ ۾ مٽجندڙ تاريخي ماڳ فقط گھمڻ جون جايون، فوٽو ڪڍرائڻ يا فقط ماڳ ڪونهي پر اهي اسان جي ثقافت سان واسطو رکن ٿيون انهن ماڳن جو مٽجڻ اسان جي ثقافت جو مٽجڻ آهي.



سوال؛ ڇا اسان جي حڪومت تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لهي پئي؟
جواب:؛ اسان جي حڪومت پاڪستان هر سال تاريخي ماڳن لاءِ وڏيون بجئٽون ته رکي ٿي ۽ ساڪاري عملدار به مقررآهن پر اهي پنهنجو ڪم سرانجام نه ٿا ڏين انهن ماڳن جي مرمت وارا پئسا هڙپ ڪريو وڃن، انهن ماڳن کي ويران ئي ڇڏيو ڏين ان ڪري واٽهوڙا ماڻهو انهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ٻيو ته انهن ماڳن اندر پاڻي جو بيهجي وڃڻ ، صفائي نه هئڻ، انهن ڳالهين تي حڪومت بلڪل به ڌيان نه ٿي ڏئي تنهن جي ڪري اهي مٽجندا ٿا وڃن.
سوال؛ تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي لاءِ اسان کي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي؟
جواب؛ سڀ کان پهرين ته اسان ماڻهن کي انهن تاريخي ماڳن جي اهميت کان واقف ڪريون.انهن کي اهو ٻڌائجي ته اسان جي تاريخ، اسان جي ثقافت انهن تاريخي ماڳن سان ڳنڍيل آهي ٻيو ته اسان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهڙا سيمينار ڪرڻ گھرجن جن ۾ اسان جي تاريخي ماڳن کي اجاگر ڪيو وڃي، اسان جي اسڪولي نصابن ۾ اهڙا سبق  شامل ڪيا وڃن جن مان تاريخي ماڳن جن اهميت ظاهر ٿئي

سوال؛ توهان پنهنجو تخلص ساقي سڏرايو ٿا ان جو ڪو خاص سبب؟
جواب؛ ساقي جو مطلب آهي پيارڻ وارو  يا ٻين تائين پهچائڻ وارو ان ڪري منهنجي خواهش آهي ته مون وٽ جيترو به علم آهي اهو سنڌ جي عوام تائين پهچايان انڪري مون پنهنجو پاڻ کي ساقي سڏرايو.


انٽرويو وٺندڙ ؛ اياز احمد نظاماڻي
رول نمبر ؛  14
ايم اي پريويس