Showing posts with label عبدالرزاق ڪنڀر. Show all posts
Showing posts with label عبدالرزاق ڪنڀر. Show all posts

Sunday, 3 April 2016

استاد ۽ اديب تيرٿ داس اميداڻي پروفائيل Teerathdas Umedani

 Compare contrast, reference of the specialty of area, to which he belongs, community,create some images, that will enrich ur profile 
Abdul Razaq Kumbhar
استاد ۽ اديب سائين تيرٿ داس اميداڻي
پروفائيل
عبدالرزاق ڪنڀر ، ايم ، اي پريوس رول نمبر، 03

سائين تيرٿ داس اميداڻي علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. هن نه صرف علم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر ان جي تمام گھڻي خدمت به ڪئي آهي. پاڻ تاريخ22 نومبر 1946ع ڌاري ڳوٺ نصير خان لغاري نزد چمبڙ ۾ ڌرتي ماتا جي  دامن ۾ جنم ورتو.  پرائمري تعليم  پنهنجي آبائي ڳوٺ گورنمنٽ اسڪول نصير خان لغاري مان حاصل ڪيائين، چوٿون ۽ پنجون ڪلاس اسلاميه مڊل اسڪول مسڻ وڏي ۾ پڙهيو، جتي عربي سبجيڪٽ وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهيائون. مئٽرڪ سال 1963 ع ۾ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائون، بي، اي 1968ع۽ ايم، اي 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين . پروفيشنل ڪوالفڪيشن جي حوالي سان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان  پاس ڪيائون..

سروس لاءِ ٻئي ڪنهن محڪمي کي پسند ڪرڻ بجاءِ تعليم کي ئي پسند ڪيائون، ڇو ته هي  مهان پيشو آهي جنهن سان نه رڳو انسان کي ڄاڻ ملي ٿي پر مان سمان، عزت ۽ آبرو پڻ وڌي ٿي. تاريخ 1964_ 5_12 ع تي گورنمنٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ انگلش ٽيچر طور ڀرتي ٿيا. ۽ پوءِ ٽنڊو الهيار جي مختلف اسڪولن ۾ پنهنجي علم جا جوهر ڏيکاريندا رهيا، جن ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگھار، گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ، هاءِ اسڪول تاج پور،مڊل اسڪول پيارو لنڊ، هاءِ اسڪول سنجر چانگ،  هاءِ اسڪول خير محمد جروار،پاڻ هڪ نان مسلم ٽيچر ٿي ڪري عربي سبجيڪٽ ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکندا هئا، سندن قوک مطابق پندرهن سال عربي جو سبجيڪٽ پڙهايائون. ان کان علاوه پاڻ سپر وائيزر به رهيا آهن. آخر ۾ گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ مان  پرنسپل جي عهدي تان رضاڪارانه طور رٽائرمنٽ ورتائين.

سائين تيرٿ داس اميداڻي ماسٽر ٽرينر۽ ٽيوٽر طور به ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ادبي ميدان ۾ 1971ع ۾ پير پاتائين، پاڻ نه صرف ڪهاڻيڪار آهن پر تحقيق ۽ تاريخ ۾ به سٺي ڄاڻ رکن ٿا. ادبي خدمتن جي حوالي سان سندن مذهبي ڪاوشون ڪافي آهن، جن ۾، “رنگ مالا ” نالي هڪ ڪتاب لکيو هيائون جيڪو سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي وارن جي طرفان 1972ع ۾ ڇپيو هو. سندن جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن ۾ شڀ تهوار، گيان پرڪاش، ايشور اپاسنا، آتم درشن، ديوالي پوجن۽ شري ڀڳوان جا 108 نالا، ويد اپديش، سورنهن سنسڪار، ۽آنند ساگر آهن.

ان کان علاوه هندي ٻولي مان به ڪافي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيا آهن جن ۾ شري راما پير، گرڙ پراڻ،  سانوڻ مهاتم، گرو گورک اپديش وغيره شامل آهن. ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڪوئل جي پڪار، ديوانو دوست،  جي ڪٺيون تڪبير، صندوق ۾ سمنڊ ۽ دل جي دري مان پکي جو پرواز شامل آهن. سائين تيرٿ داس اميداڻي جا وقتن فوقتن مختلف اخبارن ۾ ڪالم، مضمون، تحقيقي مقاله ۽ڪهاڻيون پڻ شايع ٿين ٿيون. پاڻ هڪ سٺا مترجم به آهن آفريڪن ناول “ ٿنگس فال اپارٽ ” سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿن، هن وقت سائين تيرٿ داس  رگ ويد جو هندي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيا آهن .ميگهواڙن جي تاريخ تي هڪ تمام بهترين ڪتاب “ ميگھ ونس اتهاس” لکي پنهنجي برادري جي مٿان عظيم احسان ڪيو اٿن،  

سائين تيرٿ داس اميداڻي کي پنهنجي ڪيل خدمتن عيوض مختلف ادارن کان ايوارڊ پڻ مليا آهن جن ۾ روحل ادبي اڪيڊمي طرفان ميگھ ونس اتهاس ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. ڊويزنل ايجوڪيشن ٽنڊو الهيار طرفان بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويو،  بيسٽ ٽيچر ايوارڊ، کاو علاوه ٽا ئون ڪاميٽي چمبڙ طرفان به کين مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو.
         سندن علمي خدمتن جو باب تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو، ڇو ته اهڙا محنتي ۽ فرض شناس استاد تمام گھٽ ملندا آهن

Profile of Teerath Das Umedani byAbdul Razaq Kumbhar, MA previous, 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh.

#Profile,  #TeerathDasUmedani,  #Abdul RazaqKumbhar,

Wednesday, 2 March 2016

چمبڙ جي مال پڙي - عبد الرزاق ڪنڀر Abdul Razaq Kumbhar

Good. Photos are needed
Chambbar Cattle Market by Abdul Razaq Kumbhar  
“چمبڙ جي  مال پڙي”  FEATURE:     
تحرير ؛     عبد الرزاق ڪنڀر،M.A(Pre) Roll No: 03
جهڙي طرح سٻا جهڙي  سنڌ جي سرزمين سرسبز شاداب ۽ زرخيز آهي بلڪل ائين ئي واپار جي لحاظ کان به گهٽ نه آهي واپار جي لحاظ کان هتي اسان چمبڙ شهر جي مال پڙي جو ذڪر ڪندا سين جنهن جو شمار سنڌ جي مشهور مال پڙين ۾ ٿئي ٿو.
چمبڙ جي مال پڙي ۾ ماهي،ڳائي ۽ ٻاڪري مال جو واپار ته وڏي پيماني تي هوندو آهي پر ان کان علاوه گڏهن،رڍن، ڪڪڙن،ڪبوترن ۽ ٻين پکين جو واپار پڻ ٿيندو آهي هراڱاري تي چمبڙ ۾ لڳندڙ پڙي مشهور ته مال پڙي جي نالي سان آهي پر هن ۾ استعمال جي شين کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تائين وڏو واپار ٿيندو آهي.
سياسي مداخلت کان پهرين هي مال پڙي چمبڙ شهر جي نالي واري شخصيت مرحوم رئيس حسين بخش جلباڻي لڳائيندو هو،پر جئين ئي مال پڙي ۾ سياسي مداخلت شروع ٿي ته مال پڙي تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن چمبڙ جو حصو بنجي وئي، هاڻي ڪافي سالن کان وٺي تعلقه ميونسپل آفيسر مال پڙي جو هر سال ٺيڪو نيلام ڪندو آهي جنهن ۾ مختلف ٺيڪيدار حصو وٺندا آهن پر مال پڙي ان ٺيڪيدار جي حصي ۾ ايندي آهي جنهن وٽ ٿوري گهڻي سياسي سپوٽ هوندي آهي.
گذريل ٻن ٽن سالن کان هي مال پڙي حيدرآباد جي ٺيڪيدرا محمد عمران قريشي وٽ ٺيڪي تي آهي جنهن سان ٻيا ڀائيوار به آهن، موجوده سال2015.16ع ۾ مال پڙي جو ٺيڪو هڪ ڪروڙ ، چوونجاهه لَکن ۾ ڏنو ويو آهي. هڪ ڪروڙ ، چوونجاهه لک سرڪاري خزاني کي ڏيندڙ هن پڙي جي آمدني ڪيتري آهي ان جو جائزو وٺجي ٿو.
هر مال پڙي واري ڏينهن وڏي مال جا(جن ۾ سوئا ۽ ڪٽو شامل آهن)  تقريبن هڪ سئو رسيد بڪ نڪرندا آهن ٻاڪري مال جا 20 کان 30 رسيد بڪ نڪرندا آهن ۽ گيٽ پاس جي پرچين جا 15 کان 20 بڪ نڪرندا آهن.وڏي مال ، ٻاڪري مال ۽ گيٽ پاس جي في پرچي جي رقم ڪيتري هوندي آهي ، خريدو فروخت ٿيندڙمال مان ٺيڪيدار جي آمدني ڪيتري ٿيندي آهي اها هن طرح آهي.
سوئا ڍور جي في پرچي تقريبن 1400/= روپيه.
ڪٽو ڍور جي في پرچي  تقريبن 1000/= روپيه.
ٻاڪري مال جي في پرچي  تقريبن 20 کان 40 روپين تائين.
گيٽ پاس جي في پرچي تقريبن 10 کان 20 روپين تائين .
ٺيڪيدار جي هٿن مان نڪرندڙ رسيد بڪ تقريبن اڪثر پرچين ۾ ختم ٿي ويندا آهن. باقي ڪي ٿورا واپس ٿيندا آهن، ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو ته 70% سيڪڙو رسيدون ڪٽجي وينديون آهن.
 هي مال پري سنجر چانگ ،ميرواهه گورچاڻي روڊ تي لڳندي آهي جنهن جاءِ تي لڳندي آهي اها ايراضي اندازن ، ست ، اٺ ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ اهو پلاٽ سيّد خادم علي شاهه نالي هڪ با اثر شخصيت  جو آهي جنهن کي هر ماهه هڪ لک اٺهٺ هزار روپيه مسواڙ ملندي آهي .هن مال پڙي ۾ مختلف جانور جي واپار جا مخصوص هنڌ آهن جنهن ۾ سوئا ڍور جي جاءِ الڳ ، ڪٽو جي الڳ ، ڳائي جي الگ ، گابا ، گابيون ، پاڏا، پاڏيون، الڳ الڳ بهيندا آهن .ٻاڪري مال جي پڙي لاءِ مخصوص جڳهه رکيل آهي، گڏهن جو الڳ پاسو آهي، ته ڪڪڙن ۽ پکين جو الڳ پاسو رکيل آهي مال پڙي وارو روڊ جيڪو سنجرچانگ کان ٿيندو ميرواهه گورچاڻي ڏانهن وڃي ٿو اهو روڊ تقريبن هڪ ڪلو ميٽر  تائين گاڏين ۽ واپار جي اسٽالن سان ڀريل هوندو آهي ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوغلام علي کان ايندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارن سان چمبڙ شهر جو مين روڊ به بلاڪ ٿيل هوندو آهي جيڪو ڏسڻ وارن کي شاهراھ فيصل جو ڏيک ڏيندو آهي سيڪيورٽي تي مقرر ڪيل پوليس جا جوان انهن گاڏين کي هٽائي سائيڊ تي ڪري مال پڙي واري رستي ڏانهن موڪليندا رهن ٿا اهڙي طرح اهو گاڏين ۽ واپارين جي اچڻ  وڃڻ  جو سلسلو صبح  کان وٺي شام جو سج لٿي تائين جاري رهندو آهي.
سڀ کان اهم ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته مال جي واپار کان سواءِ ٻين شين جو واپار به عروج تي هوندو آهي ان ۾ سبزيون ، فروٽ ، مشروبات ، هوٽلون ، برياني جا  ننڍاگاڏا ۽ وڏا اسٽال ريهڙن تي موجود کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال، ڪپڙي جو واپار، جوتين جو واپار، اليڪٽرونڪس  شين جو واپار، انسان جي روز مره جي استعمال ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال، ايستائين جو پيئڻ جوسادو پاڻي به ماڻهون وڪڻي پنهنجو گذران ڪن ٿا . مال پڙي اچڻ کان هڪ ڏيهن پهرين  يعني سومر جي ڏينهن چمبڙ شهر ۽ پسگردائي جا ماڻهو اڱاري( مال پڙي) جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن نه رڳو مال پڙي ۾ اچي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو پنهنجي روزگار جون تياريون ڪندا آهن پر چمبڙ شهر جا دوڪاندار به پنهنجي دڪانن ، هوٽلن ، ڪئبينن، ريهڙن، گاڏن، سبزين، فروٽن، گوشت ۽ ٻين زندگي جي ضروريات جي شين کي اڱاري جي ڏينهن لاءِ خاص گهرائيندا آهن چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اڱاري جو ڏينهن  چمبڙ جي عوام لاءِ ڄڻ هڪ ميلي جو ڏينهن هجي چمبڙ ۽ پسگيردائي جي ماڻهن لاءِ اڱاري جو ڏينهن “جنگل ۾  منگل” جو ڏيک ڏيندو آهي مال پڙي واري ڏينهن تي چمبڙ شهر جو ڪاروبار انتهائي عروج تي هوندو آهي. اهڙا به ماڻهو هوندا آهن جيڪي صرف هڪ اڱاري جو ڏينهن ڪمائيندا آهن  ۽ پورو هفتو ويهي کائيندا آهن.
مال پڙي جي ويجهو وڃڻ سان ئي شربت واري لاهوتي جو ڪنن تي آواز پهچندو آهي ته، لاهوتي جو علان آ ، 10 روپيه گلاس آ ، ڀري ڏي ڀاءُ کي ، پي تيرا ٺنڊا هووي جئ، ته ڪنهن پاسي کان اها آواز ايندا هليا ڀاءُ آلو ڀلا 25 روپيه ڌڙي بصر 40 روپيه ڌڙي، ڪپڙي وارو چوندو هليا سوپر ڪپڙو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي نقالون سي هوشيار، برياني وارو پنهنجي انداز ۾ سڏ ڪندو کاءُ V.I.P برياني 25 روپيه پاءُ.
 پڙي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ئي، نظر وڃي ڀلوڙ ڪاري مينهن تي پوندي، جنهن کي ڪنوار جي هار وانگور ڳاڙهن پيلن ۽ ساون موتين جي مالا ڪنڌ ۾ پئي هوندي  آهي پنهنجن ڪارين ڪجلين اکين سان اشارو ۽ وڏي ڀانء سان رڙ ڪري واپارين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي آهي. ٿورو پريان ڏسبو ته ڳائو مال پنهنجي سڱن تي تيل لڳل سڱ ائين اڀا ڪريو بيٺو هوندو جهڙو تازو لوهار کان  ڪات ٺپرائي آيو هجي.  ٻاڪري مال کي ڏسبو ته هو ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ناز نخرا ڪريو پنهنجو پاڻ کي پيو وڻائيندو. مال پڙي ۾ گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن، واپارين ، روزگار ڪندڙن، ڏانهن نظر ڊوڙائبي  ته ائين محسوس ٿيندو  ڄڻ ڌوڙ جي دنيا جا رهاڪو هجن ، وار وکريل ، غبار آلود، منهن  تي مٽي  جا تھ چڙهيل ڪن جا ڏنڊ ڦڪا سوگ ڏياريندا ته ڪن جا پان سان ڀريل جيڪي نه ماڻهون ڏسن نه ميڙ جتي ڪٿي ڦڙچڪ، ڦڙچڪلڳائي ويٺا هوندا آهن ،
 جتي چمبڙ جي مال پڙي تعلقه ميونسپل ايڊمينسٽريشن آمدني ۽ چمبڙ جي عوام جي لاءِ روزگار جو وڏو ذريعو آهي ته ان سان گڏ ڪافي مئسلن جي به ورچڙهيل آهي جهڙوڪ، صفائي جو ناقص انتظام، پاڻي جي اڻهوند، ٽريئفڪ جا مئسلا، گرمين ۾ مال ۽ ماڻهون لاءِ ڇانوء جا بهتر اپاءُ نه هجڻ، واپارين لاءِ ڪا به نه ويهڻ جي نه ئي بيهڻ جي سهولت، پهرين وڻ موجود هوندا هئا جيڪي ڪجهه ڇانوَ ڪندا هئا پر انتظاميا جي غفلت جي ڪري اهي وڻ به سڪي ويا آهن ، باقي ڪي چند رهيا آهن گاڏين جي گهڻي آمدورفت جي ڪري چمبڙ جو مين روڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيو وڃي.انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪافي مسئلا آهن جيڪي مال پڙي جي ڏينهن درپيش اچن ٿا،- 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

سنڌ جي اقليتي هارين جا مسئلا

Feed back later 
Minority peasants problems 
سنڌ جي اقليتي هارين جا مسئلا
 Abdul Razaq Kumbhar M.A( PRE) ROLL NO. 03 تحرير: عبد الرزاق ڪنڀر.
جهڙي طرح سنڌ جي سر زمين واپار جي لحاظ کان مشهور آهي ته ساڳي طرح  ذرعي لحاظ کان به سندس مشهوري گھٽ نه آهي، هي اها سر زمين آهي جنهن جي مٽي سون اڳائيندي آهي. پاڻي هجڻ جي صورت ۾  هتي ٻه چار ايڪڙ جا زميندار به  معاشي طرح پنهنجي زندگي جو گذران بهتر نموني هلائين ٿا. هتي تقريبن هر  قسم جا ميوا، سبزيون، اناج، وغيره  معياري ٿين ٿا. جيڪي ذرعي حساب سان عالمي منڊي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ان  جو سادو مثال اهو آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ديسي انب جنهن کي اسان سنڌڙي انب به چوندا آهيون اهو پنهنجي معيار ، ذائقي ۽ مٺاس جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي. چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي ذرعي پيداوار        جو معيار  ڪنهن به ملڪ جي ذرعي پيداوار جي معيار کان گھٽ نه آهي
ڪا به زمين پاڻهي پيداوار نه اپائيندي آهي ، زمين کي زرخيز بنائڻ لاٰءِ محنت ڪندڙ ۽ جفا ڪشي ڪندڙ هٿن جي ضرورت هوندي آهي، ۽ اهي هٿ اسان جي قوم کي الله سائين بخش ڪيا آهن جيڪي جبل جهڙي مضبوط زمين کي نرم بنائي ان  کي پيداوار جي لائق بنائن ٿا. جيڪي  ڏينهن رات هڪ ڪري، محنت ڪري ڏونگر جهڙين مضبوط زمينن کي زرخيز بنائن ٿا. هي اهي هاري آهن جن جي ڪوششن ۽ محنت سان ،اناج، ميوا، سبزيون،  کاڌي پيتي  جون ٻيون اشياء  ان کان سواءِ آمدني ڏيندڙ فصل جهڙوڪ ڪپھ، توريو، ڪمند، ڪيلو، وغيره پيدا ٿين ٿا انهن هارين جي بدولت اسان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيون. سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر  واري پٽي ۾ زمين ۾ هارپو ڪندڙ تقريبن  اقليتي قوم ئي آهي جن ۾ ڪولهي برادريءَ اڪثريت رکي ٿي،۽ اسان جي سنڌ جو وڏيرو يا رئيس ڳولهي ڪولهي ماڻهن کي پنهنجي زمين هارپي تي ڏيندو ان جا ٻه سبب آهن هڪ ته اَقليتي ويچارا پنهنجي پيشي ڌنڌي سان سچا آهن، ٻيو وري انهن جي پٺ نه آهي جيڪڏهن زميندار انهن تي زبردستي ڪري انهن  کان انهن جو حق کسيندو ته انهن جي پٺڀرائي  ڪير به نه ڪندو،اڪثر بيشتر اسان ڏٺو آهي ته مسلمان هارين جي ڀيٽ ۾  اقليتي ڪولهي وڌيڪ محنت ڪندا آهن، ڪولهي ويچارا پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي بکون ڪاٽي ،سردي گرمي هڪ ڪري پنهنجي ٻچڙن وانگر زمين جي ديک ڀال ڪندا آهن .
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  زميندار انهن کي  انهن جو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، پنهنجو حق گھرڻ جي صورت ۾ انهن کي اذيتون، تڪليفون ڏنيون ٿيون وڃن، ايستائين جو انهن بي سهارا هارين جي مٿان پنهنجا ابتا سبتا هٿ ٺوڪيا بل چاڙهي ڪوڙيون کڻتون ڄاڻائي انهن کي پنهنجي نجي جيلن جو قيدي بنائي، انهن کان جبري پورهيو ڪرايو ٿو وڃي . ڪي بد بخت زميندار اهڙا به آهن جيڪي انهن غريبن جي عزتن سان به کيڏندا آهن . ڏکن جي قيد جا هي قيدي اهي داهون ڏين به ته ڪنهن کي ڏين، ڪير به انهن جي داد فرياد ڪرڻ وارو نه هوندو آهي ، سڀ کان وڏو مرض اسان وٽ اهو آهي ته اسان جو معاشرو هن محنت ڪش انسانن کي حقارت جي نظر سان ٿو ڏسي، هڪ طرف زميندار جو ظلم ته ٻي پاسي حڪومتِ وقت جي بي ڌياني انهن جا درد و غم ٻيڻآ ڪريو ڇڏي، زمينن کي زرخيز بنائي قوم ۽ ملڪ کي معاشي طرح مستحڪم بنائيندڙ ويچارن اقليتي هارين کي حڪومت جي طرفان  ڪا سهولت ته پري جي ڳالھ پر بنيادي حقوق حاصل به نه آهن، نه پيئڻ جو پاڻي، نه بجلي، نه رستا، نه ئي مستقل رهائش اٿن ، ڪيڏي مهل ڪنهن زميندار جي زمين تي ته ڪنهن مهل ڪنهن زميندار وٽ،  جيڪو زميندار ڪاوڙجي ته لڏائڻ ۾ منٽ ڪريو وٺي. ويچارا اقليتي هاري ائين ئي پنهنجي زندگي دربدري سان گذاري رهيا آهن نه وس وارن جي توجه آهي نه وري حڪومت جي، جڏهن ته اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرن جي  اڪثريت زمينداري طبقي سان وابسته آهي .پر انهن کي اقليتي هارين جي درد ڪٿا ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي هاري پاڻ ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪري پنهنجي مجيري کي ڪا به پريشاني ٿيڻ نه ڏيندو آهي ، مجيري پاڻ  وڏين وڏين  آرام ده گاڏين  ۽ بنگلن ۾ پنهنجي زندگي عيش و عشرت سان گذاري رهيا آهن، ۽ هاري ويچارا انتهائي تڪليف سان پنهنجو گذران ڪري رهيا آهن.  حقيقت هي آهي ته انهن اميرن  کي اهي بنگلا ۽ گاڏيون ڏيارڻ وارا هي غريب ، مسڪين هاري ئي آهن،پر مجيري مان الائي ڇو احساس جو مادو ختم ٿي ويو آهي.جو هو پنهنجي ئي هاري جي تڪليف کي نٿو سمجھي سگھي.
سچ چئجي ته ان سموري صورتحال جي ذميوار حڪومت ئي آهي جيڪا هارين لاءِ بهتر اقدامات نٿي کڻي. ان ڳاله تي هڪ شعر ياد ٿو اچي.
.      جس عهد مين لــٽ جائي فقيرون ڪي ڪمائي،   اس عهد ڪي سلطان سي ڪچه بهول هوئي هي
هن وقت حڪومت طرفان ڪسان پئڪج جو هُل هليو آهي ڏسجي ته ان پئڪج مان ڪهڙن غريب مسڪين هارين کي انهن جو حق ٿو ملي

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

Friday, 12 February 2016

Interview with poet Usman Natiq by Abdul Razaque

REVISED
Plz do not put question numbers. Photo is too dull can not be published
اديب ۽ شاعر محمد عثمان “ناطق”

Abdul Razaque
انٽرويو ڪندڙ ؛ عبدالرزاق ڪنڀر چمبڙ M.A (Pre) Roll NO: 03







محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري  اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائن انٽرويو ڪجي ٿو.





س: ادبي لحاظ کان اوهان جي پهرين تخليق ڪهڙي هئي ۽ اها ڪڏهن ڇپي؟
جواب: مون 1946ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي پهريون مضمون عورت جي تعليم بابت هو اهو مضمون “حلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپيو هو. اخبار ۾ لکيل مضمونن ۾ منهنجي مضمون کي 03 نمبر مليو ٻيو نمبر جناب الهنخش ٽالپر صاحب جي مضمون کي مليو ۽ پهريون نمبر واري صاحب جو نالو ياد نه اٿم.  
س : اوهان پنهنجي ادبي خدمتن بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: منهنجا مضمون مهراڻ رسالي “هلال پاڪستان” ۽ ٻين مختلف ناطق صاحب اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن به وقتن ڇپندا رهندا آهن. مون ٽي ڪتاب به لکيا آهن جن ۾ 1_ ڪهاڻين جا ڪتاب 2_ پراڻا پٽ نوان نجھرا  3_ ڳالهيون وڻ ڳوٺاڻين جون ان کان علاوه علامه محمد گرامي صاحب ۽ محمد شاهه صاحب سان گڏ جي هڪ رسالو به ڪڍيو هو۔

سوال03: شاعري ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪئين ٿيو؟
جواب: آئون علامه گرامي صاحب جي تمام گھڻو ويجھو رهيو آهيان.  جناب گرامي صاحب منهنجي اصلاح ڪندا هئا ۽ شاعري جو شوق به سندن ئي صحبت نشيني جي ڪري ٿيو ۽ پوءِ پاڻ باقاعدي شاعري جي ترغيب ڏئي شاعري سمنڊ جي ڪناري تي بيهاري تربيت ڪيائون.

سوال04: هڪ سٺي شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گھرجن؟
جواب: هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان جو تعلق ڏکن ، سکن ، اذيتن، راحتن ، وفائن، جفائن، پلاين، براين سان رهي ٿو. ته ساڳي طرح فطرت جي سونهن ، حُسن، خوشبوء دل کي وڻندڙ نظارا ۽ عجيب حقيقتون به آهن.
انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي هڪ باڪمال شاعر کي حقيقت فطرت مناظر ۽ انسانيت جو حقيقي ترجمان هئڻ گھرجي.

سوال05: اوهان جي خيال مطابق شاعري انساني زندگي تي پنهنجا ڪهڙا ڇڏي ٿي؟
جواب: شاعري انسان جي جذبن ۽ احساس سان واسطو رکي ٿي جنهن ۾ فڪر جي تمام گھڻي اونهائي آهي. شاعر پنهنجي شاعري ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو جن ۾ دلي جذبا ، امنگون ،احساس ، عشق ، سوزوگداز ڏک درد ۽ ان جي پيڙا شامل هوندا آهي ۽ قدرت جي حسين ۽ دلڪش مناظر جو عڪس يا تصوير به شامل هوندي آهي جيڪا ٻڌندڙن جي دلين تي تمام وڏو اثر ڪري ٿي.

سوال06: هڪ اديب ۽ شاعر هجڻ جي ناتي گذريل دور ۽ موجوده دور جي شاعري ۽ ادبي مواد متعلق اوهان پنهنجي  راءِ جو اظهار ڪندا؟
جواب: اڳئين دور ۾ اديبن ۽ شاعرن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا جن ۾ وڏي پاڻي جا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کان ڪافي سکڻ جو موقعو ملندو هو . اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي هيئنر ادبي رهاڻ مجلسون ته ٿين ٿيون پر ان ۾ اڳ وارو معيار ناهي رهيو ايتري قدر جو ٻولي ۽ گرامر جو خيال به نٿو رکيو وڃي. رهي ڳالهه شاعرن جا ته گذريل دور جي ۽ هن وقت شاعري جو فرق خود، اوهان جي سامهون آهي. ماضي ۾ اسان کي شاهه سچل، سامي، قاضي قادن، جھڙا سدابهار شاعر مليا. هيئنر چند شاعرن کي ڇڏي ڪري باقي شاعرن ۾ اڳ واري ڳالهه ناهي رهي.

س : اڄڪلهه جو نوجوان شاعري ۽ ادبي ميدان کان پري ٿيندو پيو وڃي اوهان جي نظر ۾ ان جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
جواب: هي ٽيڪنالوجي جو دور آهي ۽ هر ڪنهن جي خواهش آهي ته هو جديد تعليم حاصل ڪري ۽ اڳيان وڌي بس اهو ئي سبب آهي جو نوجوان جو جديد تعليم ڏانهن وڌندڙ لاڙو ان کي شاعري ۽ ادبي سرزمين تي پير رکڻ نٿو ڏي.
سوال08: اوهان جو پهريون مضمون عورتن جي تعليم بابت هو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: تعليم حآيل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي لازم آهي تعليم هڪ روشني آهي پوءِءِ اهو ڪئين مناسب رهندو ته هڪ عورت ان روشني کان محروم رهي. هن وقت عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي ، ان ڪري آئون اهو چوندس ته نياڻين کي تعليم لازمي ڏيارجي ته جئين هو پاڻ کي معاشري جي ذميوار شخصيت طور مڃرائي سگھي.
سوال09: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن متعلق اوهان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا؟
جواب: ڊاڪٽر صاحب جون دنڌي ادب ۽ سنڌ وارن تي وڏو احسان آهي هن جون دنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون سج وانگر ورشن آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ، ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن آئون اهو ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر بلوچ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌندڙ ڪم رڪجي ويو آهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان سنڌين جو سرمايو هو.
سوال10: اوهان جي ادبي زندگي جو  ڪو يادگار واقعو؟
جواب: منهنجي زندگي جو يادگار واقعو اهو آهي ته ادبي ميدان ۾ منهنجي ۽ منهنجي ڀاء محمد حسين “ڪاشف” جي رهنمائي اسان جي استاد علامه غلام محمد گرامي صاحب ڪئي. پاڻ اسان  تخلص به ڏنائين جنهن سان اسان جي همٿ افزائي پڻ ٿي. مون کي “ناطق ”۽ ادا محمد حسين کي “ ڪاشف” تخلص مليو.
سوال11: مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن جا حوالي سان ڪجھ ٻڌائيندا.؟
جواب: سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن لاءِ لفظ استعمال ڪجن اهي لفظ ئي نه آهن جيڪي تعريف لاءِ چوندا صرف اهو عرض ڪندس ته مادر علمي جو هڪ ئي احسان اهو آهي جو هن ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا عظيم مفڪر ، دانشور . محقق ڏنا آهن                                                
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سنڌ يونيورسٽي اڃان وڌيڪ ترقي  ڪري ملڪن منجهه سندن فيض جاري ٿئي
سوال12: معاشري جي نوجوان طبقي لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب: منهنجو اسان جي معاشري جي نوجوان طبقي کي اهو پيغام آهي ته علم حاصل ڪريو تعليم کان سواءِ اوندهه آهي ڪتابن سان قرب رکو محبت رکو ۽ پيار ڪريو ۽ ڪوشش ڪريو ته ادب سان دل لايو ڇو ته انسان کي هميشه زندهه ناهي رهڻو رهندو صرف نالو اگر دنيا ۾ اوهان ڪو تحريري ڪم ڪري ويندو ته اهو تاريخ ٿي توهان جي نالي کي زندهه رکندو  


by Abdul Razaque
 Again ur name is missing in the text. u should write ur name in sindhi in the file. File name should be proper, like Interview- Abdul Razaq.
 Foto is very dull can not be published. 
 انٽرويو
محمد عثمان ناطق
انٽرويو ڪندڙ: عبدالرزاق ڪنڀر
محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن
 ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري  اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائن انٽرويو ڪجي ٿو.
---------------

by Abdul Razaque
 ur name??? should write name in Sindhi. File name should be proper, 
 انٽرويو
محمد عثمان “ناطق ”
محمد عثمان “ناطق ” صاحب جون 1928 ع ۾ موجوده ضلع ٽنڊوالهيار جي جي تعلقي چمبڙ ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي دامن ۾ جنم ورتو سندن گھراڻو مذهبي هجڻ ڪري کين پهرين قرآن پاڪ جي تعليم ڏياري وئي بعد ۾ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1936ع ڌاري پرائمري تعليم اسڪول چمبڙ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتان کان ئي فائنل پاس ڪيائون فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ پرائمري استاد ٿيا اڪيڊمڪ ڪواليفيڪشن جي حوالي سان سنڌي ۾ ماسٽر ڪئي اٿن ۽ پروفيشنل تعليم بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي اٿن انکان علاوه اديب سنڌي ، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي جا امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيا اٿن پاڻ سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺا اديب به آهن سندن چوڻ مطابق اديبي ميدان ۾ 1946ع ۾ قدم رکيائون جيڪو اڃان تائين برقرار آهي ۽ سندن شاعري پڙهندڙن
تي سٺو اثر ڇڏي ٿي بحثيت شاعر ۽ اديب کائنڻ انٽرويو ڪجي ٿو. 


سوال: ادبي لحاظ کان اوهان جي پهرين تخليق ڪهڙي هئي ۽ اها ڪڏهن ڇپي؟  
جواب: مون 1946ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي پهريون مضمون عورت جي تعليم بابت هو اهو مضمون “حلال پاڪستان” اخبار ۾ ڇپيو هو. اخبار ۾ لکيل مضمونن ۾ منهنجي مضمون کي 03 نمبر مليو ٻيو نمبر جناب الهنخش ٽالپر صاحب جي مضمون کي مليو ۽ پهريون نمبر واري صاحب جو نالو ياد نه اٿم. 

سوال02: اوهان پنهنجي ادبي خدمتن بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟
جواب: منهنجا مضمون مهراڻ رسالي “هلال پاڪستان” ۽ ٻين مختليف ناطق صاحب اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن به وقتن ڇپندا رهندا آهن. مون ٽي ڪتاب به لکيا آهن جن ۾ 1_ ڪهاڻين جا ڪتاب 2_ پراڻا پٽ نوان نجھرا  3_ ڳالهيون وڻ ڳوٺاڻين جون ان کان علاوه علامه محمد گرامي صاحب ۽ محمد شاهه صاحب سان گڏ جي هڪ رسالو به ڪڍيو هو ان رسالي جو نالو ____________آهي.

سوال03: شاعري ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪئين ٿيو؟
جواب: آئون علامه گرامي صاحب جي تمام گھڻو ويجھو رهيو آهيان.  جناب گرامي صاحب منهنجي اصلاح ڪندا هئا ۽ شاعري جو شوق به سندن ئي صحبت نشيني جي ڪري ٿيو ۽ پوءِ پاڻ باقاعدي شاعري جي ترغيب ڏئي شاعري سمنڊ جي ڪناري تي بيهاري تربيت ڪيائون.

سوال04: هڪ سٺي شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گھرجن؟
جواب: هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان جو تعلق ڏکن ، سکن ، اذيتن، راحتن ، وفائن، جفائن، پلاين، براين سان رهي ٿو. ته ساڳي طرح فطرت جي سونهن ، حُسن ، خوشبوء دل کي وڻندڙ نظارا ۽ عجيب حقيقتون به آهن.
انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي هڪ باڪمال شاعر کي حقيقت فطرت مناظر ۽ انسانيت جو حقيقي ترجمان هئڻ گھرجي.

سوال05: اوهان جي خيال مطابق شاعري انساني زندگي تي پنهنجا ڪهڙا ڇڏي ٿي؟
جواب: شاعري انسان جي جذبن ۽ احساس سان واسطو رکي ٿي جنهن ۾ فڪر جي تمام گھڻي اونهائي آهي. شاعر پنهنجي شاعري ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪري ٿو جن ۾ دلي جذبا ، امنگون ،احساس ، عشق ، سوزوگداز ڏک درد ۽ ان جي پيڙا شامل هوندا آهي ۽ قدرت جي حسين ۽ دلڪش مناظر جو عڪس يا تصوير به شامل هوندي آهي جيڪا ٻڌندڙن جي دلين تي تمام وڏو اثر ڪري ٿي.

سوال06: هڪ اديب ۽ شاعر هجڻ جي ناتي گذريل دور ۽ موجوده دور جي شاعري ۽ ادبي مواد متعلق اوهان پنهنجي  راءِ جو اظهار ڪندا؟
جواب: اڳئين دور ۾ اديبن ۽ شاعرن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا جن ۾ وڏي پاڻي جا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جنهن ڪري انهن کان ڪافي سکڻ جو موقعو ملندو هو . اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي هيئنر ادبي رهاڻ مجلسون ته ٿين ٿيون پر ان ۾ اڳ وارو معيار ناهي رهيو ايتري قدر جو ٻولي ۽ گرامر جو خيال به نٿو رکيو وڃي.
رهي ڳالهه شاعرن جا ته گذريل دور جي ۽ هن وقت شاعري جو فرق خود ، اوهان جي سامهون آهي . ماضي ۾ اسان کي شاهه سچل ، سامي ، قاضي قادن ، جھڙا سدابهار شاعر مليا . هيئنر چند شاعرن کي ڇڏي ڪري باقي شاعرن ۾ اڳ واري ڳالهه ناهي رهي.

سوال07: اڄڪلهه جو نوجوان شاعري ۽ ادبي ميدان کان ڪيترائي ميل پري ٿيندو پيو وڃي اوهان جي نظر ۾ ان جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
جواب: هي ٽيڪنالوجي جو دور آهي ۽ هر ڪنهن جي خواهش آهي ته هو جديد تعليم حاصل ڪري ۽ اڳيان وڌي بس اهو ئي سبب آهي جو نوجوان جو جديد تعليم ڏانهن وڌندڙ لاڙو ان کي شاعري ۽ ادبي سرزمين تي پير رکڻ نٿو ڏي.
سوال08: اوهان جو پهريون مضمون عورتن جي تعليم بابت هو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ بابت ڪجھ ٻڌائيندا؟

جواب: تعليم حآيل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي لازم آهي تعليم هڪ روشني آهي پوءِءِ اهو ڪئين مناسب رهندو ته هڪ عورت ان روشني کان محروم رهي. هن وقت عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي ، ان ڪري آئون اهو چوندس ته نياڻين کي تعليم لازمي ڏيارجي ته جئين هو پاڻ کي معاشري جي ذميوار شخصيت طور مڃرائي سگھي.
سوال09: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن متعلق اوهان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا.

جواب: ڊاڪٽر صاحب جون دنڌي ادب ۽ سنڌ وارن تي وڏو احسان آهي هن جون دنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون سج وانگر ورشن آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ، ڊاڪٽر بلوچ جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن آئون اهو ٿو سمجهان ته ڊاڪٽر بلوچ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌندڙ ڪم رڪجي ويو آهي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان سنڌين جو سرمايو هو. 

سوال10: اوهان پنهنجي زندگي جو ڪو يادگار واقعو ٻڌائيندا؟
جواب: 

سوال11: مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن جا حوالي سان ڪجھ ٻڌائيندا.
جواب: سنڌ يونيورسٽي جي خدمتن لاءِ لفظ استعمال ڪجن اهي لفظ ئي نه آهن جيڪي تعريف لاءِ چوندا صرف اهو عرض ڪندس ته مادر علمي جو هڪ ئي احسان اهو آهي جو هن ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا عظيم مفڪر ، دانشور . محقق ڏنا آهن  
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سنڌ يونيورسٽي اڃان وڌيڪ ترقي  ڪري ملڪن منجهه سندن فيض جاري ٿئي 

سوال12: معاشري جي نوجوان طبقي لاءِ ڪو پيغام ............؟ 
جواب: منهنجو اسان جي معاشري جي نوجوان طبقي کي اهو پيغام آهي ته علم حاصل ڪريو تعليم کان سواءِ اوندهه آهي ڪتابن سان قرب رکو محبت رکو ۽ پيار ڪريو ۽ ڪوشش ڪريو ته ادب سان دل لايو ڇو ته انسان کي هميشه زندهه ناهي رهڻو رهندو صرف نالو اگر دنيا ۾ اوهان ڪو تحريري ڪم ڪري ويندو ته اهو تاريخ ٿي توهان جي نالي کي زندهه رکندو    

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro