Foto required. There must be atleast 12 questions. Do not give numbering to questions. Question No 1 should be made part intrdoduction.
Detailed feedback later on
Detailed feedback later on
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro
انٽرويو
نوجوان ناول نگار ۽ ڪمپيئر ليکراج هميراڻي کان انٽرويو
انٽرويو باءَ آڪاش هميراڻي ايم اي (پريويئس) ماس ڪميونيڪيشن؛ رول نمبر 10؛
تعارف؛
ٿرپارڪر سنڌ جو اهو وارياسو خَطو آهي، جنهن جي طويل هنج ۾ ڏات جو رقص جاري ۽ ساري رهندو اچي ٿو، انهي ساڳئي
خطي جو ليکراج سنڌي ناول جي صنف تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي، ليکراج جو جنم ٿر جي هڪ ڳوٺ دونٻاڙو ۾ ٿيو، ادب سان چاهه هـئڻ ڪري ادب جو مطعالو ڪيائين، مهراڻ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن جي دوران “لهندڙ سج“ ناول لکيائين، ٻيو ناول سندس “اندر جو انسان“ نالي ڇپائي هيٺ آهي، ليکراج هن وَقت مٺي شهر جي هڪ نجي بئنڪ ۾ آپريشن مينيجر جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي.
سوال 1؛ پيارا، توهان جو مڪمل تعارف؟
جواب؛ ادا منهنجو جنم ٿر جي ڳوٺ دونٻاڙو ۾ 1989ـ1ـ1 تي ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي،مڊل ڪلاس اسمائيل سنگراسي مان ڪئي مانس، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪُنري مان پاس ڪئي، وڌيڪ تعليم لاءُ مهراڻ يونيورسٽي ويس، جتان سافٽ ويئر انجنيئرنگ مان گريجوئيشن ڪئي.
سوال 2؛ سافٽ ويئر انجنيئر هوندي، اُهي ڪهڙا اسباب هئا، جنهن توهان کي ادب جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو؟
جواب؛ ادب پڙهڻ جو شوق ننڍپُڻ کان وٺي هيو، مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ ڪجهـ ڪتاب دوستن کان ملندا هئا ته پڙهندو هئس، پر انجنيئر ٿيڻ منهنجي مائٽن جي خواهش هئي، اُها پوري ڪري ڏيکاريم، حيدرآباد ۾ رهندي ڪجهه ننڍا وڏا پروگرام اٽينڊ ڪندو هئس، ۽ ڪمپيئرنگ جو موقعو پُڻ ملندو هو، ٻي ڳاله ته جامشوري ۾ جيڪوماحول نصيب ٿيو اُن جا مون تي گهرا اثرات رهيا ۽ اهڙي ماحول جي ياد تازي رکڻ لاءَ پهريون ڪئمپس تي ناول لکيم، اڃا به ڪوشش پيو ڪيان ته سنڌي ادب کي سُٺيون لکڻيون ڏيان.
سوال 3؛ ٿر جي اديبن جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، ۽ توهان ان سڄي پسمنظر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب؛ ٿر جي اديبن سنڌي ادب کي تمام گهڻو ڏنو آهي، شروعاتي دور ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ رائيچند راٺوڙ ڪلاس جو ڪم ڪيو، عثمان ڏيپلائي سنڌي صحافت ۾ جديد لاڙا پيدا ڪيا، بعد ۾ اها ٻي ڳاله آهي ته پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيو، اهو اسري ن سگهيو ان جو ڪارڻ ۽ اهم سبب هي آهي ته اديب جديد ٽيڪنالوجي کان پُوري طرح جڙي ن سگهيا آهن، ۽ ن ئي اهڙي ٽيڪنالوجي مثلن انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، ادارا ۽ لائبريريون آهن، جنهن سان ماڻهن کي ذريعا فراهم ٿين. ٿر جهڙي خطي ۾ قدرتي ڏات تمام گهڻي موجود آهي، ضرورت ان ڳاله جي آهي ت موجوده تقاضائن کي مدنذر رکندي پروموٽ ڪجي. موجوده اديب پُڻ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪن پيا، اهو سُٺو سئنوڻ آهي.
سوال 4؛ ليکراج! سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
جواب؛ ورهاڳي کان اڳ سنڌي ناول تي چڱو ڪم ٿيل هو، بعد ۾ وري هڪڙي کيپ اُڀري جنهن شروع ۾ ناول لکيا بعد ۾ وري ڪهاڻي لکڻ شروع ڪيائون، اهو ٽولو شوڪت شوري، مدد علي سنڌي، آغا سليم، علي بابا ۽ ماڻڪ تي مشتمل هو. انهن جي نگراني ۾ وري ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ طارق عالم ابڙو، زاهد گوتم، ماهتاب محبوب ۽ بين پُڻ سنڌي ناول کي خوب ڏنو. موجوده دور ۾ ممتاز بخاري، نور جوڻيجو، منير چانڊيو ۽ ٻيا دوست تمام زبردست ڪم ڪري رهيا آهن، اُميد اٿم ته ناول تي اڃا به گهڻو ڪم ٿيندو.
سوال 5؛ توهان پنهنجي ايندڙ ناول جي باري ۾ ڇا چوندو؟
جواب؛ ادا منهنجو ايندڙ ناول سماجي ناانصافين جي ور چڙهي ويل هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪا مختلف پهلوئن تي مشتمل آهي، اميد اٿم ته جلدي پڙهندڙ دوستن تائين پهچي.
No comments:
Post a Comment