Interview with Irshad Nizamani by Ayaz Nizamani
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro
12 documentaries? name a few..
What is his speciality or angle in documnetaries? how they are different from other producers of documentaries?
How he learnt documentary making?
When he works on a documentary how he atrts?
How new comers can make documentary?
selection of subject is big problem how to select subject?
Question No 1 should have been made part of introduction
Describe little bit his channel
Historical places u mentioned are already known. If this was answer, no need to put this question or write the answer.
More home work was needed about heritage places, documentaries etc
Proper subject line and proper file name is must
subject line: Interview by Ayaz nizamani Roll... M.A
file name: Interview - Ayaz nizamani
There is bit composing problem as English words disturb the format
ارشاد حسين نطاماڻي
انٽرويو وٺندڙ ؛ اياز احمد نظاماڻي
تعارف
ارشاد حسين نظاماڻي ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ حاجي خان نظاماڻي ۾ 1960 ۾ پيدا ٿيو. سندن تعلق هڪ زميندار گھراڻي سان آهي، پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سندن ذاتي دلچسپي تاريخي ماڳن ۾ هئي ان سان گڏوگڏ هو هڪ بهترين صحافي ۽ ليکڪ پڻ آهن، انهن صحافت جي شروعات 1980 کان ڪاليج جي زماني کان ڪئي. انهن حيدرآباد مان بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو سوچيو، موجودا وقت ۾ هو بيرون ملڪ جي ٽي وي چينل ايس ايس ٽو(SS2) جيڪو جرمني جو چينل آهي انهن جا نمائندا آهن پاڪستان جي تاريخي ماڳن کي دنيا آڏو اجاڳر ڪندا آهن ۽ تاريخي ماڳن جي حوالي سان تمام گھڻي ڄاڻ رکن ٿا. هو پنهنجو پاڻ کي ساقي جي تخلص سان سڏرائن ٿا.
سوال؛ توهان صحافت جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب؛ صحافت جي شروعات مون ڪاليج واري زماني کان ڪئي هئي، اهو 1980 وارو دور هوجڏهن ڳوٺ جي مسئلن مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ مون صحافت ۾ پير پاتو.
سوال؛ توهان جو سڀ کان پهرين شايع ٿيندڙ مواد ڪهڙو هو؟
جواب؛ سڀ کان پهرين منهجي هڪ ڪهاڻي شايع ٿي هئي “ ٻات اوندهائي” جي نالي سان جيڪا روزانو آفتاب نالي اخبار ۾ شايع ٿي هئي 1980 جي ڏهائي ۾، جيڪا حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي.
سوال؛ موجودا وقت ۾ توهان ڪهڙي اداري ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو؟
جواب؛ آءُ هن وقت جرمني جو هڪ چينل آهي
(SS2) ايس ايس ٽو جي نالي سان آهي ان ۾ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهيان.
سوال؛
(SS2) چينل ۾ اوهان جو ڪردار ڪهڙو آهي؟
جواب؛ (SS2) چينل ۾ منهنجو ڪم پاڪستان اندر جيڪي تاريخي ماڳ مئسارجي رهيا آهن انهن جي نشاندهي ڪري انهن جي ڊاڪيومينٽري ٺاهي موڪلڻ آهي.
سوال؛ (SS2) چينل تي توهان جون گھڻيون ڊاڪيومينٽريز تاريخي ماڳن جي متعلق نشر ٿي چڪيون آهن؟
جواب؛ پاڪستان جي تاريخي ماڳن متعلق منهنجون هن وقت تائين ٻارنهن 12 ڊاڪيومينٽريز نشر ٿي چڪيون آهن.
سوال؛ توهان کي (SS2) چينل تي ڪم ڪندي گھڻو عرصو ٿيو؟
جواب؛ مونکي (SS2) چينل تي ڪم ڪندي تقريبن 09 سال ٿي چڪا آهن.
سوال؛ توهان هڪ ننڊڙي ڳوٺ جا ٿي ڪري (SS2) چينل تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪئي؟
جواب؛ KTN ڪي ٽي اين تي اڄ کان تقريبن 09 سال پهرين هڪ لائيو شو ۾ مهمان طور ويو هئس اتي “ڪارو ڪاري” واري عنوان تي ڳالهائڻو هو انهي شو کان پوءِ مونکي هڪڙي فون آئي هئي اسلام آباد مان ميڊم سشيلا جي نالي سان انهن مون کان منهنجي دلچسپي پڇي. مون ٻڌايو ته مونکي تاريخي ماڳن سان دلچسپي آهي ۽ انهن جي ميسارجڻ جو افسوس به آهي. ان کان پوءِ اهڙي طرح منهنجي انهي چينل تائين ممڪن ٿي، ميڊم سشيلا اڳ ۾ ئي ان چينل سان وابستا هئي.
سوال؛ سنڌ جي اندر ڪهڙا مشهورتاريخي ماڳ آهن؟
جواب؛ سنڌ جي اندر تمام گھڻا مشهورتاريخي ماڳ آهن جھڙوڪ، موئن جو دڙو، ڪوٽڏيجي قلعو، راڻي ڪوٽ قلعو، نئون ڪوٽ قلعو، ڀنڀور، مڪلي قبرستان، ڪينجھر ڍنڍ معصوم شاه جو مينارو، نيرون ڪوٽ جو قلعو، عمر ڪوٽ جو قلعو، منوڙو، چوڪنڊي ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ماڳ سنڌ اندر موجود آهن.
سوال؛ موجودا سنڌ ۾ مٽجندڙ تاريخي ماڳن جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب؛ سنڌ ۾ مٽجندڙ تاريخي ماڳ فقط گھمڻ جون جايون، فوٽو ڪڍرائڻ يا فقط ماڳ ڪونهي پر اهي اسان جي ثقافت سان واسطو رکن ٿيون انهن ماڳن جو مٽجڻ اسان جي ثقافت جو مٽجڻ آهي.
سوال؛ ڇا اسان جي حڪومت تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لهي پئي؟
جواب:؛ اسان جي حڪومت پاڪستان هر سال تاريخي ماڳن لاءِ وڏيون بجئٽون ته رکي ٿي ۽ ساڪاري عملدار به مقررآهن پر اهي پنهنجو ڪم سرانجام نه ٿا ڏين انهن ماڳن جي مرمت وارا پئسا هڙپ ڪريو وڃن، انهن ماڳن کي ويران ئي ڇڏيو ڏين ان ڪري واٽهوڙا ماڻهو انهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ٻيو ته انهن ماڳن اندر پاڻي جو بيهجي وڃڻ ، صفائي نه هئڻ، انهن ڳالهين تي حڪومت بلڪل به ڌيان نه ٿي ڏئي تنهن جي ڪري اهي مٽجندا ٿا وڃن.
سوال؛ تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي لاءِ اسان کي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي؟
جواب؛ سڀ کان پهرين ته اسان ماڻهن کي انهن تاريخي ماڳن جي اهميت کان واقف ڪريون.انهن کي اهو ٻڌائجي ته اسان جي تاريخ، اسان جي ثقافت انهن تاريخي ماڳن سان ڳنڍيل آهي ٻيو ته اسان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهڙا سيمينار ڪرڻ گھرجن جن ۾ اسان جي تاريخي ماڳن کي اجاگر ڪيو وڃي، اسان جي اسڪولي نصابن ۾ اهڙا سبق شامل ڪيا وڃن جن مان تاريخي ماڳن جن اهميت ظاهر ٿئي
سوال؛ توهان پنهنجو تخلص ساقي سڏرايو ٿا ان جو ڪو خاص سبب؟
جواب؛ ساقي جو مطلب آهي پيارڻ وارو يا ٻين تائين پهچائڻ وارو ان ڪري منهنجي خواهش آهي ته مون وٽ جيترو به علم آهي اهو سنڌ جي عوام تائين پهچايان انڪري مون پنهنجو پاڻ کي ساقي سڏرايو.
انٽرويو وٺندڙ ؛ اياز احمد نظاماڻي
رول نمبر ؛ 14
ايم اي پريويس
No comments:
Post a Comment