Sunday 3 April 2016

استاد ۽ اديب تيرٿ داس اميداڻي پروفائيل Teerathdas Umedani

 Compare contrast, reference of the specialty of area, to which he belongs, community,create some images, that will enrich ur profile 
Abdul Razaq Kumbhar
استاد ۽ اديب سائين تيرٿ داس اميداڻي
پروفائيل
عبدالرزاق ڪنڀر ، ايم ، اي پريوس رول نمبر، 03

سائين تيرٿ داس اميداڻي علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. هن نه صرف علم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر ان جي تمام گھڻي خدمت به ڪئي آهي. پاڻ تاريخ22 نومبر 1946ع ڌاري ڳوٺ نصير خان لغاري نزد چمبڙ ۾ ڌرتي ماتا جي  دامن ۾ جنم ورتو.  پرائمري تعليم  پنهنجي آبائي ڳوٺ گورنمنٽ اسڪول نصير خان لغاري مان حاصل ڪيائين، چوٿون ۽ پنجون ڪلاس اسلاميه مڊل اسڪول مسڻ وڏي ۾ پڙهيو، جتي عربي سبجيڪٽ وڏي شوق ۽ ذوق سان پڙهيائون. مئٽرڪ سال 1963 ع ۾ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائون، بي، اي 1968ع۽ ايم، اي 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين . پروفيشنل ڪوالفڪيشن جي حوالي سان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان  پاس ڪيائون..

سروس لاءِ ٻئي ڪنهن محڪمي کي پسند ڪرڻ بجاءِ تعليم کي ئي پسند ڪيائون، ڇو ته هي  مهان پيشو آهي جنهن سان نه رڳو انسان کي ڄاڻ ملي ٿي پر مان سمان، عزت ۽ آبرو پڻ وڌي ٿي. تاريخ 1964_ 5_12 ع تي گورنمنٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ انگلش ٽيچر طور ڀرتي ٿيا. ۽ پوءِ ٽنڊو الهيار جي مختلف اسڪولن ۾ پنهنجي علم جا جوهر ڏيکاريندا رهيا، جن ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگھار، گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ، هاءِ اسڪول تاج پور،مڊل اسڪول پيارو لنڊ، هاءِ اسڪول سنجر چانگ،  هاءِ اسڪول خير محمد جروار،پاڻ هڪ نان مسلم ٽيچر ٿي ڪري عربي سبجيڪٽ ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکندا هئا، سندن قوک مطابق پندرهن سال عربي جو سبجيڪٽ پڙهايائون. ان کان علاوه پاڻ سپر وائيزر به رهيا آهن. آخر ۾ گورنمنٽ هائير سيڪينڊري اسڪول چمبڙ مان  پرنسپل جي عهدي تان رضاڪارانه طور رٽائرمنٽ ورتائين.

سائين تيرٿ داس اميداڻي ماسٽر ٽرينر۽ ٽيوٽر طور به ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ادبي ميدان ۾ 1971ع ۾ پير پاتائين، پاڻ نه صرف ڪهاڻيڪار آهن پر تحقيق ۽ تاريخ ۾ به سٺي ڄاڻ رکن ٿا. ادبي خدمتن جي حوالي سان سندن مذهبي ڪاوشون ڪافي آهن، جن ۾، “رنگ مالا ” نالي هڪ ڪتاب لکيو هيائون جيڪو سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙي وارن جي طرفان 1972ع ۾ ڇپيو هو. سندن جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن ۾ شڀ تهوار، گيان پرڪاش، ايشور اپاسنا، آتم درشن، ديوالي پوجن۽ شري ڀڳوان جا 108 نالا، ويد اپديش، سورنهن سنسڪار، ۽آنند ساگر آهن.

ان کان علاوه هندي ٻولي مان به ڪافي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيا آهن جن ۾ شري راما پير، گرڙ پراڻ،  سانوڻ مهاتم، گرو گورک اپديش وغيره شامل آهن. ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڪوئل جي پڪار، ديوانو دوست،  جي ڪٺيون تڪبير، صندوق ۾ سمنڊ ۽ دل جي دري مان پکي جو پرواز شامل آهن. سائين تيرٿ داس اميداڻي جا وقتن فوقتن مختلف اخبارن ۾ ڪالم، مضمون، تحقيقي مقاله ۽ڪهاڻيون پڻ شايع ٿين ٿيون. پاڻ هڪ سٺا مترجم به آهن آفريڪن ناول “ ٿنگس فال اپارٽ ” سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿن، هن وقت سائين تيرٿ داس  رگ ويد جو هندي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيا آهن .ميگهواڙن جي تاريخ تي هڪ تمام بهترين ڪتاب “ ميگھ ونس اتهاس” لکي پنهنجي برادري جي مٿان عظيم احسان ڪيو اٿن،  

سائين تيرٿ داس اميداڻي کي پنهنجي ڪيل خدمتن عيوض مختلف ادارن کان ايوارڊ پڻ مليا آهن جن ۾ روحل ادبي اڪيڊمي طرفان ميگھ ونس اتهاس ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. ڊويزنل ايجوڪيشن ٽنڊو الهيار طرفان بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويو،  بيسٽ ٽيچر ايوارڊ، کاو علاوه ٽا ئون ڪاميٽي چمبڙ طرفان به کين مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو.
         سندن علمي خدمتن جو باب تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو، ڇو ته اهڙا محنتي ۽ فرض شناس استاد تمام گھٽ ملندا آهن

Profile of Teerath Das Umedani byAbdul Razaq Kumbhar, MA previous, 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi
Department of Media and Communication Studies, University of Sindh.

#Profile,  #TeerathDasUmedani,  #Abdul RazaqKumbhar,

No comments:

Post a Comment