Friday 1 April 2016

ٿر جو اُڀرندڙ ڳائڪ عباس فقير

Profile of Singer Abbas Faqeer 
Akash Hameerani 
ٿر جو اُڀرندڙ ڳائڪ عباس فقير
آڪاش هميراڻي
انسان دنيا جي گولي تي رهندڙ واحد باشعور ۽ باعقل سڏرائيندڙهستي آهي، انسان جيڪو آدجگاد کان وٺي هيستائين جيڪو ڪُجهه ڪندو پيو اچي اهو پنهنجي اندر ۾ ستل شعور کي راحت بخشڻ لاءِ ڪيو آهي، پوءِ اُهو اظهار ناول، شاعري، مصوري، رقص ذريعي ڪري يا موسيقي وسيلي ڪري اهو ماڻهو تي منحصر آهي.
موسيقي ماڻهو جي روح جي غذا آهي، جنهن سان هو اندر ۾ موجود انساني ڳڻن کي وڌيڪ صحتمند بڻائيندي آهي ۽ لاشعوري جي بُک کي پري ڀڄائيندي آهي، موسيقي ڪائنات سان گفتگو ڪرڻ جو پُڻ ناٰءُ آهي. موسيقي ذريعي فطرت کي خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو ۽ فطرت جي حسين رنگن کي پسي سگهجي ٿو. اِها موسيقي ئي هئي جنهن وسيلي ٻيجل جنگل ۾ منگل ڪندو هو ۽ سُرندي جي مڌر سُر ۽ ساز سان جانورن کي ميڙي مُٺ ڪندو هو، ۽ ساڳي سرندي جي صدا راءِ ڏياچ کي سِر گهورڻ تي پُڻ مجبور ڪيو.
  موسيقار حسين ۽ حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ هوندو آهي، هڪڙو ڪلاڪار پنهنجي فن جي ڪمال سان پٿر دل ماڻهو جي سخت مزاج کي مڌر بڻائي جهومائي سگهي ٿو. ڪلاڪار سماج جو اهم ۽ روح جي ترجماني ڪندڙ فرد آهن.
سنڌ جي حسين ۽ سون ورني سرزمين پُڻ موسيقي جي ميدان ۾ هميشه جيان اڳين صفن ۾ بيٺل آهي، سنڌ جي انهن انيڪ ڪلاڪارن موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. انهي موسيقي جي جهان جو اڀرندڙ ستارو، عباس فقير پُڻ آهي. عباس فقير جو جنم ٿر جي مشهور فنڪار حسين فقير جي گهر ۾ 13  مارچ 1994 تي ٿر جي شهر مٺي ۾ ٿيو. عباس فقير پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪنڀار ڪالوني مان حاصل ڪيائين، مڊل جي تعليم گورنمينٽ هاءَ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺي مان ڪيائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي مان انٽر پاس ڪيائين، هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺي مان بي.ايس.سي ڪري رهيو آهي.
عباس فقير جو خاندان موسيقي سان واڳيل هئڻ ڪري ڳائڻ جو شوق ننڍپُڻ کان ئي ورائي ويو، شروعاتي تعليم دوران اسڪول ۾ منعقد ٿيندڙ نصابي توڙي غير نصابي پروگرامن ۾ ڳائڻ جو پُڻ موقعو ملندو هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءَ ترت ئي شام جي وقت مراد فقير ميموريل سنگيت سکيا مرڪز جا ڪلاس وٺندو رهيو. مراد فقير سنگيت سکيا دوران کيس ٿر جي مشهور نوجوان راڳي رجب فقير جي استادي ۾  راڳ جي مختلف قسمن جي مهارت حاصل ڪيائين. ٿر ۾ مختلف سماجي، سياسي، قومپرست ۽ ادبي تنظيمون پنهنجي پروگرام جي شروعات عباس فقير جي سُر ۾ شاه جي وائي کان ڪرائينديون آهن، ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهوءَ سُر جي سحر ۾ وڪوڙجي ويندا آهن.



عباس فقير سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائيندو آهي، جن ۾ سنڌ جي سرتاج شاعر شاه لطيف، اُستاد بخاري، شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، تنوير عباسي، حليم باغي، سائينداد ساند توڙي ايوب کوسو شامل آهن.
عباس فقير سادگي پسند نوجوان ڳائڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو نوجوان ۾ وڌيڪ مقبول آهي، ڀيڄ ڀني کان پوءَ مٺي شهر جي خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ گڍي ڀٽ تي جڏهن نوجوان جا ٽولا موسم جي مزو وٺڻ لاءَ پنڌ ڪن ٿا تڏهن عباس فقير کي فون ڪري ضرور گهرائن ٿا. نوجوانن جي نگاهن جو مرڪز عباس فقير جڏهن سُر سارنگ جي وائي “دردوندي جو ديس وسي پيو، بوند برهه جي بهار لڳي” جهونگاريندو آهي تڏهن نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن، ڏڪاريل ڏيهه جي مارو ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪندي آهي.
عباس فقير، بنا سازن جي جڏهن هم ڪلاس، هم عمر ۽ هم اثر دوستن جي اصرار تي شيخ اياز جو هي غزل “جا خدا کان نه ٿي، جا نه امڪان ۾. ڪالهه کان ڳالهه آهي سا انسان ۾” ڳائيندو آهي ته نوجون انقلابي جذبي سان سرشار ٿي ويندا آهن صحرا ۾ ماٺار پئجي ويندي آهي.
ٿري لوڪ گيت پُڻ عباس جي موسيقي حصو رهيا آهن، شادين مرادين ۾ هو جڏهن به ڳائڻ ويندو آهي ته لوڪ ادب سان چاهه رکندڙ ماڻهو کيس لوڪ گيت ڳائڻ جو چوندا آهن عباس فقير جو پسنديده لوڪ گيت “پايل موري باجي” آهي، عباس اهو گيت هر وقت جهونگاريندو رهندو آهي.
ننڍي عمر ۾ ئي هن ڪلاڪار حسين فقير لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ صادق فقير ايوارڊ پُڻ حاصل ڪيا آهن. ڏات جي ڏيهه جي هن اُڀرندڙ ڳائڪ کي اياز جي هنن سٽن سان سُر جي رنگن جي پارت ٿا ڪيون ته،

اها چنگ چارڻ اُمانت اٿئي
متان سر سوا ڪرين ڪي صدائون
 #Thar, #Profile, #AbbasFaqeer,#AkashHameerani
This work was carried under supervision of Sir Sohail Sangi  in April 2016.

No comments:

Post a Comment