Wednesday 2 March 2016

سنڌ جي اقليتي هارين جا مسئلا

Feed back later 
Minority peasants problems 
سنڌ جي اقليتي هارين جا مسئلا
 Abdul Razaq Kumbhar M.A( PRE) ROLL NO. 03 تحرير: عبد الرزاق ڪنڀر.
جهڙي طرح سنڌ جي سر زمين واپار جي لحاظ کان مشهور آهي ته ساڳي طرح  ذرعي لحاظ کان به سندس مشهوري گھٽ نه آهي، هي اها سر زمين آهي جنهن جي مٽي سون اڳائيندي آهي. پاڻي هجڻ جي صورت ۾  هتي ٻه چار ايڪڙ جا زميندار به  معاشي طرح پنهنجي زندگي جو گذران بهتر نموني هلائين ٿا. هتي تقريبن هر  قسم جا ميوا، سبزيون، اناج، وغيره  معياري ٿين ٿا. جيڪي ذرعي حساب سان عالمي منڊي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ان  جو سادو مثال اهو آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ديسي انب جنهن کي اسان سنڌڙي انب به چوندا آهيون اهو پنهنجي معيار ، ذائقي ۽ مٺاس جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي. چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي ذرعي پيداوار        جو معيار  ڪنهن به ملڪ جي ذرعي پيداوار جي معيار کان گھٽ نه آهي
ڪا به زمين پاڻهي پيداوار نه اپائيندي آهي ، زمين کي زرخيز بنائڻ لاٰءِ محنت ڪندڙ ۽ جفا ڪشي ڪندڙ هٿن جي ضرورت هوندي آهي، ۽ اهي هٿ اسان جي قوم کي الله سائين بخش ڪيا آهن جيڪي جبل جهڙي مضبوط زمين کي نرم بنائي ان  کي پيداوار جي لائق بنائن ٿا. جيڪي  ڏينهن رات هڪ ڪري، محنت ڪري ڏونگر جهڙين مضبوط زمينن کي زرخيز بنائن ٿا. هي اهي هاري آهن جن جي ڪوششن ۽ محنت سان ،اناج، ميوا، سبزيون،  کاڌي پيتي  جون ٻيون اشياء  ان کان سواءِ آمدني ڏيندڙ فصل جهڙوڪ ڪپھ، توريو، ڪمند، ڪيلو، وغيره پيدا ٿين ٿا انهن هارين جي بدولت اسان پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيون. سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر  واري پٽي ۾ زمين ۾ هارپو ڪندڙ تقريبن  اقليتي قوم ئي آهي جن ۾ ڪولهي برادريءَ اڪثريت رکي ٿي،۽ اسان جي سنڌ جو وڏيرو يا رئيس ڳولهي ڪولهي ماڻهن کي پنهنجي زمين هارپي تي ڏيندو ان جا ٻه سبب آهن هڪ ته اَقليتي ويچارا پنهنجي پيشي ڌنڌي سان سچا آهن، ٻيو وري انهن جي پٺ نه آهي جيڪڏهن زميندار انهن تي زبردستي ڪري انهن  کان انهن جو حق کسيندو ته انهن جي پٺڀرائي  ڪير به نه ڪندو،اڪثر بيشتر اسان ڏٺو آهي ته مسلمان هارين جي ڀيٽ ۾  اقليتي ڪولهي وڌيڪ محنت ڪندا آهن، ڪولهي ويچارا پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي بکون ڪاٽي ،سردي گرمي هڪ ڪري پنهنجي ٻچڙن وانگر زمين جي ديک ڀال ڪندا آهن .
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  زميندار انهن کي  انهن جو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، پنهنجو حق گھرڻ جي صورت ۾ انهن کي اذيتون، تڪليفون ڏنيون ٿيون وڃن، ايستائين جو انهن بي سهارا هارين جي مٿان پنهنجا ابتا سبتا هٿ ٺوڪيا بل چاڙهي ڪوڙيون کڻتون ڄاڻائي انهن کي پنهنجي نجي جيلن جو قيدي بنائي، انهن کان جبري پورهيو ڪرايو ٿو وڃي . ڪي بد بخت زميندار اهڙا به آهن جيڪي انهن غريبن جي عزتن سان به کيڏندا آهن . ڏکن جي قيد جا هي قيدي اهي داهون ڏين به ته ڪنهن کي ڏين، ڪير به انهن جي داد فرياد ڪرڻ وارو نه هوندو آهي ، سڀ کان وڏو مرض اسان وٽ اهو آهي ته اسان جو معاشرو هن محنت ڪش انسانن کي حقارت جي نظر سان ٿو ڏسي، هڪ طرف زميندار جو ظلم ته ٻي پاسي حڪومتِ وقت جي بي ڌياني انهن جا درد و غم ٻيڻآ ڪريو ڇڏي، زمينن کي زرخيز بنائي قوم ۽ ملڪ کي معاشي طرح مستحڪم بنائيندڙ ويچارن اقليتي هارين کي حڪومت جي طرفان  ڪا سهولت ته پري جي ڳالھ پر بنيادي حقوق حاصل به نه آهن، نه پيئڻ جو پاڻي، نه بجلي، نه رستا، نه ئي مستقل رهائش اٿن ، ڪيڏي مهل ڪنهن زميندار جي زمين تي ته ڪنهن مهل ڪنهن زميندار وٽ،  جيڪو زميندار ڪاوڙجي ته لڏائڻ ۾ منٽ ڪريو وٺي. ويچارا اقليتي هاري ائين ئي پنهنجي زندگي دربدري سان گذاري رهيا آهن نه وس وارن جي توجه آهي نه وري حڪومت جي، جڏهن ته اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرن جي  اڪثريت زمينداري طبقي سان وابسته آهي .پر انهن کي اقليتي هارين جي درد ڪٿا ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي هاري پاڻ ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪري پنهنجي مجيري کي ڪا به پريشاني ٿيڻ نه ڏيندو آهي ، مجيري پاڻ  وڏين وڏين  آرام ده گاڏين  ۽ بنگلن ۾ پنهنجي زندگي عيش و عشرت سان گذاري رهيا آهن، ۽ هاري ويچارا انتهائي تڪليف سان پنهنجو گذران ڪري رهيا آهن.  حقيقت هي آهي ته انهن اميرن  کي اهي بنگلا ۽ گاڏيون ڏيارڻ وارا هي غريب ، مسڪين هاري ئي آهن،پر مجيري مان الائي ڇو احساس جو مادو ختم ٿي ويو آهي.جو هو پنهنجي ئي هاري جي تڪليف کي نٿو سمجھي سگھي.
سچ چئجي ته ان سموري صورتحال جي ذميوار حڪومت ئي آهي جيڪا هارين لاءِ بهتر اقدامات نٿي کڻي. ان ڳاله تي هڪ شعر ياد ٿو اچي.
.      جس عهد مين لــٽ جائي فقيرون ڪي ڪمائي،   اس عهد ڪي سلطان سي ڪچه بهول هوئي هي
هن وقت حڪومت طرفان ڪسان پئڪج جو هُل هليو آهي ڏسجي ته ان پئڪج مان ڪهڙن غريب مسڪين هارين کي انهن جو حق ٿو ملي

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment