Friday 4 March 2016

Sadam Lashari article on education

Revised 
نالو؛ صدام حسين لاشاري  
ڪلاس؛ ايم .اي پريويس
رول نمبر: 52

آرٽــــــيڪـــــل
علم جي روشني

علم اها روشني آهي جنهن کي ليکڪن ۽  مورخين ٽئين اک سڏيو آهي ۽ هي اها اک آهي جنهن جي ڪڏهن به بينائي ختم نه ٿي ٿئي وري اهو چوڻ ۽ سمجهائڻ به ضروري آهي ته ٻن اکين جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ هن ٽئين  اک کي علم جي اک ئي ڇو سڏيو ويو آهي ان ڳالهه جي خبر تڏهن پئي جڏهن پڙهيل لکيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ڏٺا.
ٽئين اک کي  (علم جي روشني) سڏيو وڃي ٿو ۽ علم واري اک سڏيو وڃي ٿو. اگر ڪنهن اڻ پڙهيل جي سامهون ڪجهه ڪتاب يا علم جون ڪجهه ڳالهيون سامهون رکجن ۽ ان کان پڇا ڪئي وڃي ته هي ڇا آهي پر هو ڏسي به نه ڏسي سگهندو هن وٽ اکيون ته آهن پر اها ٽئين اک ڪانه آهي جيڪا  ان وقت کلندي  آهي. جڏهن اهي ٻئي اکيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.  ۽ اهي ٻئي اکيون هميشه لاءِ بند ٿي وڃن ٿيون  پر ان ٽئين اک جي روشني هميشه معاشري ۾  روشني ڏيندي  رهندي آهي.
علم اها روشني آهي جيڪڏهن ڪو حاصل ڪري ته انسانيت جي اعليٰ مقام تي پهچي اگر ان کان محروم ٿئي ٿو ته جهالت  جي هٺين طبقي تي اچي پهچي ٿو ۽ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته علم واري  ۽ جاهل جي ڀيٽ ڪرڻ ناممڪن آهي. علم جي روشني ۽ ان جي حيثيت متعلق اوهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته  خدا نخواسته  اگر اسان جي ملڪ تي غير ملڪي طاقتون حملو  ٿيون ڪن ۽ اسان جي هر شيءَ فنا ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جي ڪجهه علائقن ۾ پڙهيل لکيل ٻار ۽ استاد زندهه بچي وڃن ته پوءِ اهو ضرور چيو ويندو ته اڃا اسان فنا ناهيون ٿيا ڇو ته هي علم جا  رکوالا علم جي روشني کي ڦهيلائي ۽  چارو طرف علم جي روشني کي نافذ ڪري ڇڏيندا ۽ علم جي روشني جا ڪرڻا سڀني جي دلين کي منور ڪري ڇڏيندا.
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ان جي تعليمي ادارن کي اگر تباهه ڪجي ته اهو ملڪ  پاڻ مرادو تباهه ٿي ويندو پر!!!!! معاضرت سان مون کي چوڻ پوندو ته تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. اگر ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي پڙهيل لکيل فردن ۽ استادن کي جيستائين قتل نه ڪيو ويندو تيستائين اهو ملڪ تباهه نه ٿيندو، ان جي وجهه اها آهي ته اگر تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويندا ته ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه هوندو ڇو ته اتان جا باشندا  پنهنجي ٻارن ۽ ٻين کي ڪهڙي به جڳهه تي تعليم ڏئي سگهن ٿا.
هي اها روشني آهي جنهن کي  ڪير وسائي به وسائي  نه ٿو سگهي ختم ڪري به ختم نه ٿو ڪري  سگهي هڪوڏو مثال اوهان جي سماهو آهي ملال يوسفزئي جنهن کي  تعليم جي جي دشمنن تعليم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن  هن بُردبار ڇوڪريءَ اهو پوري دنيا کي مڃرائي ڏيکاريو ته علم جي روشني کي ڪير به قيد نه ٿو ڪري سگهي ۽ هي اهي ڪرڻا آهن جيڪي انسان جي اندر کي اجاري سگهن ٿا. تاريخ گواهه آهي دنيا تي  حڪومت ڏاڍ ۽ زبردستي سان ناهي ڪئي وئي، بلڪه حڪومت صرف ۽ صرف قلم جي بنياد تي ڪئي وئي آهي. علم جي روشني جا ڪرڻا انسان  کي جيئڻ جو فسلفو سيکاريندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي  ته 2016 ع سنڌ ۾ تعليم لاءِ جيڪا بجٽ مقرر ڪئي وئي  اها 114 ارب تي مشتمل هئي  پر ان جي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا ۽ انهن پئسن کي تعليم تي استعمال نه ڪيو ويو.
اڃا  به هن دنيا ۾ اهي خود غرض انسان رهن پيا جن کي دنيا جي هر آسائش هجڻ جي باوجود  اهي علم حاصل ڪرڻ وارن غريب شاگردن جي مدد نه پيا ڪن ۽ اهي ئي شاگرد دولت  جي نه هجڻ سان  پنهنجي تعليم  پوري ڪرڻ واري خواب کان محروم  ٿيو وڃن ٿا، ۽ علم جي ورشني کان هميشه لاءِ دور ٿيو وڃن،  اها ڪمي انهن شاگردن جي نه پر ان شهر ۽ حڪومت جي آهي جيڪا ميٽرو بس جهڙن فضول شين تي  خرچ ڪري سگهي ٿي، پرتعليم  تي خرچ ڪرڻ کان  ڪيٻائي پئي. مان انهن شاگردن کي جس پيش ڪيا ٿو جيڪي غريب  هجڻ جي باوجود علم جي روشني کي حاصل  ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به کپي ته غريب شاگردن کي غريبي واري ڪوٽا  تي مفت ۾  تعليم  حاصل ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪري.

U should send it according to the instructions. File name, subject name should be proper, 
This is no way article, rather it is essay.
Not according to approved outline. Referred back

آرٽيڪل
علم جي روشني
                                                                                                                                                                           صدام لاشاري

No comments:

Post a Comment