Wednesday 2 March 2016

سنڌ جي زراعت

I fail to understand, what is this? who has sent it and why?


سنڌ جي سرزمين دنيا جي بهترين زرعي زمينن مان هڪ آهي. زراعت سنڌ جي لاءِ ريڙهه واري هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿي.
زراعت يعني پوکي ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه شيون اهم حيثيت جون حامل آهن. جيئن زمين جو تندرست ۽ طاقتور هجڻ، ٻج جو تندرست هجڻ، پاڻيءَ جو صحيح وقت تي صحيح مقدار، نِج يا اصلي ڀاڻن جو استعمال، نقلي يا ٻه نمبر ڀاڻن يا پيسٽي سائيڊ کان بچڻ، ڀاڻن جو صحيح مقدار.
زمين جو فصل تي وڏو اثر پوندو آهي، ان لاءِ زمين کي صحيح وقت تي کيڙڻ ۽ ان جو معائنو ڪرائڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾، سنڌ جي زمين جي تحقيق ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي اهم ادارن جيئن.
1.     زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام
2.     زرعي يونيورسٽي فيصل آباد
3.     نياب نيصل آباد
4.     نبجي فيصل آباد
5.     پاڪستان زرعي تحقيقاتي ادارو
6.     نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر اسلام آباد.
7.     زرعي تحقيقاتي ادارو سنڌ.
۽ ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارا، چانورن جو تحقيقاتي ادارو ڏوڪري، ڪڻڪ جو تحقيقاتي ادارو سڪرنڊ، ميون ۽ ڀاڄين جو تحقيقاتي ادارو ميرپورخاص، ۽ زرعي ڪيميائي (زميني) شعبو (زرعي تحقيقاتي ادارو ٽنڊوڄام) گڏجي وڏي پئماني تي تحقيق شروع ڪئي.
تحقيق جي ابتدائي نتيجن مطابق سنڌ جي زمين ۾ هر جاءِ تي زنڪ (جست) ۽ بوران ۾ کٽي ويون آهن، ۽ خاص ڪري باغن ۽ ڀاڄين وارن علائقن ۾ ڪاپر (ٽامون) ۽ لوهه (فولاد) جي انتهائي ڪمي پڻ موجود آهي، ۽ مئگنيز جي به ڪٿي ڪٿي کوٽ ڏٺي وئي آهي.
جنهن جي پورائي ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ ڪيئي ڀاڻ موجود آهن، محققن جي تحقيق مطابق انهن ڀاڻن جو استعمال ڪجي ته جيئن زمين ۽ فصل ٻنهي جي نقصان کان بچي سگهجي.
انهن ڀاڻن ۾ يوريا، امونيم نائٽريٽ، امونيم سلفيٽ، ڊي اي پي، ايس ايس پي، ٽي ايس پي، ايس او پي اهم آهن.
جن جي استعمال سان نائٽروجن، فاسفورس ۽ پوٽاش جي کوٽ کي پورو ڪيو پيو وڃي. پر بدقسمتيءِ سان اسان جي مارڪيٽن ۾ ملاوٽ ۽ ٻه نمبريءَ جا ماهر ماڻهو جيڪي انهن زرعي ڀاڻن جو نقل ۽ ٻه نمبر ڀاڻ يا ته ڪجهه ٻيا ڀاڻ جن کي ٻين نالن سان پيڪ ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا ۽ مختلف انعامي اسڪيمن جي لالچ پڻ ڏين ٿا.
زرعي ليباريٽري سنڌ (سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام) مطابق ٽنڊوڄام ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو آدم مان آيل چڪاس جي لاءِ جزن ۾ نقل ۽ ٻه نمبري وڌيڪ آهي، انهن جو چوڻ هيو ته انهن ۾ خاص طور رتي ڊي اي پي وڌيڪ ٻه نمبر مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ان کان علاوه ايس او پي جي جاءِ تي ايم او پي کي انتهائي مهارت سان پيڪ ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ويندو آهي، جنهن جي استعمال سان نه صرف فصل بلڪه زمين کي به انتهائي نقصان ٿيندو آهي.
ايس او پي ڀاڻ سان زمين ۾ پوٽاش جي ڪميءَ کي پورو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ايم او پي ڀاڻ ۾ ڪلورائيڊ هوندي آهي، جيڪا سنڌ جي زمين ۾ قدرتي طور تي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي، ان جي استعمال سان زمين ۾ سم يا ڪلر وڌڻ جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. ۽ فصل کي گهرج کان وڌيڪ ڪلورائيڊ ميسر هجڻ جي ڪري ان جي تباهي ٿي ويندي آهي، ۽ پوءِ اها زمين ٻي فصل پوکڻ جي لائق به نه رهندي آهي.
ان سلسلي ۾ آبادگارن کي گهرجي ته زراعت جي ماهرن، سائنسدانن جي تجويز ڪيل ڀاڻن جو صحيح مقدار استعمال ڪن ته جيئن نقصان کان بچي سگهن.
ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام سان رابطي ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪن ۽ انهن کان مسلسل تجويزون ۽ هدايتون وٺندا رهن.

No comments:

Post a Comment