Sunday 6 March 2016

ستن ڀائرن جي ڪهاڻي

change it, make reporting based.  This is story. We need others opinion also. Make it media writing, not like fiction story. Observe para
Its like u are telling story to children 
ستن ڀائرن جي ڪهاڻي
سچي ڪهاڻي 
طارق علي چانڊيو 
هي ستن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي هنن جو پيءُ هڪ هاري هيو جيڪو نه صرف سچو هو بلڪ ان جي سچائي جا مثال وڏا وڏا ماڻهو ڏيندا هئا ۽ ڏيندا آهن ان هميشه پنهنجي پٽن کي هڪ ڳالهه سيکاري گھڻي هئي باقي ٻيو ڪجھ ته گھڻو سيکاريو هو ست ڀائرن اهو ڪجھ سکيو جيڪو پيءُ کين سيکاريو، سچائي ته هميشه هلڻ سيکاريو هو ۽ چيو هيو ته ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ ڪنهن کي به تڪليف نه ڏجو هنن جو پيءُ اصل رهاڪو رتوديرو شهر ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ جنهن ڳوٺ جو نالو طيب آهي ان وقت ۾ اتي هندو رهندا هئا اتي ڏڪار اچڻ جي ڪري ان ستني ڀائرن جي پيءُ جا ڀائر سڀ هن کي ڇڏي ويا هئا پر هن همت نه هاري هئي سڀني ڀائرن جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ هو ڌامرهه شهر لڳ هڪ ننڍو ڳوٺ جنهن جو نالو علي شير کوکر آهي اتي آيو ۽ اتي به وري ڏڪار آيو ۽ ان کي سڀ مٽ مائٽ جيڪي ان ڳوٺ ۾ هئا اهي سڀ لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي گھر واري کي چيو الله پاڪ جون آزمائشون هر انسان تي اينديون آهن اهي مون تي بار بار اچن ٿيون ۽ هاڻي مان هتان ڪاڏي به نه ويندس ۽ هڪ ڏينهن هتي هر شي جي سهولت ٿي ويندي مونکي الله پاڪ تي يقين آهي ۽ اهو منهنجي مدد ضرور ڪندو ائين چئجي تي ڏکن پٺيان سک ضرور ايندا آهن ۽ائين ئي ٿيو وقت گذرندو هليو هن کي اولاد ٿي پهريون پٽ هاري هيو جيڪو هن جي زمين جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هيو ۽ ٻئي پٽ کي نوڪري ملي وئي جيڪو سرڪاري ٽريڪٽر جو ڊرائيور هيو، ٽئين پٽ کي به سرڪاري نوڪري ملي جيڪو سنڌي پرائمري استاد هيو، چوٿون پٽ به هاري هيو ۽ پنجون پٽ وري ڊاڪٽر ٿيو، ڇهون پٽ چوريون ڪندو هو ۽ ستون پٽ پڙهڻ سان گڏ ڪلينڊري ۽ ڊرائيوري ڪندو هيو جيئين  وقت گذرندو ويو هن جا پٽ محنت ڪندا رهيا ۽ هن جا غريبي حال ختم ٿي ويا پر افسوس جي ڳالهه اها هئي جو هنن جو پيءُ بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪو هو ۽ عمر به گھڻي ٿي چڪي هئي ان ڪري هن جا آخري ڏينهن اچي پڳا هئا پر آخر انهن ڏينهن ۾ به هن پنهنجي پٽن کي ڪڏهن ان ڳالهه کان پوئتي نه هٽايو صرف سچ جي ۽ سچ سان رهڻ ۽ محنت ڪري ڪمائڻ سيکاريو هي سڀني پٽن سان گھڻو پيار ڪندو هو پر هڪ پٽ سان توڙي ظاهري نفرت ڪندو هو ڇو جو اهو پٽ هن جي هر ڪم کان ابتڙ ڪندو هو جيئن هن سڀني پٽن کي حق ۽ سچ جو پاٽ پڙهائيو هيو ۽ محنت ڪري ڪمائي کائڻ جو سبق سيکاريو هيو ائين ئي هن جو هڪڙو پٽ جيڪو چوري ڪندو هو ان کان بظاهري نفرت ڪندو هو ڇو جو پيءُ جو پيار ڪنهن به پٽ سان گھٽ ۽ وڌ نه هوندو آهي پر ان جو پيار سڀني پٽن سان گهٽ ۽ وڌ انهن جي عملن تي هوندو آهي جيئن هڪ ڏينهن جي ڳالهه هن جي چور پٽ چوري ڪئي ۽ پڪڙيو ويو جنهن تي هن جي سچائيءَ جا مثال چڱا مٺا ماڻهو ڏيندا هئا ائين ئي هن جي چور پٽ جي چوري جي لاءِ هڪ چڱي هن کي گھرايو ۽ هن کي چيو ته اسان تنهنجي سچائي کان واقف آهيون ۽ تنهنجي ايمانداريءَ کان به ۽ تنهنجي سڀني پٽن کان به پر تنهنجو هڪڙو پٽ ائين ڇو آهي ؟ هن  هيٺ ڪنڌ ڪري نماڻي اکين سان چيو ته چڱن پٺيان چٽا ائين ئي هوندا آهن ۽ ان چڱي ماڻهو سان هن واعدو ڪيو ته اڄ کانپوءِ توهان کي شڪايت جو موقعو نه ملندو يا ته وري ان جا برا ڪم رهندا يا وري منهنجي زندگي ائين چئي گھر آيو ۽ ان پٽ کي سڏ ڪيو ۽ سڀني پٽن کان الڳ وٺي ڪنهن اڪيلي جڳهه تي سمجهايو ۽ چيائين ته پٽ هميشه مان توهان کي ڇا سيکاريو آهي ؟ ۽ ڪنهن ڳالهه جو سبق ڏنو آهي ۽ تون ڇا پيو ڪرين ان اها سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي جيڪا هڪ چڱي ۽ هن جي پيءُ جي وچ ۾ ٿي هئي ان چور پٽ روئي ڏنو ۽ واعدو ڪيو ته بابا اڄ کان وٺي توهان کي شڪايت جو موقعو نه ڏيندس ۽ ائين ٿيو هنن جي پيءُ جي عمر پوري ٿي چڪي هئي پر هاڻي ان سوچيو جيڪو هن پنهنجي محنت سان گڏ ڪيو هو اهو پنهنجي پٽن ۾ تقسيم ڪيو ۽ هڪ اهڙو ڏينهن آيو جنهن ڏينهن هنن جو پيءُ هنن کان هميشه هميشه لاءِ هن فاني دنيا مان هليو ويو ۽ مالڪ حقيقي ڏانهن پهتو ان جي وفات کان ٿوري عرصي گذرڻ کانپوءِ هنن جي ماءُ به هنن کان موڪلائي وئي جنهن بعد ان کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ٿورو عرصو گذرڻ کانپوءِ هنن سڀني ڀائرن جي شادي ٿيندي وئي ۽ اولاد ٿيندي وئي ته هنن ۾ نفرت به ايندي وئي جيئن پهريان سڀ ڀائر ڏاند گاڏي جي گوءِ ۽ ڪوڏي ڪوڏي ۽ مختلف راندين ۾ گڏ ويندا ۽ انهن ۾ لطف اندوز ٿيندا هئا اها ڪا ڳالهه نه رهئي هئي. پهريون پٽ هاري جيڪو هيو اهو پنهنجي پيءُ جي ڪمن ۾ هارپي ۾ لڳي ويو ۽ ٻيو جيڪو سرڪاري ٽريڪٽر ڊرائيور هيو اهي پنهنجي ڪمن ۽ ٽيون پٽ جيڪو سنڌي ماستر هيو اهو ٿورو مخلتف ٿي ويو ائين چئجي ته ان پنهنجو رستو مٽائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن هي سنڌي ماستر بيمار ٿي ويو ۽ هڪ پير درگاهه تي ويو ته اتان جي هڪ فقير هن کي چيو ته تون ۾ ڪجھ شيون ڏسي رهيو آهيان انکانپوءِ هن کي سڄو ڪجھ ٻڌايو ۽ سمجهايو ان ماستر پٽ جو يقين ٿي پيو ته ها ائين ئي آهي جيڪو هي ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان کانپوءِ هن جي زندگيءَ جو رک مٽجي ويو ۽ هن اچي قبرستان ۾ 12 مهينا چلو ڪيو ۽ ان کانپوءِ پير جي فقير هن کي ڪجھ شيون ٻيون به ڏنيون جنهن سان هن ۾ گھڻو علم اچي ويو ان کانپوءِ هن تعويز معنيٰ عمليات شروع ڪئي جنهن ۾ هن وٽ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي ايندا هئا ۽ مسئلا ماڻهن جي موجب حل به ٿيندا هئا ۽ چوٿون پٽ به هاري هيو ان به پنهنجي پيءُ وانگر صرف هارپي کي ترجيح ڏني ۽ هن پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پنجون پٽ ڊاڪٽر جيڪو هن سڀني کان امير بڻجي چڪو هو ۽ مصروف ٿي چڪو هو پنهنجي ڪمن ۾، ڇهون پٽ جيڪو چور هو اهو ايترو ته مٽجي چڪو هو جو چوري ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي پر هو ان ڪم کي سوچڻ به گناهه سمجهندو هو ۽ اهو نمازي ۽ پنهنجي پيءُ وانگر سچو ۽ سچائي تي هلندو رهيو ستون پٽ جيڪو ڪلينڊر ۽ ڊرائيور گاڏي جو هو ان کي به اڳتي هلي سرڪاري نوڪري ملي وئي پر نوڪري ملڻ کان اڳ ۾ جڏهن هو پڙهندو هو تڏهن هن جا وڏا ڀائر الڳ ٿي چڪا هئا ائين چئجي ته وڏا چار ڀائر الڳ ۽ ٽي ننڍا الڳ وڏن ڀائرن جيڪي چار هئا  انهن جي خرچ هلائڻ ۽ چلائڻ وڏي جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ ٽن ننڍن مان جيڪو وڏو هو ان جي هٿ هو جيڪو ڊاڪٽر هو جڏهن ستون ڀاءُ جيڪو ننڍي ۾ ننڍو هو ان جو خيال سڀ ڪندا هئا ڇو جو ننڍو هو ڪڏهن ڪڏهن هن کي پنهنجو ڊاڪٽر ڀاءُ خرچ نه ڏيندو هو ته وڏو ڀاءُ ڏيندو هو پر افسوس جو وڏو ڀاءُ بيماري تحت هنن کان موڪلاڻي ڪئي ۽ ان جي هوندي ئي ننڍي ۾ ننڍي ڀاءُ کي نوڪري ملي وئي هئي  HST  استاد بڻجي چڪو هو پهرين وڏي ڀاءُ جي وڃڻ کانپوءِ ئي ٻيو ڀاءُ به هن دنيا مان جلدي موڪلاڻي ڪئي  ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ هنن جو ٽيون ڀاءُ جيڪو عمليات ڪندو هو بيمار ٿي پيو ۽ اهو اڳتي هلي هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويو هن کي ٻه پٽ هئا هڪ پرائمري استاد ٻيو پوليس ۾ سپاهي هيو هن کي هڪ پٽ هو جيڪو اڳتي هلي پرائمري استاد ٿيو هنن کي وڏي ڀاءُ کي ٽي پٽ هئا جيڪو هڪ استاد ٿيو پرائمري اسڪول جو ۽ ٻيو پٽ هاري ۽ ٽيون پٽ مولوي ٿيو ٽنهي ڀائرن جي وڃڻ کانپوءِ ننڍا به ڪمزور ٿي پيا ۽ هاڻي هنن ننڍن سڀني ڀائرن کي اولاد به ٿي چڪي هئي ۽ اهي پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي چڪا هئا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهڙو موڙ به آيو جو هي ڀائر وڃي رهيا پر هنن ۾ اها محبت ۽ پيار نه رهيو جيڪو وڏن ڀائرن وقت هو ڇو جو سڀني ڀائرن جي اولاد وڏي ٿي چڪي هئي ۽ انهن جي سوچون به مختلف ٿي چڪيون هيون وقت سان گڏ ائين ئي ٿيو جو هڪ گھر مان وڏو پاڙو بڻجي چڪو هو هاڻي جيڪو ڊاڪٽر هو اهو به رٽائر ٿي چڪو هو جنهن کي ٻه پٽ هئا پهريون پٽ فون آپريٽر هو ۽ ٻيو پٽ بيروزگار هو هنن جو ڇهون ڀاءُ جيڪو پهريان چور هو ۽ هاڻي نيڪ انسان بڻجي چڪو هو ان جا پٽ ست آهن ڇو جو هن ٻه شاديون ڪيو هيون پهرين گھر واري مان هڪ پٽ هو ان جي ڄمڻ کانپوءِ هن جي اها گهر واري هن دنيا مان بيماري تحت موڪلاڻي ڪئي ۽ هن ٻئي شادي ڪئي ان مان باقي ڇهه پٽ ٿيا جيڪي مختلف ڪاروبار ۽ نوڪرين ۾ مصروف آهن هنن جو آخري ڀاءُ جيڪو سڀني جو لاڏلو هو پر هاڻي اهو ئي ناپسند لڳڻ لڳو ڇو جو هي پنهنجي محنت سان ڪنهن مقام تي تڏهن پهتو جڏهن هن جا ڀائر ڪمزور ٿي چڪا هئا ان ڪري هن کي جيڪا جڳهه پنهنجي پيءُ ڏني هئي ان مان به هن کي ڀائرن ڪڍي ڇڏيو ۽ هي پريشان هو ته هاڻي مان ڇا ڪيان ائين ئي هن کي پنهنجي پيءُ جو وقت ياد آيو ۽ اهو ياد ڪري هن همت ڪئي ۽ هڪ کڏ پاڻي سان تار هئي جنهن کي هن لٽرائي پنهنجو گھر اڏايو پر هن جا پٽ به وڏا ٿيندا پيا وڃن ۽ هن تي بار وڌنڌا وڃن پيا ڇو جو پگھار ڪل 600 روپيه هئي پر هن پنهنجي پٽن کي پڙهايو ۽ ان ڀائرن جو ساڙ وڌي ويو جو هي ڪڪڙن جو وڏو شوقين ته هو پر هي ٻڪرن جو ننڍپڻ کان وٺي شوقين هو هن جو اسڪول 4 ڪلو ميٽر پري هيو پر هي هميشه روزانو ٽائيم تي پيادل ويندو هو وقت گذرندو رهيو ۽ هن جي ترقي ٿيندي رهي ۽ ترقي سان گڏ هن جي ڀائرن جو ساڙ به ويتر وڌنڌو رهيو پر هن سوچيو ته هاڻي هتان ڳوٺ مان ڪنهن شهر ڏانهن رخ ڪجي ۽ ائين ئي هن جو فيصلو پڪو ٿي ويو پر هن جي به ائين ئي سچائي ۽ ايمانداري مشهور هئي جيئن هن جي پيءُ جي هئي تنهن ڪري ڳوٺ جا وڏيرا نه صرف بلڪه هر هڪ ماڻهو وڏي عزت جي نظر سان ڏسندا هئا جنهن رات هي سامان گھر جو ٻڌي رهيو هو سڀاڻي وڃڻ لاءِ ان رات ان ڳوٺ جا ماڻهو ۽ چڱا هن وٽ آيا ۽ چيائون نه وڃ پر هن ارادو پڪو ڪيو هو ۽ انهن کي ڪا ٻئي ڳالهه ٻڌائي هليو آيو گھر ۽ اها ڳالهه پنهنجي گھر واري سان ڪيائين ته ڏس سڀ ٻاهريان ماڻهو پريشان آهن منهجي وڃڻ سان پر هن وقت تائين منهنجي ڀائرن مان ڪو به نه آيو آهي ته نه وڃ ۽ مان نه وڃان ۽ ڏس ته هي وڻ جيڪي کجين جا پوکيا مون اهي به ڄڻ مونکي چون ٿا نه وڃ ۽ هي جڳهه به مونکي چئي رهي آهي ته نه وڃ پر افسوس اڃان تائين منهنجو ڪو ڀاءُ نه آيو آهي اهي لفظ ٻڌي هن جي گھر واري روئي ويٺي ۽ هنن ٻنهي کي ڏسي هنن جي اولاد به روئي ويٺي ۽ صبح جو نيٺ هن جا ڀائر آيا هن ڏي جڏهن هن سموريون تياريون ڪري ڇڏيون هيون وڃڻ جون ۽ هو اچي شهر ۾ آيو ان کانپوءِ هو به ريٽائر ٿيو هاڻي انهن جي ڀائرن ۾ ۽ هن ۾ پهريون واري محبت ٿي چڪي آهي ڇو جو چڱن سٺو چيو آهي ته پري جي سڪ گھڻي هوندي آهي . 
رائيٽر: طارق علي چانڊيو 
       

No comments:

Post a Comment