Monday 7 March 2016

گوڙي جو مندر Jain Temple

This is feature, which is always reporting based. This is all secondary data. What about primary data Experts opinion today? whats it exactly condition? Current relevant.. Just fulfilled formality.. 
 photo are needed
 Name of author should also be written in the matter. File name is not proper.
Also should write this is feature, article or any thing else. 
 Do not give quotes to headline
گوڙي جو مندر، ڏوٿين ڏٺو جئين

سنڌ جي سدا ملوڪ ڌرتي جي عظيم تهذيب جا اهڃاڻ سنڌ جي چپي چپي تي نظر ايندا، جنهن ۾ موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ساڌ ٻيلو، روپا ماڙي، مڪلي جو قبرستان، اروڙ، عمرڪوٽ جو قلعو، نئون ڪوٽ جو قلعو، آمري جو دڙو، ڪاهو جو دڙو، موکي متارا، ڀوڏيسر،  ساڙڌڙو توڙي گوڙي جو مندر شامل آهن.
تن ۾ گوڙي جو مندر پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت رکي ٿو، ڳوٺ گوڙي جي اوڀر پاسي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر روڊ تي موجود هن مندر متعلق گهڻو ئي لکيو ويو آهي، اڇو ته اُن جو جائزو وٺون.
سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته
“ننگرپارڪر کان 28 ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويراواه کان 14 ميلن جي مفاصلي تي گوڙي نالي هڪ ڳوٺ آهي، هي ڳوٺ مارئي جي ڳوٺ ڀالوا کان 3 ميل اُتر طرف آهي، اُن جي ڀرسان ڏهر ۾ گوڙي جو مندر آهي، جيڪو 1376ع ۾“ اوسواڙ” ذات شاهوڪار “منگهي” ٺهرايو، هن کي گوڙي جا ڏهرا به چيو ويندو آهي.
اگ ۾ اچي چڪو آهي ته مهاوير (جين ڌرم جو باني) ٽيويهون ڌرم_ نيتا پرسوناٿ جو طريقو اختيار ڪيو، پرسوناٿ کي عام طور تي پارسناٿ به چيو ويندو آهي، پارسناٿ گرو گورکناٿ جو چيلو هو، کيس گوڙيچو به چيو ويندو هو،.جئين ته هن ڳوٺ ۾ پارسناٿ جا پوڄاري جين مت جا ماڻهو رهندا هئا انهي ڪري هن ڳوٺ تي پارسناٿ جي گرو گوڙيچو جونالي پٺيان گوڙي جو نالو پيو ۽ مندر کي گوڙي جا ڏهرا سڏيو ويو.
هن مندر کي وقت به وقت نقصان رسندو رهيو آهي، اُن هوندي به جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچڻ ٿا، ته هي نهايت ئي خوبصورت مندر هو، جنهن تي ڏاڍي ڪاريگري سان چٽسالي ٿيل آهي مندر جي اڏاوت، جوڙجڪ، چٽسالي ۽ چٽيل تصويرون، تعمير ۽ چٽسالي جو اعلئ نمونو پيش ڪن ٿيون.
مندر جو ذڪر ڪئپٽن ريڪس به ڪيو آهي، ۽ اُن جو خاڪو به ڏنو اٿس اهو هن مقالي جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي، هن پنهنجي بيان ۾ ان کي جين مندر ڪري لکيو آهي. خاڪي جي هيٺيان وري گوڙي وٽ بُڌ مندر ڪري لکيو اٿس اهو ٿو معلوم ٿو ٿئي ته اها اکري ڀُل آهي، انهي ڪري هتي جيڪو خاڪو اتاري ڏنو پيو وڃي، ان جي هيٺان جين مندر گوڙي لکيو ويو آهي.
1715 ۾ هن جي مرمت ٿي هئي، پر ويو ٺهندو ۽ ويران ٿيندو، “تروٽ ” صاحب جڏهن هن علائقي جو پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ (1842ع کان 1871ع تائين) هو، تڏهن 1859ع ۾ ننگرپارڪر ۾ سوڍن بغاوت ڪئي، انهي زماني ۾ تروٽ مندر جي هڪ حصي کي بارود سان ڊاهي ڇڏيو،  انهي ڪري جو کيس شڪ هو سوڍا مندر ۾ لڪي فساد برپا ڪرڻ لاءِ رٿون رٿي رهيا آهن.
مندر جي ٻاهران، پر احاطي اندر هڪ ڀونئرو آهي، جنهن ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون آهن، البت هينئر ان ۾ اندر وڃڻ ڀوائتو آهي، ڪئپٽن جي_ جي ولسن ان جي کوٽائي جو ڪوشش ڪئي پر ڪم مڪمل ن ٿي سگهيو..
مندر ۾ ڪتب آيل پٿر، سنگ مرمر ته نه آهي، پر لڳ ڀڳ اُن جهڙو ئي آهي. ڀاسجي ٿو، ته هي پٿر جوڌپور مان آندو ويو هو، مندر جي عمارت جي اگيان دالان آهي، جنهن جي ڇت گولائي تي آهي ۽ پٿر جا ٿنڀا اٿس. گنبذ جي ڀرسان ٻاهران گول چبوترو آهي، جنهن جي اندرين طرف چوڌاري عورتن ۽ مردن جون تصويرون چٽيل آهن. دالان کان پوءِ هڪ وڏو صفحو آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ڇهه ڇهه ڪوٺيون آهن انهن جون ڇتون به گنبذن واريون آهن. پهرين صفحي کان پو۽ ٻيو صفحو به آهي، پر اُن جو پٺيون پاسو ڊهي ويو آهي. ڪوٺيون ننڍيون آهن، ائين ٿو معلوم ٿئي ته انهن ڪوٺين ۾ هڪ هڪ ساڌو ويهي، يوگ پچائيندو هو.
 #JainTemple, #GoriTemple 

No comments:

Post a Comment