Sunday 6 March 2016

First day in university - Abdul Ghaffar Wadho,

Please for Go sake send with correct file name. Next time it will be summarily rejected
Revised 
يونيورسٽيءَ  جو  پهريون  ڏينهن
Abdul Ghaffar Wadho,
عبدالغفار وڌو
اڪثر انسان جي فطرت رهي آهي ته جڏهن هو ڪنهن ڪم يا مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو آهي پوءِ هو ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن آءُ ناڪام ٿيو آهيان ائين ئي ٻيوبه ڪو ناڪام ٿئي پوءِ جڏهن ڪو به انسان ان ناڪام شخص کان صلاح يا مشور وٺندو آهي ته هو هميشه ان کي ناڪامي وارا  رستا ڏيکاريندو آهي، ائين ئي جڏهن آءُ ٻاهرين ڪلاس پاس ڪري يونيورسٽي جي ٽيسٽ لاءِ تيار ڪري رهيو هئس ته اهڙن ناڪام انسانن مون کي به پاسو ڏنو ۽ چوڻ لڳا “پڙهي ڇاڪندي نوڪري پئسن  کان سواءِ نه ملندي آهي ۽ فضول وقت نه وڃائي، يونيورسٽي ۾ خرچ ڪرڻ کان ته بهتر اهو آهي جو توهان پنهنجو روزگار کوليو". هي هيون ته بيڪار ڳالهيون پر آءُ به انهن ڳالهين تي عمل ڪيو پوءِ يونيورسٽي جو خيال ٿي دل مان ڪڍي اچي هڪ خانڪي اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو.
ان اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران منهنجي ملاقات ان اسڪول جي مالڪ سان ٿي ۽ ان مونکان پڇيو ته توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ مون ان کي پنهنجي تعليم بابت ٻڌايو ته آءُ بي، ايس، سي پارٽ ٽو ۾ پڙهي رهيو آهيان پوءِ ان چيو ته توهان يونيورسٽي ڇو نه ويا آهيو؟ مون جواب ۾ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون جيڪي مونکي انهن ناڪام انسانن ٻڌايون هيون پوءِ هو منهنجي طرف حيرت مان نهاري کليو پئي ۽ چوڻ لڳو ته اُهي انسان خود ته ناڪام آهين پر توهان کي به ناڪاميءَ جو رستو ڏيکاري رهيا آهن پوءِ پورا ٻه گهنٽا مسلسل هو مونکي سمجهائيندو رهيو پوءِ آءُ هڪ فيصلو ڪيو ته مونکي يونيورسٽي وڃڻو آهي پوءِ ڇا به ٿي پئي ان کان بعد مون سان اڪثر هر اهو انسان ملندو رهيو جنهن جي وات تي يوينورسٽي نه وڃڻ لاءِ ڪو نه ڪو بهانو هو پر آءُ انهن جون ڳالهيون ٻڌي دل ئي دل ۾ کلي چوندو هئس. ته خبر ناهي توهان جهڙن ماڻهن الائي ڪيترن شاگردن جي پڙاهي کي تباهي جي رستي ڏانهن ڌڪيو هوندو پوءِ آءُ پنهنجو اڪثر وقت پڙاهي ۾ گذاريندو هئس ۽ يونيورسٽي جي دوستن سان ويهندو هئس جيئن آءُ انهن کان يونيورسٽي جي ماحول جي باري ۾ واقف رهي سگهان پوءَ ڪجهه مهينن کان بعد مون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي لاءِ امتحان ڏنو جنهن ۾ آءُ پاس ٿيس پوءِ مون کي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مليو.
اُهي دل کي وڻندڙ، آرام ۽ سڪون ڏيندڙ تيز هوائون، اهو ڪينٽين تي ويهي دوستن سان گڏ چانهه پيئڻ ۽ اهو دوستن سان گڏجي لائبريري ۾ پڙهڻ. اهو سڀ ڪجهه مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي دوستن کان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو هو، پر جڏهن آءُ پاڻ سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ آيس ته اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي منهنجي دوستن ٻڌايون هيون، اهي سڀ ڳالهيون مون يونيورسٽيءَ ۾ پهرين ڏينهن ئي ڏٺيون. جڏهن آءُ پهرين ڏينهن تي يونيورسٽي اچڻ لاءِ پوائنٽ تي ويٺم ته ڏاڍو مايوس هيس ته خبر ناهي، ڪٿي لهندس ۽ پنهنجي ڊپارٽمينٽ ڪئين ويندس، جيئن ئي پوائنٽ مون کي سينٽرل لائبريري جي اڳيان لاٿو ته آءُ مايوس ٿي پنج منٽ سينٽرل لائبريري تي بيهي سڀني شاگردن ڏانهن نهاري رهيو هئس ته هي شاگرد ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن ۽ منهنجو ڊپارٽمينٽ ڪهڙي طرف آهي. اتي بيٺي بيٺي مون کي ڏاڍو خوف به محسوس ٿيو ته شايد اڄ مون سان ريگنگ ٿيندي، پهرين ڏينهن تي هر ان شاگرد کان خوف ٿي رهيو هو، جيڪو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مون ڪوشش ته ڏاڍي ڪئي ته پاڻ کي پراڻن شاگردن جيئان ظاهر ڪيان، پر ائين نه پئي ٿي سگهيو ڇو ته پراڻو شاگرد ٿيڻ لاءِ مون کي رستن جي ۽ ادارن جي خبر رکڻ تمام ضروري هو، جنهن جي باري ۾ مون کي بلڪل خبر نه هئي. خبر نه هجڻ جي ڪري ڪجهه وقت کان پوءِ مون هڪ شاگرد کان پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي باري ۾ پڇيو ته ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ڪٿي آهي؟ ته اهو شاگرد کلي چوڻ لڳو ته نئون آهين ڇا؟ مون ان کي جواب ۾ چيو ها! مان هتي نئون آيو آهيان، پوءِ ان ڊپارٽمينٽ جو رستو ٻڌايو ته آءُ ڏاڍو خوش ٿي ان کي مهرباني چئي جڏهن آءُ ان شاگرد جي ٻڌايل رستي تي ويس ته وڃي شاگردن (ڇوڪرن) جي هاسٽل تي وڃي پهتس ته اُتان خبر پئي ته ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ته گهڻو پوئتي ڇڏي آيو آهيان. ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي ان تي جنهن مون کي غلط رستو ٻڌايو پر مون کي به ڊپارٽمينٽ وڃڻ لاءِ ڏاڍي دير پئي ٿئي ۽ ان سان گڏوگڏ منهنجو پهريون ڏينهن هو ان لاءِ مون هڪ هڪ شاگرد کان ڊپارٽمينٽ جو رستو پڇا ڪندي اچي پنهنجي ڊپارٽمينٽ پهتس، پوءِ هڪ پريشانيءَ مان جان مس ڇڏائي هئي ته مٿان وري ٻي پريشاني، هاڻي رستو به ملي ويو، شعبي جي به خبر پئجي وئي پر ڪلاس ۽ ماحول جي باري ۾ خبر ڪيئن پئي؟ ٿورو پريشان ٿي سوچڻ شروع ڪيو ته هينئر ڇا ڪيو وڃي؟ اوچتو منهنجي ذهن ۾ هڪ پراڻي چوڻي ڦيرو کاڌو ته “پڇڻا نه منجهڻا” پوءِ مون ڊپارٽمينٽ جي هڪ شاگرد کان پڇيو ته آءُ هتي نئون آيو آهيان ۽ ايم.اي.پريوَس جو ڪلاس ڪٿي آهي؟ ته ان شاگرد منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ان کي ڪجهه ڊپارٽمينٽ جا قاعده، قانون به ٻڌايا ته ڪلاس ۾ ڪيئن ويهڻو آهي ۽ استادن سان ڪيئن پيش اچڻو آهي، ان شاگرد جي چوڻ مطابق آءُ پنهنجي ڪلاس ۾ پهتس ته مون ڏاڍو عجيب محسوس ڪيو، سڄي ڪلاس ۾ خاموشي ٿي خاموشي شاگرد ته ويٺا هئا پر ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي. آءُ ڇا ڪيان، آءُ به انهن سان گڏ خاموش ٿي ويهي رهيس. ايئن پئي لڳو ڄڻ آءُ ڪنهن قبرستان ۾ پهچي ويو آهيان. 
ڪجهه وقت گذرڻ کان  پوءِ اسان جا ڪلاس وٺڻ لاءِ نمبر وار ليڪچرار اچڻ لڳا، روايت مطابق هر ليڪچرار پڙهائڻ کانپوءِ پهريون هر شاگرد کان تعارف پڇيو ته توهان جو نالو ڇا آهي، ڪٿان آيا آهيو ۽ اوهان جو هتي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هر شاگرد پنهنجي پنهنجي طريقي مطابق سٺو تعارف ڪرايو ۽ مون به پنهنجو تعارف ڪرايو ان کان علاوه هر ليڪچرار اسان کي تمام سٺي نموني پڙهايو ۽ آءُ ڏاڍو خوش ٿيس ڇو جو منهنجو پهريون ڏينهن هو، آءُ ان ڏينهن تي گهڻو ئي ڪجهه سکيو ۽ سمجهيو. 
ڪلاس پورا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن اسان ٻاهر آياسين ته ڪلاس جي ڪجهه ڇوڪرن جي راءِ هئي ته انگلش ڪينٽين تي هلون، بک به ڏاڍي لڳي آهي ڇو نه ڪجهه کاڌو، پيتو وڃي، مون انهن کان ڀڄڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هو به ڇڏڻ وارا ڪونه هئا. زوري وٺي آيا. آءُ ويٺو ئي مس هئس ته اوچتو مٿان هڪ پوڙهي فقيرياڻي اچي بيٺي ته ان نه پئسا گهريا، نه ئي ٻيو ڪجهه بس چوڻ لڳي ته “پٽ مون کي انگلش يا آءِ.ٽي ڊپارٽمينٽ جو ڪارڊ ٺهرائي ڏي” عورت جي ائين چوڻ تي منهنجي دوستن جو زور زور سان کلي چوڻ لڳا “وڃي ڪارڊ ٺهرائي ڏيوس” اهي ڳالهيون ٻڌي آءُ ڏاڍو کليس پئي آخرڪار فقيرياڻي ٻيهر چيو ته “ڪارڊ ٺهراءِ ڏيندين يا نه” مون ان کي “ها” چئي جان ڇڏائي پوءِ سڀني گڏجي چانهه پيتي بعد ۾ هر ڪو پنهنجي رهائش گاهه ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو. آخرڪار آءُ به پوائنٽ ۾ ويهي پنهنجي رهائش گاهه تي اچي پهتس. 
مان سمجهان ٿو ته يونيورسٽيءَ جو پهريون ڏينهن پهرين پيار وانگر هوندو آهي ۽ ائين به چوندس ته يونيورسٽي ۾ پڙهڻ هر ماڻهو لاءِ اهم آهي چاهي اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، ڇو جو يونيورسٽي هر ماڻهو کي ڳالهائڻ، اُٿڻ، ويهڻ ۽ پڙهڻ جا طور طريقا سيکاري ٿي. 

نالو: عبدالغفار وڌو 
ڪلاس: ايم.اي.پريويس 
رول نمبر: 02 

Not interesting. Observe paragraphs. Compare contrast with college and also stories u heard, before joining university. Put some life in it

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment