Sunday 6 March 2016

ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد Imtiaz Abbasi

Revised 
Primary and new data missing
ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد
                                                 Imtiaz Abbas                            (امتياز عباسي)
                                                                             ايم اي پريويس رول نمبر 28

آمريت جا اهي ڏينهن ملڪ جي عوام مٿان اذيتن جي ڏينهن هئا. ملڪ جو عوام مارشل لاء جي بدترين ڏينهن به حوصلا نه هاريا، ايستائين جو عوام جي محبوب ليڊر کي تختيدار تي پهچايو عوام ۽ حڪمرانن  جي وچ ۾  ڀٽي جي خون هڪ لڪير ڇڪي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ آمر حڪمرانن خلاف شديد نفرت جنم ورتو ۽ ان نفرت حڪمرانن کي ٻڌايوته مظلومن جي الڳ تاريخ آهي ۽ پوءِ ملڪ جي مظلوم عوام ظالم حڪمرانن جي خلاف ويڙھ شروع ڪئي. 04 اپريل 1979 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ  ملڪ جي سياستدانن ايم آر ڊي جو بنياد وڌو ضياءالحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي. جنهن ملڪ جي عوام کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته  ذوالفقار علي ڀٽوجي نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي.  اهو نعرو سندس موت کان پوءِ ختم ناهي ٿيو، اهو نعرو ته عوام جي تقدير جو ڏس آهي، اهڙي طرح عوام آمريت جي ظالم راڄ کي للڪاريندي روڊن، رستن، چوڪن، بازارن، ڳوٺن گھٽي گھٽي مان نڪري آيا. ايم آر ڊي تحريڪ کي هر ضلعي اندر منظم ڪيو ويو، 1982ع ۾ ضلعي دادو ۾ ايم آر ڊي تنظيم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ سيتا روڊ تي فاضل راهو ۽ غازي صلاح الدين  نه شرڪت ڪئي، الحاج ظفر خان لغاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو 15 آگسٽ 1983ع کان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جو آغاز ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڏني وئي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون پيش ڪرايون وڃن. 16 آگسٽ تي خيرپور ناٿن شاه جي ڪرڪنن کي دادو چوڪ وٽ گرفتاريون ڏيڻيون هيون. صبح کان وٺي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دادو چوڪ جي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ سيل ڪيو ڇڏيون هيون، ڪنهن به عام ماڻهو کي چوڪ تي اچڻ جي اجازت نه هئي. حڪمرانن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄو بندو بست ڪري ڇڏيو هو، خيرپور ناٿن شاه کان دادو ويندڙ رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي هئي.  پوءِ پي پي جي لياقت کوسي عوام تحريڪ جي رسول بخش بروهي جي وي آئي جي علي رضا کوسي عوامي تحريڪ جي شهاب عباسي غلام رحيم ملاح ننڍي عمر جي ڪارڪنن قاضي سرور صبح سويري روڊن بجاءِ ڪچن رستن وسيلي دادو پهتا. هنن جي ورن ۾ پنهنجي پارٽين جا جھندا هئا ۽ هٿن ۾ خالي لٺيون هيون. هنن جيئن ئي دادو چوڪ تي نعرا هڻي، ورن مان جھنڊا ڪڍي سخت نعرا هنيا ته اهلڪارن جي هوصلا پڻ خطا ٿي ويا. 17 آگسٽ تي دادو ۾ احتجاج ڪندڙ عوام مٿان اهلڪارن لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گئس جا شيل اڇلايا، موٽ ۾ عوام مڇرجي پيو هنن دادو جيل تي حملو ڪيو ۽ جيل ڀڃي ڇڏيا، سيشن ڪورٽ کي باه ڏئي سڄو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو ۽ سرڪاري ملڪيتن جي گھني ڀڃڊاه ڪئي. ايم آر ڊي سنڌي ماڻهن جي نفرت جو هڪ روپ هئي، 28 آگسٽ 1983 تي الحاج امير بخش جوڻيجو سابق ايم پي اي مرحوم ڪيترن ئي سائين جن ۾ فيصل ساند ، جان محمد بروهي، ابراهيم جوڻيجو گرفتاري لاءِ سوين ماڻهن جي قافلي سان ڪي اين شاه بس اسٽاپ تي هئا،  ته مٿان پوليس ڪڙهي پئي عوام جذبات ٿي وئي هنن پوليس اسٽيشن جو گھيرائو ڪيو ۽ انهن ڀتون ڊاهي ڇڏيون بعد ۾ مختيارڪار آفيس کي ساڙي ڇڏيو، سمورو رڪارڊ به سڙي ويو. ان وقت جي ايس ايڇ او محمد علي جٽ عوام جي مٿان شيل اڇلايا، ۽ انڌاڌنڌ گوليون هلايون جنهن ۾ 18 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز لاکير شهيد ٿي ويو. هو خيرپور ناٿن شاه ۾ ايم آر ڊي جو پهريون شهيد هو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليس جي ڏاڍ ماڻهن جي حوصلن کي بلند ڪري ڇڏيو، ۽ هي ماڻهو ايئن هوندو هو جيئن جيل ۽ انهن جي هٿن ۾ ٽي رنگو جھنڊو هو. ان ڏينهن شهر جا ماڻهو پاڻ مرادو ڪاروبار بند ڪري سموري شهرن جي چوڪن ۽ بس اسٽاپ تي پهچي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏئي، جيل ڀريندا هئا. اهو انقلاب هو ڪنهن به پارٽي جو ماڻهو هجي پر ان کي آمريت ۽آمر ضياء کان نفرت هئي. اهڙي طرح آمر ضياء خلاف نفرت ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري هو، 12 سپٽمبر 1983، جو ڏهاڙواهو ڏهاڙو هو، جڏهن سيتا روڊ جي ڪجھ ماڻهن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ماڻهن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو. ان وقت انهن جو هيڊ ڪواٽر ريسٽ هائوس هو، جتي انهن کي بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ مڪاني ماڻهن انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ريسٽ هائوس ڏانهن رخ ڪيو. هٿين خالي ماڻهن جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان مزاحمت ڪئي ته انهن سوين آيل ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. سوين ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ لاش ڪرندا رهيا. سمورا روڊ رت سان ڀرجي ويا. قانون لاڳو ڪرڻ وارن اهلڪارن سموري شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو، ڪيترائي لاش گم ڪري ڇڏيا. باقي شهيد غلام، نبي کوسو، شهيد الله ورايو لانگاه، شهيد نظام دين نائچ، شهيد حبيب الله لغاري، شهيد شاهنواز کوسو، شهيد عبدالغني ابڙو، شهيد ديدار کوکر، شهيد خمير جاگيراڻي، جا لاش ڏنا ويا شهيد عبدالعزيز لاکير، جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عشق ۾ اهو نه ڄاتو ته ڪو موت به ملندو، هنن شهادت ماڻي موت کي وساري تاريخ جي ورڪن ۾ منهنجا نالا سونهري اکرن ۾ لکرايا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي پرهيت هئا نه ڪي وڏا ماڻهو هئا نه ئي وڏن ماڻهن جا اولاد هئا. هو غريب مسڪين هئا انهن جي بيڪ گرائونڊ اهو هو ته ڪو هوٽل تي مزوري ڪندو هو، ڪو وري بٺيءَ تي ڪم ڪندو هو، ڪو وري ڳوٺن ۾ هاوپو ڪندو هو. جمهوريت لاءِ جانيون ڏيندڙ شهيدن جي خون ۽ انهن جي وارثن جو درد ڪيترو اونهو آهي.۽ جڏهن ته انهن ايم آر ڊي جي شهيدن جي ورثن کي پ پ پ حڪومت 2007 واري دور ۾ پٽيوالي ۽ چوڪيدار جون نوڪريون ڏنيون جن جي شهادت ملڪ ۾ جمهوريت آندي انهن جو ازالو پٽيوالي ۽ چوڪيداري جون نوڪريون ته نٿيون ڪري سگهن پ پ پ حڪمرانن کي گهرجي ته انهن جي وارثن جي وڌيڪ سهائتا ڪنجن جمهوريت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون جن پنهنجي گهرن جي باري ۾ نه سوچيو انهن شهيدن مان ڪي ته ماءُ پيءَ کي اڪيلا پٽ هئا هي درد ڪٿا ڪي اين شاه جي ايم آر ڊي جي شهيدن جي آهي جيڪي وطن تي قربان ٿيا آمريت اڳيان گوڏا نه کوڙيا جمهوريت ۾ ساه ڦوڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان کي انهن جون قربانيون وسارڻ نه گهرجن انهن جون قربانيون يقينن اسان لاءِ سبق آهن ۽اسان کي فخر آهي ۽ هجڻ به گهرجي هي حقيقي ڪهاڻي لکي منهنجي اکين جا ضبط ٽٽي پيا ۽ اڃا وڌيڪ لکي نٿو سگهان.
رت ديس تنهنجي راه ۾
 جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
تنهنجو به قرض لهي وڃي
منهنجو به نصيب ٺهي وڃي.

please observe paragraphs
Foto of place their memorial built
What is condition of their heirs today?
Put some update and make it current and relevant.
Feature is always reporting based with human angle.
Referred back

ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪي اين شاه جا شهيد

(امتياز عباسي)
ايم اي پريويس رول نمبر 28

آمريت جا اهي ڏينهن ملڪ جي عوام مٿان اذيتن جي ڏينهن هئا. ملڪ جو عوام مارشل لاء جي بدترين ڏينهن به حوصلا نه هاريا، ايستائين جو عوام جي محبوب ليڊر کي تختيدار تي پهچايو عوام ۽ حڪمرانن  جي وچ ۾  ڀٽي جي خون هڪ لڪير ڇڪي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ آمر حڪمرانن خلاف شديد نفرت جنم ورتو ۽ ان نفرت حڪمرانن کي ٻڌايوته مظلومن جي الڳ تاريخ آهي ۽ پوءِ ملڪ جي مظلوم عوام ظالم حڪمرانن جي خلاف ويڙھ شروع ڪئي. 04 اپريل 1979 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ  ملڪ جي سياستدانن ايم آر ڊي جو بنياد وڌو ضياءالحق جي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي. جنهن ملڪ جي عوام کي پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته  ذوالفقار علي ڀٽوجي نعرو طاقت جو سرچشمو عوام آهي.  اهو نعرو سندس موت کان پوءِ ختم ناهي ٿيو، اهو نعرو ته عوام جي تقدير جو ڏس آهي، اهڙي طرح عوام آمريت جي ظالم راڄ کي للڪاريندي روڊن، رستن، چوڪن، بازارن، ڳوٺن گھٽي گھٽي مان نڪري آيا. ايم آر ڊي تحريڪ کي هر ضلعي اندر منظم ڪيو ويو، 1982ع ۾ ضلعي دادو ۾ ايم آر ڊي تنظيم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ سيتا روڊ تي فاضل راهو ۽ غازي صلاح الدين  نه شرڪت ڪئي، الحاج ظفر خان لغاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو 15 آگسٽ 1983ع کان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جو آغاز ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڏني وئي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون پيش ڪرايون وڃن. 16 آگسٽ تي خيرپور ناٿن شاه جي ڪرڪنن کي دادو چوڪ وٽ گرفتاريون ڏيڻيون هيون. صبح کان وٺي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دادو چوڪ جي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ سيل ڪيو ڇڏيون هيون، ڪنهن به عام ماڻهو کي چوڪ تي اچڻ جي اجازت نه هئي. حڪمرانن تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄو بندو بست ڪري ڇڏيو هو، خيرپور ناٿن شاه کان دادو ويندڙ رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي هئي.  پوءِ پي پي جي لياقت کوسي عوام تحريڪ جي رسول بخش بروهي جي وي آئي جي علي رضا کوسي عوامي تحريڪ جي شهاب عباسي غلام رحيم ملاح ننڍي عمر جي ڪارڪنن قاضي سرور صبح سويري روڊن بجاءِ ڪچن رستن وسيلي دادو پهتا. هنن جي ورن ۾ پنهنجي پارٽين جا جھندا هئا ۽ هٿن ۾ خالي لٺيون هيون. هنن جيئن ئي دادو چوڪ تي نعرا هڻي، ورن مان جھنڊا ڪڍي سخت نعرا هنيا ته اهلڪارن جي هوصلا پڻ خطا ٿي ويا. 17 آگسٽ تي دادو ۾ احتجاج ڪندڙ عوام مٿان اهلڪارن لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گئس جا شيل اڇلايا، موٽ ۾ عوام مڇرجي پيو هنن دادو جيل تي حملو ڪيو ۽ جيل ڀڃي ڇڏيا، سيشن ڪورٽ کي باه ڏئي سڄو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو ۽ سرڪاري ملڪيتن جي گھني ڀڃڊاه ڪئي. ايم آر ڊي سنڌي ماڻهن جي نفرت جو هڪ روپ هئي، 28 آگسٽ 1983 تي الحاج امير بخش جوڻيجو سابق ايم پي اي مرحوم ڪيترن ئي سائين جن ۾ فيصل ساند ، جان محمد بروهي، ابراهيم جوڻيجو گرفتاري لاءِ سوين ماڻهن جي قافلي سان ڪي اين شاه بس اسٽاپ تي هئا،  ته مٿان پوليس ڪڙهي پئي عوام جذبات ٿي وئي هنن پوليس اسٽيشن جو گھيرائو ڪيو ۽ انهن ڀتون ڊاهي ڇڏيون بعد ۾ مختيارڪار آفيس کي ساڙي ڇڏيو، سمورو رڪارڊ به سڙي ويو. ان وقت جي ايس ايڇ او محمد علي جٽ عوام جي مٿان شيل اڇلايا، ۽ انڌاڌنڌ گوليون هلايون جنهن ۾ 18 ورهين جو نوجوان عبدالعزيز لاکير شهيد ٿي ويو. هو خيرپور ناٿن شاه ۾ ايم آر ڊي جو پهريون شهيد هو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليس جي ڏاڍ ماڻهن جي حوصلن کي بلند ڪري ڇڏيو، ۽ هي ماڻهو ايئن هوندو هو جيئن جيل ۽ انهن جي هٿن ۾ ٽي رنگو جھنڊو هو. ان ڏينهن شهر جا ماڻهو پاڻ مرادو ڪاروبار بند ڪري سموري شهرن جي چوڪن ۽ بس اسٽاپ تي پهچي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏئي، جيل ڀريندا هئا. اهو انقلاب هو ڪنهن به پارٽي جو ماڻهو هجي پر ان کي آمريت ۽آمر ضياء کان نفرت هئي. اهڙي طرح آمر ضياء خلاف نفرت ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري هو، 12 سپٽمبر 1983، جو ڏهاڙواهو ڏهاڙو هو، جڏهن سيتا روڊ جي ڪجھ ماڻهن تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ماڻهن کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو. ان وقت انهن جو هيڊ ڪواٽر ريسٽ هائوس هو، جتي انهن کي بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ مڪاني ماڻهن انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ريسٽ هائوس ڏانهن رخ ڪيو. هٿين خالي ماڻهن جڏهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان مزاحمت ڪئي ته انهن سوين آيل ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. سوين ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ لاش ڪرندا رهيا. سمورا روڊ رت سان ڀرجي ويا. قانون لاڳو ڪرڻ وارن اهلڪارن سموري شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو، ڪيترائي لاش گم ڪري ڇڏيا. باقي شهيد غلام، نبي کوسو، شهيد الله ورايو لانگاه، شهيد نظام دين نائچ، شهيد حبيب الله لغاري، شهيد شاهنواز کوسو، شهيد عبدالغني ابڙو، شهيد ديدار کوکر، شهيد خمير جاگيراڻي، جا لاش ڏنا ويا شهيد عبدالعزيز لاکير، جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عشق ۾ اهو نه ڄاتو ته ڪو موت به ملندو، هنن شهادت ماڻي موت کي وساري تاريخ جي ورڪن ۾ منهنجا نالا سونهري اکرن ۾ لکرايا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي پرهيت هئا نه ڪي وڏا ماڻهو هئا نه ئي وڏن ماڻهن جا اولاد هئا. هو غريب مسڪين هئا انهن جي بيڪ گرائونڊ اهو هو ته ڪو هوٽل تي مزوري ڪندو هو، ڪو وري بٺيءَ تي ڪم ڪندو هو، ڪو وري ڳوٺن ۾ هاوپو ڪندو هو. جمهوريت لاءِ جانيون ڏيندڙ شهيدن جي خون ۽ انهن جي وارثن جو درد ڪيترو اونهو آهي، بس منهنجي اکين ۾ لڙڪ آهن ۽ مان وڌيڪ ڪجھ لکي نه ٿو سگهان.  

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
 

No comments:

Post a Comment