Wednesday 2 March 2016

ٿر جي ڏُڪار کي ميڊيا ڪيئن ٿي ڏسي ؟ Aakash Hameerani


Feed back later 
Aakash Hameerani 
ٿرپارڪر جي ڏُڪار کي ميڊيا  ڪيئن ٿي ڏسي ؟
آڪاش هميراڻي 
2K16/MMC/10/SU Jamshoro
صحراءِ ٿر! سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پسماندگي جي لحاظ کان اول نمبر تي آهي. وسيلن سان مالا مال هن خطي ۾ زندگي ءَ جو نالو رُڳو ڏسڻ ۽ بُکون ڪاٽڻ ئي آهي. ٿرپارڪر ۾ موجود ڪوئلي  جون ايتريون ته کاڻيون آهن جو اُن ڪوئلي جي کوٽائي سچي نيت ۽ بهتر انداز ۾ ڪئي وڃي ته اهو ڪوئلو ايندڙ سئو سالن تائين سنڌ سولائي استعمال ڪري سگهي ٿي. 9600 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل ڪوئلي جي ٽن بلاڪن تي کوٽائي جو ڪم هلندڙ آهي پر افسوس! اڄ ڏينهن تائين نه ئي ڪوئلي جي حدن ۾ آيل مارو ماڻهن کي سندن زمين جي رائلٽي ملي سگهي آهي. نه ئي ڪوئلي جي کوٽائي تي  ڪم ڪندڙ نجي ڪمپنين ۾ مقامي نوجوانن کي پذيرائي ملي آهي. 19638 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هن وشال ٿر جي ڪُل آبادي 914291 آهي. ۽ چوپايي مال جو تعداد پڻ 1032938 آهي. ڇهن انتظامي يونٽن تي مشتمل هن ضلعي جي ماڻهن جي صحت جي ڇا ڳالهه ڪجي ! ايٿوپيا ۾ ٻار ميراسمس وگهي مرن ٿا ۽ ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب مرن ٿا. فرق صرف ايترو ئي آهي. مختلف سماجي تنظيمن جي گهيري هيٺ آيل هن خطي جا اڌ ڍاوا ۽ ڪنگال ٻار بسڪيٽ جو هڪڙو پئڪيٽ وٺندي، ڦوٽو ڪڍندڙ سماجي اڳواڻ کي وڏو ڪمال جو پروجيڪٽ پيش ڪرائي سگهن ٿا.
مٺيءَ سو ل اسپتال سميت ٿر  ۾ پنجن بُنيادي صحت مرڪز اسپتالن تي ٻڌل صحت جون سهوليتون هيڏي وسيع ۽ وشال ٿر جي سمورن ماڻهن کي ڪيئن ٿيون سهولتون مهيا ڪري سگهن. اهو به وڏو الميو آهي ته سڄي ٿر ۽ اهم ۽ اپگريڊيڊ سول اسپتال مٺي ۾ بسترن جو تعداد ئي  ڪُل ملائي 70 هُجي ته ڏُڪاريل ڏيهه جي هزارين معصوم ٻارڙن کي ڪيئن ٿو بچائي سگهجي؟
چوپايو مال، جيڪو ٿر جي ماڻهن جو گُذارن ۽ وسيلو آهي، جيڪو پڻ برساتون نه پوڻ ۽ ڏُڪاري صورتحال سبب مري رهيو آهي،  ۽ وڏي تعداد ۾ بيمار پڻ آهي. ڏُڪار جي صورتحال کي ڏسندي مارو ماڻهو بئراجي علائقن طرف لڏ پلاڻ ڪندا آهن، لڏپلاڻ ڪندڙن جو وڏو تعداد اُنهن جو ئي هوندو آهي جن وٽ ٿورو گهڻو مال هوندو آهي. لڏپلاڻ جي دوران پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مسلسل بُکن سبب گهڻو تڻو مال بئراجي علائقن تائين پهچندي يا ته مختلف بيمارين جي ور چڙهي وڃي ٿو  يا ته مري وڃي ٿو. هن سڄي دور ۾ ڀاڳيي کي گهڻو خرچ برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو مال وڪڻڻ جي صورت ۾ ئي هُجي ٿو. 
گُذريل ٽن چئن سالن کان ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون ۽ ٻارن تي موت جي راڪاس جو رقص جاري آهي. چوپايو مال توڙي پيئڻ جي صاف پاڻي، ڪڻڪ جي غير منصافاڻا ورڇ ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ هلي رهي آهي. اُن سڄي دور کي ميڊيا ڪيترو ۽  ڪيئن ڏٺو آهي، اچو ته اُن جو جائزو پيش ڪيون.
2014ع وارو ڏُڪار
سال 2014ع جي شروعاتي ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ٻارن ۾ مختلف وائرل بيماريون  پکڙجڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ گيسٽرو، ميلريا، ڊائريا، نمونيا، سائي توڙي غذائي کوٽ (Malnutrition)  پڻ ميڊيا تي رپورٽ ٿي آهي. مٺي توڙي ٿر جي سڀني بنيادي صحت مرڪز اسپتالن ۾ وقت به وقت اهڙي قسم جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون. 2014ع ۾ ئي مجموعي طور تي 600 ٻارڙن جون فوتگيون رپورٽ ٿيون، اُن سڄي صورتحال ۾ ميڊيا حڪومت جي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي. ماڻهوءَ لڏپلاڻ ڪندا رهيا ۽ چوپايي مال جو مرڻ به ميڊيائي موضوع رهيو آهي. 2014ع ۾ ٿر جي فطرتي حُسن جي شاهڪار مور پکين ۾ “راڻي کيت” نالي  وائرل بيماري پکڙي، جنهن سبب ٿر ۾ موجود مورن جو وڏو تعداد موت جي ور چڙهي ويو.  پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مسلسل رپورٽنگ کانپوءِ سول سوسائٽي پڻ تحرڪ ۾ آئي ۽ انتظاميا کي هن مسئلي تي اکيون کولرايون.۽  نيٺ انتظاميا پڻ سُڄاڳ ٿي. وائلڊ لائيف کاتو حرڪت ۾ آيو ۽، وٽرنري ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم کي ٿر موڪليو ويو جنهن بيماري جي نشاندهي ڪري ڳوٺاڻن کي مختلف ذريعن وسيلي مورن جي بچاءُ بابت آگاهي ڏني وئي.
سال 2014ع ۾ بيروزگاري، غربت، امدادي ڪڻڪ جي غيرمنصفياڻا ورڇ توڙي ٿري ماروئڙن جا انيڪ مسئلا اخباري سُرخين جي زينت بڻجندا رهيا. 
2015ع وارو ڏُڪار
هن سال جي شروعاتي چئن مهينن سميت آگسٽ تائين ٻارن جو وڏو تعداد غذائي کوٽ سبب  فوت ٿيو.2015ع جي ڏُڪار کي ميڊيا تمام گهڻو هاءِ لائيٽ ڪيو آهي. هن سال ۾ ٻارن جي ننڍي عمر(يعني ڄم کان ٻه ۽ ٽي سال تائين) وارن ٻارن جي موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو. اِن ئي سال قومي ميڊيا جي  اِن سيٽيلائيٽ گاڏين ٿر جو رُخ ڪيو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿر جي ٻرندڙ مسئلن کي خوب رپورٽ ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ مٺيءَ ۾ ڪوٺايو ويو، وزيراعليٰ سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کان بريفنگ پڻ ورتي ۽ حڪومت طرفان سول اسپتال مٺيءَ کي مختلف سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون ۽ اسپيلشسٽ ڊاڪٽرن کي پڻ ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو . ٿر جي ماڻهن کي مُفت ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اها ٻي ڳالهه جو اها صحيح وقت نه ملي سگهي ۽ نه برابري جي بنيادن تي  ورڇ ٿي سگهي. انهي سال مورن جو چڱو خاصو تعداد پڻ ڏُڪار سبب متاثر ٿيو. مال پڻ مختلف بيمارين سبب مرندو رهيو. چوپايي مال ۾ رڍن جو تمام وڏو تعداد پڻ موت جو شڪار ٿيو. پر اهو صحيح طريقي سان  سموري ميڊيا کي نظر نه اچڻ سبب دٻيل رهيو،  انهي سال ۾ صحت تي ڪم ڪندڙ   Ngo’s ميڊيا سان تعاون هجڻ ڪري صحت جي صورتحال کي وس آهر آگاهه پڻ ڪنديون رهيون، اُن ئي سال ۾ Ngo’s جا وڏا پروجيڪٽ پڻ ظاهر ٿيا، پر صحت تي ڪو اثرائتو ڪم نه ڪري سگهيون. ساڳئي سال ۾ وزيراعظم طرفان ٿر پئڪيج جي صورت ۾ هڪ ارب رُپين جو اعلان ڪيو ويو، پر اُنهن منجهان پنجاهه ڪروڙ روپيا سال جي آخر تائين ملي نه سگهيا، ميڊيا  جي  مؤثر ۽ مسلسل محنتن سبب سنڌ سرڪار ڏڪار کان بچڻ لاءَ هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي پر اُها اڳتي هلي سُٺا نتيجا ڏئي نه سگهي، ساڳئي سال ٿر ۾ صاف شفاف پاڻي لاءِ سنڌ سرڪار هڪ نجي ڪمپني سان گڏجي آر . اوز پلانٽ لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن مان هيل تائين چند فڪشنل آهن ۽ باقي ناڪاره بڻيل آر. اوز پلانٽ کي پڻ ميڊيا جي ڪئمرا جي اک رپورٽ ڪيو آهي. 
مجموعي طور تي سال 2015ع ۾ 376 معصوم ٻارن سميت 600 مرد توڙي عورتون ڏُڪاري حالتن اڳيان زندگي جي جنگ هارائي موت جي مُنهن ۾ هليون ويون.
2016ع جو ڏُڪار
هي سال شروع ٿيندي ئي موت جو راڪاس ٿر جي معصوم ٻارڙن جون زنددگيون کسيندو پيو اچي، غذائي کوٽ سبب مرندڙ  معصوم ٻارڙن جي مائرن جو ن خالي ٿيندڙ جهوليون ٽِي وي اسڪرينن ۽ اخبارن جي رنگين سُرخين جي صورت ۾ ڏسبيون ۽ ڇپبيون رهيون. سال جي شروعات ۾ ٻارن جي فوتگي جون خبرون اچڻ بعد ٿر جي انتظاميا مستقل بُنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ ساڳئي پُراڻي رينگٽ، ڪڻڪ جي مفت ورهاست جو فيصلو ڪيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو رليف اڃان تائين ٿر جي عوام کي ملي ناهي سگهيو. هن سال جي ٻئي مهيني ۾ مورن جي مرڻ بابت پڻ هيڪڙ ٻيڪڙ خبرون رپورٽ ٿيون آهن ۽ چوپايي مال ۾ بيمارين جون خبرون پڻ ميڊيا جو مرڪز بڻيل رهيون آهن. هن سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو تعدا 235 ٿي ويو آهي. پر افسوس! هيڏي ايڏي انساني الميي جو تدارڪ اڃان تائين ناهي ٿي سگهيو!
نيٺ ڇا ڪجي؟
اچو ته وسيع ٿر، جيڪو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صحرا آهي. ٿر کي بچايون، پنهنجي واهڻ، وستي، وانڍ ۽  ننڍي ڳوٺ ۾ جتي به اسان موجود هُجون اُتان جي حالتن جو جائزو وٺون، اُتان ڏُڪارسبب متاثر ٿيندڙ هر اُن شيءَ کي ميڊيا تائين پهچايون ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته  ڏُڪار سبب اسان ڪيترو ڀوڳيو آهي ۽ ڪيترو ڀوڳي رهيا آهيون. سڀني ساڃاهه وندن کي هڪڙي هنڌ گڏجڻ گهُرجي ۽  پري وارن علائقن ۾  جتي ميڊيا جي رسائي سولائي سان ممڪن ناهي، اُتان جي پڙهيل لکيل ماڻهن سميت شاگردن ۽ نوجوانن کي آگاهي ڏجي ته جيئن اُتان ٿيندڙ  ڏُڪاري  حالتن جو پتو پوي. ميڊيا کي پڻ هن معاملي تيaccurate facts and figures  قائم رکڻ لاءِ جستجو جاري رکڻ گهُرجي ته جيئن اهو پتو پوي ته مسلسل ڏُڪارن سبب ٿر جي ماڻهن ڇا ڇا وڃايو آهي؟ ۽ مستقبل ۾ ڏُڪار کان بچڻ لاءِ اسان وٽ ڪهڙي منصوبابندي هُجڻ گهرجي. 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment