Wednesday 2 March 2016

ڄامشورو شهر ڇو نه ٿيو...؟!!! Abdul Sattar Lakho

Revised
ڄامشورو شهر ڇو نه ٿيو...؟!!!
 Abdul Sattar Lakhoعبدالستار لاکو
انسان جي ابتدا کان ڏسجي ته انسان ۽ ان سان لاڳاپيل شيون وقت به وقت مٽجنديون رهيون آهن، جيڪي سهولتن جي حاصلات جي ڪري انسان مٽا سٽا ڪيون آهن، ڳوٺن کان شهرن، ننڍن شهرن کان وري وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ سميت بهتر زندگي لاءِ انسان ڪوششون ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح هر شهر جي لاءِ سڌارا ضروري آهن، جنهن ۾ هر بنيادي سهولتن پوريون هجن جنهن سان اتان جي رهندڙن کي ڪا تڪليف نه ٿي سگهي، جن ۾ صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، تعليمي ادارا، بجلي جو  بهتر نظام سميت جيئن جون ٻيون سهولتون لازم آهن. 
اهڙي طرح ڄامشورو شهر جيڪو هڪ ننڍڙو ڳوٺ ڪوٺيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ شهر ٿيو ۽ Education City طور مشهور ٿيڻ لڳو ۽ ان ننڍڙي ڳوٺ مان شهر تائين جي سفر کي پورو ڪرڻ ۾ سنڌ جي وڏين شخصيتن جي محنتکي وساري نٿو سگهجي جنهن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي خواب هو ته  هتي سنڌ جا نوجوان جو مستقبل نظر اچي رهي آهي ۽ هتي اعليٰ تعليمي ادرا هجڻ گهرجن، سنڌ کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جو خواب هو، اهو خواب سانڀيا به ٿيو ۽ ان خواب کي سانڀيا ڏيڻ ۾ جي ايم سيد سميت تعليم دوست ماڻهن ان خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنتون ڪري آخر ان کي تعليم جو شهر ٿيو جتي سنڌ جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليمي ادارا تعمير ٿيا، 3 وڏا تعليمي ادارا آهن، جنهن ۾ جنرل يونيورسٽين ۽ مادرعلمي ۾ سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ جي لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۽ طب جي لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي موجود آهن.
ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ان شهر کي دنيا جي انهن شهرن وانگر هجڻ گهرجي جتي اهڙي قسم جا تعليمي ادارا آهن اتي هر قسم جون سهولتون آهن ۽ دنيا جي سڌارن لاءِ پنهنجي تحقيق ذريعي اڃان به سڌارا آڻڻ لاءِ ڪوشان آهن، پر افسوس هن شهر لاءِ جيترو افسوس ڪجي ته گهٽ آهي تعليمي درسگاهن جو هي شهر، سالن کان شهر ته ٿي ويو آهي پرپوءِ نه هي شهر نه ٿي سگهيو! ڇاڪاڻ ته هتي تعليمي ادارن سان گڏوگڏ پاور هائوس، ملٽي نيشنل دوا ساز ڪمپني، انڊس هاءِ وي سميت ٻيا ڪيترا ئي علمي ۽ ادبي ادارا ۽ اهميت جوڳيون شيون آهن پر هن شهر کي سرڪاري طور تي اڃان تائين ٻهراڙي ۾ شمار ڪيو وينديو آهي ۽ اها ڳالهه تڏهن خبر پوندي آهي جڏهن سرڪاري طور پاڻ کي ڳڻائڻ لاءِ ڊوميسائيل ٺهرائڻ وڃبو آهي ته ان ۾ ڄامشورو رورل طور شناخت ملندي آهي!  ان ڳالهه تي افسوس بجاء آهي پران سان گڏوگڏ جڪڏهن نالي طور سڃاتو ويندڙ ڄامشوري جي فيزيڪل صورتحال ڏسجي ته ڪنهن به حوالي سان اهو شهر جو ڪو به ڏيک نه ڏيندو ڇاڪاڻ ته هتي نه بهتر روڊ رستا آهن، نڪو ڪو ڊرينج سسٽم آهي، نه ڪا پاڻي ڪو بهتر سسٽم ۾ نه وري عام ماڻهن جي ٻارن جي لاءِ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن، چئجي ته هتي ڪا به بنيادي سهولت ڳولهڻ سان به نه ملندي، جيڪڏهن ڪجهه انتظام موجود به آهن جهڙوڪ سرڪاري اسڪول آهن پر انهن جي حالت اهڙي آهي جو ماڻهو پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ گهر ويهارڻ يا مزدوري ڪرائڻ بهتر سمجهن ٿا. وري جيڪڏهن ڏسجي صحت کي ته نه ڪا به سرڪاري اسپتال نه آهي، ڀر ۾ لياقت ميڊيڪل ييونيورسٽي هاسپٽل آهي پر اها به اهڙو ڏيک ڏيندي آهي جو ڪنهن ڏورانهي علائقي جي اسپتال جتي سدائين ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ نظر ايندي آهي.
بنيادي سهولتن جي اڻهوند ته واضع آهي پر افسوس اهو به آهي ته نالي ماتر سڏجندڙ هن شهر ۾ اڪثر پاڻي جو سخت بحران هوندو آهي، بجلي جي اڻهوند رهندي آهي جنهن تي اڪثر ماڻهو سياست ڪندي صرف نالو چمڪائڻ ۽ چونڊيل نمائندن جي نمائندگي ڪندي عام ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندا رهندا آهن، جنهن ڪري نه چونڊيل نمائندا نه ئي عام ماڻهو نالي ماتر سڏجندڙ هن شهر کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش نه ڪندا آهن. ان ڪري عام ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ سياست ڪندڙن جي غير سنجيدگي جي ڪري ڄامشورو شهر، شهر نه ٿي سگهيو...!!!
 ان ڪري هتان جا عام رهواسين ۽ سياست خاطر نالو چمڪائڻ يا ڪنهن کي خوش ڪرڻ وارا ۽ چونڊيل نمائندن گهرجي ته ٿورڙي سنجيدگي ۽ بهتر سوچ سان هن درسگاهن جي شهر تي نظر ڪري بنيادي سهولتن جي پوراءُ ۽ شهر جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، شهر کي پنهنجو سمجهي دنيا جي ٻين هن قسم جي شهرن وانگر پنهنجي شهر سان گڏوگڏ دنيا جي بهتري لاءِ پنهنو ڪردار ادا ڪن.




عبدالستار لاکو/ 2k16/MMC/04
----------------------------------------

No para

ڄامشورو شهر ڇو نه ٿيو...؟!!!
عبدالستار لاکو/ 2k13/MMC/04
انسان جي ابتدا کان ڏسجي ته انسان ۽ ان سان لاڳاپيل شيون وقت به وقت مٽجنديون رهيون آهن، جيڪي سهولتن جي حاصلات جي ڪري انسان مٽا سٽا ڪيون آهن، ڳوٺن کان شهرن، ننڍن شهرن کان وري وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ سميت بهتر زندگي لاءِ انسان ڪوششون ڪندو رهي ٿو، اهڙي طرح ڄامشورو شهر به هڪ ڳوٺ هو، جيڪو بعد ۾ شهر ٿيو، جنهن کي ايجوڪيشن سٽي ٺاهڻ سنڌ جي ڏاهن علامه آءِ آءِ قاضي، سائين ايم سيد ۽ ٻين جو خواب هو، جتي سنڌ جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليمي ادارا تعمير تعمير ڪري سنڌ کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جو خواب هو، اهو خواب سانڀيا به ٿيو جو اتي 3 وڏا تعليمي ادارا آهن، جنهن ۾ جنرل يونيورسٽين ۽ مادرعلمي ۾ سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ جي لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۽ طب جي لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي موجود آهن، يونيورسٽين جي ڪري ان کي ايجوڪيشن سٽي سڏيو ويندي آهي. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته تعليمي درسگاهن جو هي شهر شهر نه ٿي سگهيو! ڇاڪاڻ ته هتي تعليمي ادارن سان گڏوگڏ پاور هائوس، ملٽي نيشنل دوا ساز ڪمپني، انڊس هاءِ وي سميت ٻيا ڪيترا ئي علمي ۽ ادبي ادارا آهن پر هن شهر کي سرڪاري طور تي اڃان تائين ٻهراڙي ۾ شمار ڪيو وينديو آهي ۽ اها ڳالهه تڏهن خبر پوندي آهي جڏهن سرڪاري طور پاڻ کي ڳڻائڻ لاءِ ڊوميسائيل ٺهرائڻ وڃبو آهي ته ان ۾ ڄامشورو رورل طور شناخت ملندي آهي!  ان ڳالهه تي افسوس بجاء آهي پران سان گڏوگڏ جيڪڏهن نالي طور سڃاتو ويندڙ ڄامشوري جي فيزيڪل صورتحال ڏسجي ته ڪنهن به حوالي سان اهو شهر جو ڏيک نه ڏيندو ڇاڪاڻ ته هتي نه بهتر روڊ رستا آهن، نڪو ڪو ڊرينج سسٽم آهي، نه ڪا پاڻي ڪو بهتر سسٽم ۾ نه وري عام ماڻهن جي ٻارن جي لاءِ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن، جيڪڏهن موجود آهن به ته انهن جي حالت اهڙي آهي جو ماڻهو پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ گهر ويهارڻ يا مزدوري ڪرائڻ بهتر سمجهن ٿا. وري جيڪڏهن ڏسجي صحت کي ته نه ڪا به سرڪاري اسپتال نه آهي، ڀر ۾ لياقت ميڊيڪل ييونيورسٽي هاسپٽل آهي پر اها به اهڙو ڏيک ڏيندي آهي جو ڪنهن ڏورانهي علائقي جي اسپتال جتي سدائين ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ نظر ايندي آهي، بنيادي سهولتن جي اڻهوند ته واضع آهي پر افسوس اهو به آهي ته نالي ماتر سڏجندڙ هن شهر ۾ اڪثر پاڻي جو سخت بحران هوندو آهي، بجلي جي اڻهوند رهندي آهي جنهن تي اڪثر ماڻهو سياست ڪندي صرف نالو چمڪائڻ ۽ ڇونڊيل نمائندن جي نمائندگي ڪندي عام ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندا رهندا آهن جنهن ڪري نه چونڊيل نمائندا نه ئي عام ماڻهو نالي ماتر سڏجندڙ هن شهر کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش  نه ڪندا آهن. ان ڪري عام ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ سياست ڪندڙن جي غير سنجيدگي جي ڪري ڄامشورو شهر شهر نه ٿي سگهيو...!!! 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment