Wednesday 2 March 2016

بجلي جي تارن مان ٿيندڙ نقصان

 Ur name and writing category should also appear in same langugae of artilce etc
بجلي جي تارن مان ٿيندڙ نقصان


اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان سان گڏ وڌندڙ ڪاروبار جي ڪري جيڪڏهن بجلي جو مسعلو اسان جي ملڪ ۾ عام آهي بجلي جي ڪمي جي وجا سان ملڪ جي معيشت کي بـ نقصان پهچي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ سان گڏ بجلي جي تارن مان ٿيندڙ نقصان ۽ حادثا هر سال ٿي رهيا آهن.اهڙن حادثن ۽ نقصانن جو سبب ڪڏهن بجلي جي محڪمي جي لاپرواهي جي ڪري ٿين ٿا تـ ڪٿي وري ان جو سبب عوام جي لاپرواهي جي ڪري بـ آهي.ملڪ جي اندر بجلي جي محڪمي کي مختلف نالن سان ورهايو ويو آهي ۽ اهي ڪمپنيون تقريبن 18 آهن جنهن مان 3 ڪمپنيون سنڌ اندر ڪم ڪري رهيون آهن ڪراچي اليڪٽرڪ،سکر يليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ حيدر آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني.انهن ڪمپنين جي هوندي بـ سنڌ جي اندر بـ مختلف قسمن جا حادثا ۽ نقصان ٿي رهيا آهن.جيئن تـ ٻهراڙي جي علائقن ۾ برسات جي موسم ۾ بجلي جي تارن مان شعلا ڪرڻ جي ڪري ٻهراڙي ۾ ڪکاوان گھر يا زمينن ۾ موجود فصلن کي نقصان ٿو پهچي ۽ ڪٿي وري ناقص ٿنڀن جي ڪري ٿنڀا ڪريو پون.اهي ٻهراڙي جا علائقا پري هئڻ جي ڪري اتي بجلي جو عملو دير سان ٿو پهچي ۽ شهرن ۾ موجود وڏن فليٽن کي بجلي جي تارن مان نڪرندڙ شعلن مان باهـ لڳيو پوي يا تـ وري وڏين عمارتن تي ڪم ڪندڙ مذدور ان بجلي جي تارن جو شڪار بڻجي ٿا پون . ڪٿي وري بجلي جي کليل تارن جي سبب کان ميٽرن ۽ تارن کي باهـ لڳيو پوي ۽ جيئن تـ وڏين گاڏين بسن ۽ ٽرڪن وغيره جيڪي بجلي جي تارن هيٺيان گذرن ٿيون تـ اچانڪ ڪنهن تار جي معمولي ڇهڻ سان اها تار گاڏي مٿان ڪريو پوي ۽ بجلي جي هاءِ وولٽيج ڪرنٽ جي سبب کان گاڏين کي باهـ لڳيو پوي ۽ ان گاڏي ۾ موجود مسافر حادثي جو شڪار ٿيو پون.سال 2015 ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا جي شهر راجستان ۾  اهڙي قسم جو هڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ شادي تي ويندڙ بس جي مٿان اچانڪ بجلي جي هاءِ وولٽيج جي تار ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا ۽ 31 ماڻهو زخمي ٿي پيا.۽ هڪ اهڙو ئي واقعو سال 2015 ۾ سنڌ جي شهر دادو ۾ پڻ پيش آيو.هڪ اخبار موجب دادو مان ڄاڃين سان ڀريل بس جيڪا پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهي هئي تـ شهر جي رستي تي اچانڪ اها بس بجلي جي تار هيٺيان لنگھي تـ اها تار تمام هيٺ هئي ۽ بس کي ڇهڻ ڪري ان کي باهـ وڪوڙي وئي جنهن ڪري بس ۾ موجود ماڻهن مان 11 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 14 سخت زخمي ٿي پيا،باقي ڄاڃين کي اتان جي مقامي ماڻهن بچايو.فوت ٿي ويلن ۾ 4 عوتون ۽ 3 معصوم ٻار بـ شامل هئا.اهڙو واقعو پاڙيسري ملڪ چائنا ۾ بـ پيش آيو جتي هڪ فيڪٽري کي مذدور رنگ جو ڪم ڪري رهيا هئا تـ اچانڪ لوهـ جي ڏاڪڻ هاءِ وولٽيج تار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مذدور اجل جو شڪار ٿي ويا.ان واقعي کان پوءِ بـ ڪافي حادثا ٿي چڪا آهن.اهڙن حادثن جو اسين سبب معلوم ڪنداسين تـ غفلت ڪنهن جي آهي جيئن بجلي جون تارون روڊن تي تمام هيٺ آهن ۽ انهن تارن سان هيشـ ڪونـ ڪو حادثو پيش اچي ٿو ۽ عوام کي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.جڏهن تـ ٻئي پاسي عوام بـ بجلي جو غلت طريقي سان ڪنيڪشن لڳرائي ملڪ ۽ قوم جو نقصان ڪن ٿا ۽ انهن تارن کي ميٽر کان ٻاهر ڪڍي دائريڪٽ لائنن ۾ هڻن ٿا جنهن سبب ان ٿنڀي تي موجود ٻين ميٽرن ۽ تارن کي باهـ لڳيو پوي.۽ ان هڪ شخص جي ڪري باقي ماڻهن جي ميٽرن ۽ تارن جو نقصان ٿيو پوي.حڪومت تـ اعلان ڪري ٿي ۽ اهڙن چورن لاءِ بـ قانون آهي مگر اڄ تائين اهڙي ڪنهن بـ بجلي چور ماڻهو ڇي سزا ناهي ملي.ڇا اهڙي چوري ۾ صرف عوام شامل آهي؟ بلڪـ هن ۾ ڪجھـ گجلي جي محڪمي جا عملدار بـ شامل آهن.۽ اسان اهڙي نقصانن کان بچي ٿا سگھون پر ان لاءِ ڪجهـ احتياط ڪرڻو پوندو تـ بجلي جون تارون صحيح طريقي سان بجلي جي ميٽرن ۾ لڳرايون ۽ بجلي جي تارن مان جيڪڏهن ڪو بـ نقصان جو انديشو آهي تـ بجلي جي محڪمي کي اطلاع ڏيون تـ جيئن اهي ان علائقي يا ڳوٺ جي بجلي صحيح ڪن ۽ اها انهن عملدارن جي ذميواريآهي تـ اهي پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪن .اهڙن حادثن ۽ نقصانن کان ملڪ جي عوام کي بچائين.

Name: Waseem Ahmed
Class: M.A (previous)
Roll No: 68


No comments:

Post a Comment