Wednesday 2 March 2016

انٽرنيٽ جا سنڌي سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر

Rasheed Nizamani 
آرٽيڪل: رشيد احمد نظاماڻي
 ماس ڪميونيڪيشن
رول نمبر: 49
ڪلاس:ايم اي پريويس
انٽرنيٽ جا سنڌي سماج تي پوندڙ ناڪاري اثر
انٽرنيٽ پنهنجي ايجاد کان وٺي ڏاڪي به ڏاڪي اهڙي ته ترقي ڪري رهيو آهي جو ڪيتريون ئي شيون ان ۾ سمائجي رهيون آهن.جيئن ته هر ٽيڪنالاجي پنهنجا اثر رکندي آهي اهڙي طرح انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي به اسان جي سماج تي حاوي ٿيندي وڃي پئي.انٽرنيٽ جتي اسان کي ڪيترائي فائدا پهچايا آهن اتي ان اسان جي سماج تي ناڪاري اثر پڻ ڇڏيا آهن.پوري دنيا سان گڏ سنڌي سماج تي به انٽرنيٽ جا ناڪاري اثر پيا آهن جن مان ڪجھ اهڙا آهن جيڪي پوري دنيا تي هڪجهڙا پئجي رهيا آهن پر ڪي انهن مان اهڙا آهن جن جا محرڪ هڪ پسمنظر رکن ٿا.
گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تيزي سان وڌيو آهي.هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2006ع ۾ آبادي جو 6.5 سيڪڙو ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا هئا جڏهن ته هاڻي اهو انگ 16 سيڪڙو تي پهچي چڪو آهي.
دنيا ۾ جتي انٽرنيٽ تعليم ۽ تفريح سان گڏ ڪيترن ئي سٺن ڪمن جو ذريعو بڻيل آهي اتي اسان وٽ سنڌ ۾ ان جو غلط استعمال گهڻو ٿي رهيو آهي.ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان کي انٽرنيٽ مان جيڪا شيءَ گهربل هجي ان کي ان ضرورت لاءِ استعمال ڪرڻ جي حد تائين ڪم ۾ آڻيون،جيڪڏهن اسان کي تفريح گھرجي ته ان کي ٿوري دير لاءِ تفريح طور استعمال ڪريون يا جيڪڏهن اسان کي ڪا معلومات گھرجي ته اسان ان کي معلومات حاصل ڪرڻ جي حد تائين استعمال ڪريون مطلب هي ته اسان انٽرنيٽ کي فضول ۽ ناڪاري ڪمن جي بجاءِ سٺن ۽ مثبت ڪمن لاءِ استعمال ڪريون پر افسوس ته ائين نٿو ڪيو وڃي.
اسان وٽ  سنڌ ۾انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جي اڪثريت انٽرنيٽ تي فلمون ڏسي وقت وڃائين ٿا،ڪي بي مقصد چيٽنگ ٿا ڪن ته ڪي وري سوشل ميڊيا تي بي مقصد شيون شيئر ڪندا آهن يا فضول ۽ لا حاصل بحث ۾ وقت وڃائين ٿا.ٻيو ته انٽرنيٽ کي فحش مواد ڏسڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري اسان جي ماڻهن خاص طور نوجوانن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.فحش مواد ڏسڻ جي ڪري انهن جون ذهني صلاحيتون ختم ٿي رهيون آهن،هو تعليم کان پري ٿي رهيا آهن،هنن جي اخلاقي حالت بدتر ٿيندي وڃي پئي،هو صحتمند سرگرمين کان پري ٿيندا وڃن پيا جنهن ڪري هو معاشري جي سڌاري لاءِ ڪم اچڻ جي بجاءِ ابتو ان جي بگاڙ جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ڪن حالتن ۾ ته فحش بيني جي اثر هيٺ هو سنگين ڏوهن جا مرتڪب ٿي ويندا آهن.اهڙن ڪيترن ئي واقعن جو مشاهدو اسان کي خبرن ذريعي ٿيو آهي.هاڻ ته ننڍا ٻار به انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن انهن تي به انٽرنيٽ جا ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جيئن انهن جو پڙهائي مان دلچسپي جو گھٽجڻ،تنهائي پسند ٿي وڃڻ،هڪ هنڌ ويهڻ جي ڪري انهن جي جسماني ۽ ذهني صحت متاثر ٿيڻ.
ٻار ۽ جوان قومن جو سرمايو هوندا آهن پر اسان سنڌي پنهنجو سرمايو وڃائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته ٻارن ۽ جوانن تي پوندڙ اهي ناڪاري اثر سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان جي سماج تي پئجي رهيا آهن.
انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال جي ڪري اسان جا ماڻهو هاڻ پنهنجي ويجھي ماحول کان اوپرا ٿيندا وڃن جنهن ڪري اهي ڄڻ هڪ قسم جي اڪيلائي جو شڪار ٿيندا وڃن.انٽرنيٽ کان اڳ ۾ ماڻهو جڏهن ڪنهن سان ملندا هئا ته ان کان پورا حال احوال وٺندا هئا ۽ پنهنجي آسپاس جي خبرچار رکندا هئا پر اڄ اسان ڏسون ٿا ته اسان جي ماڻهن کي دنيا جي ته خبر آهي پر پنهنجي آسپاس کان بي خبر آهن.هاڻ ماڻهو گھر ۾ هجن يا دوستن سان گڏ ڪچهري ۾ سڀني جون نظرون پنهنجي موبائل جي اسڪرين تي هونديون.اهڙي طرح اسان گڏ هوندي به هڪٻئي کان پري ٿي ويا آهيون.
پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي عرصي کان حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ماڻهو پنهنجن گھرن تائين محدون ٿيندا وڃن پيا.سنڌ ۾ هڪ ته تفريح جون جايون ۽ موقعا تمام گھٽ آهن ٻيو ته هتي جي ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي خوف وڪوڙي ويٺل آهن.ماڻهن کي خوف رهي ٿو ته جيڪڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن کان رقم،موبائل فون يا گاڏي وغيره ڦر ٿي سگهي ٿي،هو اغوا ٿي سگهي ٿو يا ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تان هلايل گولي جو کاڄ بڻجي وڃي.پنهنجن ٻارن جي ٻاهر نڪرڻ جي حوالي سان ب کيس اهڙي قسم جا خدشا رهن ٿا ته ڪو سندن ٻار کي اغوا نه ڪري وڃي يا ڪو وحشي هيروئني سونين والين جي پٺيان سندس نياڻي کي ڪو نقصان نه پهچائي وجهي.هاڻ ته معصومن سان زنا جا واقعا به وڌندا وڃن.
انهن ۽ اهڙين ٻين ڳالهين جي ڪري اسان جا ماڻهن ٻاهر نڪرڻ  کان لنوائين ٿا اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جي سوشلائيزيشن متاثر ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان سوشلائيزيشن جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهو نه فقط پاڻ گهڻو وقت انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا بلڪه پنهنجن ٻارن کي به انٽرنيٽ جي گهڻي استعمال کان منع ڪون ٿا ڪن ۽ پوءِ اتان کان ئي انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال جي ڪري ان جا ناڪاري اثر پنهنجي جاءِ وٺڻ شروع ڪن ٿا.

اسان جي معاشري جي سڌاري جي راهه ۾ٻين رڪاوٽن سان گڏ انٽرنيٽ جوغلط استعمال به هڪ اهم رڪاوٽ آهي تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان انٽرنيٽ کي سٺن ۽ مثبت ڪمن لاءِ ۽ ضرورت مطابق استعمال ڪريون ۽ ان جي غلط استعمال کان پاسو ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي سماج کي ناڪاري اثرن کان بچائي سگهون. 
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment