Sunday 27 March 2016

صدرالدين لاشاري پروفائيل



پروفائيل
ليکڪ: صدام لاشاري

صدرالدين لاشاري 

سوين سال اڳ هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترن ئي سماج سڌارڪ جنم ورتا ۽ پنهنجي سماج سان لاڳاپيل  هر ماڻهو جي ڀرپور مدد ڪئي.
اڄ به هن سونهن ڀري ڌرتي تي ڪيترائي سماج سڌارڪ موجود آهن جيڪي رنگ، نسل ۽ مذهب جي بجائي انسانيت کي وڌيڪ ترجيع ڏين پيا، انهن جو مقصد صرف ۽ صرف سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجا حق وٺرائي ڏيڻ ۽ انهن ۾ محبت پکيڙڻ آهي اهوئي سبب آهي جو هن ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃا تائين محبتن جا مور نچن پيا، سماج سڌارڪ جو مقصد هڪ ٻيو به رهيو آهي ته هو بي سهارن کي سهارو ڏي، بي گهر ک گهر ڏي، بيمارن کي مفت ۾ علاج فراهم ڪري ۽ انهن کي زنگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪري، اسان ۽ توهان جي آڏو سڀ کان اعليٰ مثال عبدالستار ايدهي جو آهي جو هن مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ خيراتي اسپتالون کولي ماڻهن کي مفت ۾ علاج ڏئي انهن جي زندگي ۾ خوشيون پکيڙيون ، 
جتي سماج سڌارڪ جي ڳاله هلي ۽ اتي بهترين سماج سڌارڪ کي ياد نه ڪرڻ ناانصافي هوندي ان سماج سڌارڪ به پنهنجي زندگي سماج لاءِ سپرد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي سماج ۾ اڄ به سماجي صدر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو  جنهن جو پورول نالو صدر الدين لاشاري آهي، هن هڪ ننڍڙي ڳوٺ صاحب خان لاشاري ۾ جنم ورتو جيڪو  5 ڪلو ميٽر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان اولهه تي آهي هن جو جنم 6 اپريل 1975ع ۾  ٿيو ، شروعاتي تعليم شهدادڪوٽ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ، هائر ۽ سڪنڊري تعليم ڪجهه وقت بعد ۾ ساڳئي شهر مان حاصل ڪيائين، مالي بحران جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت رڪاوٽون ڏسڻيون پيس، آخر ڪار وڏي جدوجهد سان اعليٰ تعليم لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ان دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻ ملهايو ۽ سٺين مارڪن  سان ڊگري پاس ڪيائين،

يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ هن پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ماڻهن کي تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو، سخت تنقيد ۽ رسوائي کان بعد ۾ آخرڪار هي پنهنجي سوچ  ۽ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ٻارن لاءِ هڪ ننڍو اسڪول کولرايائي ان اسڪول ۾ هي صبح جو ته ٻارن کي پاڻ پڙهائيندو هو پر ان سان گڏو گڏ شام جو ٻارن کي اتسائڻ لاءِ طرح طرح جو رانديون پڻ ڪرائيندو هو، تعليم سان گڏوگڏ هن ان ڳوٺ ۾ اخلاقي مهم هلائي جنهن جو اثر ماڻهن مٿان تمام گهڻو پيو ۽ ماڻهن هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت ۾ رهڻ لڳا، جيڪي پهريان صرف نفرت ڪرڻ ڄاڻيند هئا، سڀ کان وڏو سماجي صدر اهو ڪم ڪيو جو ڳوٺ اندر ڇوڪرِن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي مهم پڻ هلائي ڪجهه ماڻهن ناراضگي جو اظهار ڪيو ليڪن وقت تبديل ٿي چڪو هيو صدرالدين سڀن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري تعليم جا فائدا تمام نرم واري انداز ۾ ۽ سولي طريقي سان سمجهايا

آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هنن اهو ارادو ڪيو ته اڄ کان بعد ۾ عورت صرف گهر جي زينت نه بڻجي پر هن معاشري کي وڌيڪ  سڌارڻ لاءِ اهم ڪردار پڻ ادا ڪندي اهو ئي سبب آهي جو پهريان عورت کي پير جي جتي سمجهيو ويندو هيو، عورت کي ناڪارا اٻوجهه، سمجهيو ويندو هيو اگر عورت کي ڪنهن سان ڳالهائيندي ڏٺو ويندو هيو ته ان عورت کي غيرت جي بنياد تي قتل ڪيو ويندو هيو اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين جي ڪوششن سان اڄ ان ڳوٺ جو عورتن اعليٰ تعليم لاءِ مختلف شهرن ۾ زيِر تعليم آهن، 

صدرالدين لاشاري جي هڪ ننڍي ڪلينڪ ان ڳوٺ ۾ پڻ آهي اسڪول مان فارغ ٿي شام جو ڪلينڪ کي ٽائيم ڏيندو آهي ۽ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو آهي، هاڻي هن جي ڪوششن سان ڳوٺ  ۾  پڻ سرڪاري اسپتال کلي چڪي آهي جيڪا غريبن لاءِ تمام گهڻي فائدي مند آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا پنهنجا مسئلا صدرالدين لاشاري کان حل ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن هو وس آهر انهن جا مسئلا تقريبن حل ڪرڻ جو ڪوشش ڪندو آهي، 

هي ان پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻارن جي تقريري مقابلا، کليل جڳهه تي ڪرائيندو آهي ۽ سڀني ڳوٺ وارن کي پڻ گهرائي انهن ٻارن کي حوصلا افزائي ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪندو آهي ڪجهه وقت پهريان هن ڳوٺ ۾ ننڍي پيماني تي لائبريري کولڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني جيڪا ڪجهه ئي مهينن ۾ پوري ڪئي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو صدرالدين ان ويران ڳوٺ کي آباد ڪيائين ماڻهن جي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل ڪيائين، رسوائي ۽ غم کي خوشين ۾ تبديل ڪيائين،  ساڙ ۽ تعصب کي همدردي ۾ تبديل ڪيائين، ۽ محبتن جي مور کي هميشه لاءِ مرڪائي اهو هن ثابت ڪري ٻڌايو ته انسانيت ڪڏهن به مرندي ناهي ، ان ئي همدردي ۽ سٺائپ لاءِ اڄ به ڳوٺاڻا هن سان سچي دل سان محبت ڪندا آهن ۽ پنهنجو ڪو به ڪم هن جي ٻڌائڻ کانسواءِ ناهن ڪندا، صدرالدين جي ننڍڙي ڪوشش جي ڪري اڄ هو سڀ امن جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن.

نالو: صدام لاشاري
ڪلاس: ايم اي پريوس
رول نمبر: 52

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment