Wednesday 2 March 2016

چمبڙ جي مال پڙي - عبد الرزاق ڪنڀر Abdul Razaq Kumbhar

Good. Photos are needed
Chambbar Cattle Market by Abdul Razaq Kumbhar  
“چمبڙ جي  مال پڙي”  FEATURE:     
تحرير ؛     عبد الرزاق ڪنڀر،M.A(Pre) Roll No: 03
جهڙي طرح سٻا جهڙي  سنڌ جي سرزمين سرسبز شاداب ۽ زرخيز آهي بلڪل ائين ئي واپار جي لحاظ کان به گهٽ نه آهي واپار جي لحاظ کان هتي اسان چمبڙ شهر جي مال پڙي جو ذڪر ڪندا سين جنهن جو شمار سنڌ جي مشهور مال پڙين ۾ ٿئي ٿو.
چمبڙ جي مال پڙي ۾ ماهي،ڳائي ۽ ٻاڪري مال جو واپار ته وڏي پيماني تي هوندو آهي پر ان کان علاوه گڏهن،رڍن، ڪڪڙن،ڪبوترن ۽ ٻين پکين جو واپار پڻ ٿيندو آهي هراڱاري تي چمبڙ ۾ لڳندڙ پڙي مشهور ته مال پڙي جي نالي سان آهي پر هن ۾ استعمال جي شين کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تائين وڏو واپار ٿيندو آهي.
سياسي مداخلت کان پهرين هي مال پڙي چمبڙ شهر جي نالي واري شخصيت مرحوم رئيس حسين بخش جلباڻي لڳائيندو هو،پر جئين ئي مال پڙي ۾ سياسي مداخلت شروع ٿي ته مال پڙي تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن چمبڙ جو حصو بنجي وئي، هاڻي ڪافي سالن کان وٺي تعلقه ميونسپل آفيسر مال پڙي جو هر سال ٺيڪو نيلام ڪندو آهي جنهن ۾ مختلف ٺيڪيدار حصو وٺندا آهن پر مال پڙي ان ٺيڪيدار جي حصي ۾ ايندي آهي جنهن وٽ ٿوري گهڻي سياسي سپوٽ هوندي آهي.
گذريل ٻن ٽن سالن کان هي مال پڙي حيدرآباد جي ٺيڪيدرا محمد عمران قريشي وٽ ٺيڪي تي آهي جنهن سان ٻيا ڀائيوار به آهن، موجوده سال2015.16ع ۾ مال پڙي جو ٺيڪو هڪ ڪروڙ ، چوونجاهه لَکن ۾ ڏنو ويو آهي. هڪ ڪروڙ ، چوونجاهه لک سرڪاري خزاني کي ڏيندڙ هن پڙي جي آمدني ڪيتري آهي ان جو جائزو وٺجي ٿو.
هر مال پڙي واري ڏينهن وڏي مال جا(جن ۾ سوئا ۽ ڪٽو شامل آهن)  تقريبن هڪ سئو رسيد بڪ نڪرندا آهن ٻاڪري مال جا 20 کان 30 رسيد بڪ نڪرندا آهن ۽ گيٽ پاس جي پرچين جا 15 کان 20 بڪ نڪرندا آهن.وڏي مال ، ٻاڪري مال ۽ گيٽ پاس جي في پرچي جي رقم ڪيتري هوندي آهي ، خريدو فروخت ٿيندڙمال مان ٺيڪيدار جي آمدني ڪيتري ٿيندي آهي اها هن طرح آهي.
سوئا ڍور جي في پرچي تقريبن 1400/= روپيه.
ڪٽو ڍور جي في پرچي  تقريبن 1000/= روپيه.
ٻاڪري مال جي في پرچي  تقريبن 20 کان 40 روپين تائين.
گيٽ پاس جي في پرچي تقريبن 10 کان 20 روپين تائين .
ٺيڪيدار جي هٿن مان نڪرندڙ رسيد بڪ تقريبن اڪثر پرچين ۾ ختم ٿي ويندا آهن. باقي ڪي ٿورا واپس ٿيندا آهن، ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو ته 70% سيڪڙو رسيدون ڪٽجي وينديون آهن.
 هي مال پري سنجر چانگ ،ميرواهه گورچاڻي روڊ تي لڳندي آهي جنهن جاءِ تي لڳندي آهي اها ايراضي اندازن ، ست ، اٺ ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ اهو پلاٽ سيّد خادم علي شاهه نالي هڪ با اثر شخصيت  جو آهي جنهن کي هر ماهه هڪ لک اٺهٺ هزار روپيه مسواڙ ملندي آهي .هن مال پڙي ۾ مختلف جانور جي واپار جا مخصوص هنڌ آهن جنهن ۾ سوئا ڍور جي جاءِ الڳ ، ڪٽو جي الڳ ، ڳائي جي الگ ، گابا ، گابيون ، پاڏا، پاڏيون، الڳ الڳ بهيندا آهن .ٻاڪري مال جي پڙي لاءِ مخصوص جڳهه رکيل آهي، گڏهن جو الڳ پاسو آهي، ته ڪڪڙن ۽ پکين جو الڳ پاسو رکيل آهي مال پڙي وارو روڊ جيڪو سنجرچانگ کان ٿيندو ميرواهه گورچاڻي ڏانهن وڃي ٿو اهو روڊ تقريبن هڪ ڪلو ميٽر  تائين گاڏين ۽ واپار جي اسٽالن سان ڀريل هوندو آهي ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوغلام علي کان ايندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارن سان چمبڙ شهر جو مين روڊ به بلاڪ ٿيل هوندو آهي جيڪو ڏسڻ وارن کي شاهراھ فيصل جو ڏيک ڏيندو آهي سيڪيورٽي تي مقرر ڪيل پوليس جا جوان انهن گاڏين کي هٽائي سائيڊ تي ڪري مال پڙي واري رستي ڏانهن موڪليندا رهن ٿا اهڙي طرح اهو گاڏين ۽ واپارين جي اچڻ  وڃڻ  جو سلسلو صبح  کان وٺي شام جو سج لٿي تائين جاري رهندو آهي.
سڀ کان اهم ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته مال جي واپار کان سواءِ ٻين شين جو واپار به عروج تي هوندو آهي ان ۾ سبزيون ، فروٽ ، مشروبات ، هوٽلون ، برياني جا  ننڍاگاڏا ۽ وڏا اسٽال ريهڙن تي موجود کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال، ڪپڙي جو واپار، جوتين جو واپار، اليڪٽرونڪس  شين جو واپار، انسان جي روز مره جي استعمال ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال، ايستائين جو پيئڻ جوسادو پاڻي به ماڻهون وڪڻي پنهنجو گذران ڪن ٿا . مال پڙي اچڻ کان هڪ ڏيهن پهرين  يعني سومر جي ڏينهن چمبڙ شهر ۽ پسگردائي جا ماڻهو اڱاري( مال پڙي) جي تيارين ۾ لڳي ويندا آهن نه رڳو مال پڙي ۾ اچي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو پنهنجي روزگار جون تياريون ڪندا آهن پر چمبڙ شهر جا دوڪاندار به پنهنجي دڪانن ، هوٽلن ، ڪئبينن، ريهڙن، گاڏن، سبزين، فروٽن، گوشت ۽ ٻين زندگي جي ضروريات جي شين کي اڱاري جي ڏينهن لاءِ خاص گهرائيندا آهن چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اڱاري جو ڏينهن  چمبڙ جي عوام لاءِ ڄڻ هڪ ميلي جو ڏينهن هجي چمبڙ ۽ پسگيردائي جي ماڻهن لاءِ اڱاري جو ڏينهن “جنگل ۾  منگل” جو ڏيک ڏيندو آهي مال پڙي واري ڏينهن تي چمبڙ شهر جو ڪاروبار انتهائي عروج تي هوندو آهي. اهڙا به ماڻهو هوندا آهن جيڪي صرف هڪ اڱاري جو ڏينهن ڪمائيندا آهن  ۽ پورو هفتو ويهي کائيندا آهن.
مال پڙي جي ويجهو وڃڻ سان ئي شربت واري لاهوتي جو ڪنن تي آواز پهچندو آهي ته، لاهوتي جو علان آ ، 10 روپيه گلاس آ ، ڀري ڏي ڀاءُ کي ، پي تيرا ٺنڊا هووي جئ، ته ڪنهن پاسي کان اها آواز ايندا هليا ڀاءُ آلو ڀلا 25 روپيه ڌڙي بصر 40 روپيه ڌڙي، ڪپڙي وارو چوندو هليا سوپر ڪپڙو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي نقالون سي هوشيار، برياني وارو پنهنجي انداز ۾ سڏ ڪندو کاءُ V.I.P برياني 25 روپيه پاءُ.
 پڙي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ئي، نظر وڃي ڀلوڙ ڪاري مينهن تي پوندي، جنهن کي ڪنوار جي هار وانگور ڳاڙهن پيلن ۽ ساون موتين جي مالا ڪنڌ ۾ پئي هوندي  آهي پنهنجن ڪارين ڪجلين اکين سان اشارو ۽ وڏي ڀانء سان رڙ ڪري واپارين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي آهي. ٿورو پريان ڏسبو ته ڳائو مال پنهنجي سڱن تي تيل لڳل سڱ ائين اڀا ڪريو بيٺو هوندو جهڙو تازو لوهار کان  ڪات ٺپرائي آيو هجي.  ٻاڪري مال کي ڏسبو ته هو ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ناز نخرا ڪريو پنهنجو پاڻ کي پيو وڻائيندو. مال پڙي ۾ گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن، واپارين ، روزگار ڪندڙن، ڏانهن نظر ڊوڙائبي  ته ائين محسوس ٿيندو  ڄڻ ڌوڙ جي دنيا جا رهاڪو هجن ، وار وکريل ، غبار آلود، منهن  تي مٽي  جا تھ چڙهيل ڪن جا ڏنڊ ڦڪا سوگ ڏياريندا ته ڪن جا پان سان ڀريل جيڪي نه ماڻهون ڏسن نه ميڙ جتي ڪٿي ڦڙچڪ، ڦڙچڪلڳائي ويٺا هوندا آهن ،
 جتي چمبڙ جي مال پڙي تعلقه ميونسپل ايڊمينسٽريشن آمدني ۽ چمبڙ جي عوام جي لاءِ روزگار جو وڏو ذريعو آهي ته ان سان گڏ ڪافي مئسلن جي به ورچڙهيل آهي جهڙوڪ، صفائي جو ناقص انتظام، پاڻي جي اڻهوند، ٽريئفڪ جا مئسلا، گرمين ۾ مال ۽ ماڻهون لاءِ ڇانوء جا بهتر اپاءُ نه هجڻ، واپارين لاءِ ڪا به نه ويهڻ جي نه ئي بيهڻ جي سهولت، پهرين وڻ موجود هوندا هئا جيڪي ڪجهه ڇانوَ ڪندا هئا پر انتظاميا جي غفلت جي ڪري اهي وڻ به سڪي ويا آهن ، باقي ڪي چند رهيا آهن گاڏين جي گهڻي آمدورفت جي ڪري چمبڙ جو مين روڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيو وڃي.انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪافي مسئلا آهن جيڪي مال پڙي جي ڏينهن درپيش اچن ٿا،- 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment