Wednesday 9 March 2016

Interview with poet Parwano Bhatti

Foto of Parwano Bhatti sb is needed. 

Interview with Parwano Bhatti - by Dure Shahwar Mirza
دُرِ شھوار مرزا ماس ڪميونيڪيشن 2 K16 
ڪلاس: M.A (Previous) 
(انٽرويو)
پروانو ڀٽي صاحب
نامياري صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي سان ڳالھ ٻولھ اسين پھنجي گھر ۾ مسافر مسافر....
اسان جي مھمان شخصيت محترم سائين پروانو ڀٽي صاحب 16 فيبريري 1934 تي ضلع دادوءَ جي هڪ ننڍري ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندن اصل نالو ميوه خان رکيو ويو. سندن والد صاحب نالو گل محمد ڀٽي هو. ننڍئَ عمر ۾شاعري شروع ڪيائون. شروع ۾ سندن تخلص “جوهر” پوءِ “ميرل” “آزاد” ۽ 1950 ۾ شاعري لاءِ موجوده تخلص “پروانو” اختيار ڪيائون. پروانو صاحب 1949 ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري ٽيچر ٿيا. 1953 ۾ تپيداري ڪاليج ۾ داخل ٿيا. هي امتحان پاس ڪري ڪجھ وقت تپيدار به ٿيا. 1947 کان شاعري شروع ڪيائون، 1953 ۾ نامياري شاعر ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کي شاعري ۾ پهنجو استاد ڪيائون. صحافت سان دلچسپيءَ جي ڪري روزاني هلال پاڪستان ۽ عبرت اخبار کان صحافت جو سفر شروع ڪيائون ۽ وڏو نالو ڪيائون. اخبارن ۾ قطع نگاري سبب به وڏي شهرت حاصل ڪيائون. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پبلڪ رليشن آفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون اٿن.
سنڌي صحافت ۽ شاعريءَ لاءِ پاڻ سڄي حياتي بهترين خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا آهن پر ڏک جي ڳالھ آهي ته سندن ڪو به شاعريءَ جو ڪتاب اڃان تائين شايع نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ هن وقت 82 سالن جا آهن.
سنڌ جي هن معروف شخصيت پروانو صاحب کان مهنجو پهريون سوال هي هئو...

سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، پهرين لکڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟

جواب:  مون لکڻ  جي  شروعات  1948 کان  ڪئي، 1947 ۾ سنڌي فائنل امتحان پاس ڪيو. پوءِ 1948 ۾ آئون ٽيچر ٿيس سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق  ننڊي هوندي کان هو، 1948 ۾ مون شاعري ڪئي، 14 آگست 1947 جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته آئون هڪڙو ننڊو گوٽ آهي بدين هينئر بدين ضلو آهي هُن زماني ۾ حيدرآباد ضلعو هو ڪڊهڻ هڪڙو ننڊو گوٽ آهي. هن ڪڊهڻ جي پرائمري اسڪول ۾ جيڪا صُبح جو اسمبلي ٿيندي هُئي ان اسمبلي ۾ مون شعر پڙهيو هو “پيارو پاڪستان” مون جو لکيل پهنجو پڙهيو اها مهنجي شاعري جي ابتدا هئي حيدرآباد مان هُن زماني ۾ هڪڙي اخبار نڪرندي هُئي “هلالِ پاڪستان” جيڪا هاڻ ڪراچي مان ٿي نڪري. اُن هلالِ پاڪستان ۾ آئون اُهي مضمون ٻارن جي ٻاري ۾ يا جنرلي طرح سان آئون لکندو هئس، پو اِهي منهجي اُهي لکڻيون پهريون پهريون اُتي ڇپيون.

سوال: اوهان ادب ۾ آيا ته پهرين شاعر ٿيا يا صحافي؟

جواب: ادب  ۾ هي  ٻئي  الگ  شيئون  آهن، هر صحافي اديب نٿو ٿي سگهي پر هر اديب صحافي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ڪو صحافي چوي ته مان اديب آهيان ته اهيو ڏاڊو مشڪل آهي پر ڪو اديب چوي ته آئون صحافي آهيان اهيو ٿي سگهي ٿو. حيدرآباد اسلاميه دارلعشاء قرآن پريس هوندي هئي جنهن جو مالڪ محمد عثمان ڏپلائي هو. آئون ڏپلائي سائين جي آفس ۾ ويس منهجي عمر 19، 20 سال هئي. مون ڪڏهن به ڏپلائي صاحب کي ڪون ڏٺو هو، ٻه ٽي بزرگن سان ويٺا هئا. ڪچهري لڳي پئي هئي، مون ٻڌايو ته منهجو نالو ميوه خان آهي اهيان آئون پرواني جي نالي سان مشهور ڪون هُئس. مون ٻڌايو ته مون سنڌي فائنل ڪڊهڻ جي شهر مان پاس ڪئي آهي ته ڏاڊو خوش ٿيو ته ٿر آهي مونکي چئين ته پاڻ ڳوٺائي آهيون مون چيو ها ڳوٺائي آهيون ڏپلائي صاحب مون کان پهريون سوال ڪيو ته نوڪري ڪندي اخبار ۾ ڪم ڪندي مون چيو ها اخبار ۾ ڪم ڪندس.رپيو روز جي حساب سان مون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪيو 30 رپيه مهينو. مون جيڪو روزگار پنهنجو ڪيو آهي پنهنجي محنت سان ڪيو آهي. ائين آئون صحافت جي دنيا ۾ آيس.
سوال: صحافت ۾ توهان ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪيو؟

جواب: صحافت ۾ مون  ابتداء  ڪئي هلالِ پاڪستان کان پر ڇا ڪاڻ  ته ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندي جيڪا عبرت اخبار ڊيلي آهي اُها هُن وقت هفتي وار نڪرندي هُئي ۽ ڏپلائي صاحب جو ڪتابي سلسلو هو عبرت ماهوار ڪتابي سلسلو پو ان ماهوار ڪتابي سلسلي ۾ ڏاڊو مشهور شعر هوندو هو.

یارب یہ التجا  ہے کرم  تو  اگر  کرے
وہ بات دے قلم کو  جو دل پر اثر کرے
اهيو ڪتاب جي مٿان لکيل هوندو هو ۽ جيڪو ڏپلائي صاحب مضمون لکندو هو اُن جي مٿان اهيو شعر هوندو هو ۽ ٻيو عبرت اي اکيون وارا عبرت حاصل ڪيو. قرآن شريف جي آيت آهي. هن جي هيٺان لکبو هو عبرت وٺو. پو اُتي اهيو مون صحافت جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو. ڊيلي هلالِ پاڪستان پنهنجو هڪڙو نمبر ماهوار ايڊيشن ڪڊيو ته مونکي آفر ٿي ته توهان ماهوار ايڊيشن ۾ اچي ڪم ڪيو. پوءِ مون ماهوار ايڊيشن ۾ ڪم ڪيو. مونکي ماهوار ايڊيشن ۾ انچارج ڪيو ويو. عبرت ۾ مون کي مرحوم شيخ علي محمد تمام وڏو نالو آهي. سنڌي صحافت ۾ اُهو مونکي وٺي آهيو. 21 سال لاڳيتو مون عبرت ۾ ڪم ڪيو. شيخ صاحب پنهنجي اخبار ڪڊي قلعي جي پاسي مان آفتاب اخبار گول بلڊنگ جي ڀرسان اُن ۾ به مون ڪم ڪيو، ته مون هلالِ پاڪستان، عبرت ۽ آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪيو.
سوال: توهان  صحافت  ۾ رپورٽنگ  سان  گڏ  ڏاڊا  زبردست  قطعه  به اخبارن ۾ لکيا آهن، اُهي ڪهڙن موضوعن کان متاثر ٿي لکندا هُئا؟
جواب: قطعه سنڌي ادب ۾ تمام گهڻا  لکيا ويا  آهن ۽ سُٺن شاعرن لکيا آهن جن ۾ منهنجا ڪيترا استاد شاعر هئا جيڪي مون کان سينيئر هئا. شاعري ۾ منهنجو استاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل هو ۽ اُن جي نظرداري ۾ مونکي اهيو تخلص آهي جيڪو پروانو مليو نه ته منهنجو تخلص شاعري ۾ ميوه خان ميول هوندو هو تڏهن تخلص جوهر به رکيو ويو پر پوءِ مرحوم استاد مونکي چيو ته تون اسان جو پروانو آهين ته بس هاڻ تون پروانو ٿي وڃ اهين آئون پروانو ٿي ويس. شاعر و شاعري ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هي صنف جيڪا آهي ان جو گهٽ استمال پيو ٿي غزل لکجن پيا، گيت لکجن پيا پر هن پاسي روبائي ۽ قطعه تي ڪير توجه ڪونه ٿو ڏي هالانڪي اڳ ۾ شعراء ڪرام لکندا هئا. آئون خوش نصيب هُنن شاعرن مان آهيان. منهنجي الله جا لک لک مون تي احسان ۽ ڪرم آهن منهنجي رب جا جو مون پنج هزار قطعه لکيا.
سوال:هن وقت تائين توهان ڪيترا قطعه  لکيا  آهن  ڇا  انهن  جو  ڪو مجموعو مرتب ڪيو اٿو؟ 
جواب: مون پنج  هزار  قطعه  لکيا  آهن پر ڪو مجموعو آئون  مرتب  نه ڪري سگهيو آهيان ڇو ته منهنجا مالي حالات اهي نه آهن ته منهنجي ڪا ڪتاب ڇپجي يه آئون ڇپرائي سگهان.
سوال: اوهان جو والد  صاحب  ته  پوليس  ۾ هو  پوءِ  اوهان  پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: بابا  سائين جو خيال  منهنجي متعلق پوليس لاءِ نه هو، بابا سائين جو خيال هو ته آئون تپيدار ٿيان. هُن زماني ۾ تپيدار وڏي نوڪري هُئي.
سوال: خبر  پئي  آهي  ته توهان  تپيداري  جو ڪورس به ڪيو، پوءِ ان شعبي ۾ ڇو نه ويا؟
جواب: مون 1953 ۾ تپيدار ڪاليج  ۾ داخلا  ورتي. آئون  تپيدار  پڙهي پاس ٿيس پنج، ڇهه مهينا نوڪري ڪيم بيمار ٿيس مون تپيداري ڇڏي ڏني. ڏهين جو آئون تپيدار اسڪول ۾ ۽ شام آئون ڏپلائي صاحب وٽ ڪم ڪندو هُئس.


سوال: شروع ۾ توهان پرائمري استاد به هُئا، اها نوڪري ڪيترو وقت  ڪيوءَ ۽ ڇو ڇڏيوءَ؟
جواب: پنج  سال مون ماستري  ڪئي  مختلف  اسڪول هُئا. حيدرآباد ضلعو هو هُن زماني ۾ بدين ضلعو اڄان نه ٿيو هو. بدين تعلقي ۾ ماتلي تعلقي ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو، حيدرآباد تعلقو، هالا تعلقو انهن سڀنن ۾ مون نوڪري ڪئي. چار، پنج مهينا، ڪٿي سال ڪٿي ڏيڊ سال نوڪري ڪئي. آخري منهنجي نوڪري جيڪا هُئي سا هالا تعلقي جي تاجر لغاري اسڪول جيڪو اڄان تائين هُتي اسڪول آهي. منکي وري اخبار جو شوق تنهن ڪري مون ماستري ڇڏي ڏني.


سوال: توهان  مشاعرن ۾ ادبي گڏجائين  جا  اسٽيج  سيڪريٽري به رهيا آهيو ڪي يادگار محفلون جن ۾ توهان جي سامهون وڏيون  وڏيون هستيون ويٺل هيون؟
جواب: آئون ادبي ڪانفرنس جو اسٽيج  سيڪريٽري  هوندو هُئس. سچل سرمست جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي، پهرين ادبي ڪانفرنس ٿي ائون اسٽيج سيڪريٽري هُئس، 1963، 1964 ۾.هڪڙو سال پوءِ 1964، 1965 ۾ قلندر لال شهباز جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس. سسي جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ٿي آئون اسٽيج سيڪريٽري رهيس.آئون هٿي سنڌي ادب جي اندر جيڪي وڏيون  ادبي آرگنائزيشن آهن جمعيت شعرائي سنڌ سڄي سنڌ جي شاعرن جي آرگنائزيشن هُئي آئون ان جو ميمبر به رهيس پو جڏهن آئون ڊاڪٽر شيخ محمد آبراهيم خليل وٽ آيس تڏهن آئون بدمِ خليل جو ميمبر رهيس. قبله مخدوم محمد زما طالبعلم مولا بدمِ طالبعلم مولا قائم ڪئي هُئي ان جو به ميمبر رهيس. ٽنڊي محمد خان ۾ اسان ازان بسمل قائم ڪئي بدمِ ادب قائم ڪئي. 1954 ۾ ڌاري سنڌي ادبي سنگت مون قائم ڪئي. ٽنڊي محمد خان جيڪا اڄان تائين آهي. چونڊون ٿينديون آهن هر سال آئون ان جو مُحرڪ رهيس شروع کان وٺي. پو ٿورو وقت 2000 ڌاري 2001 ڌاري بدمِ روح ريحان مون قائم ڪئي امين سنڌي جي گهر جيڪا اڄان تائين آهي.
سوال: توهان هڪ سنڌي فلم “محبوب مٺا” ۾ ڪم به ڪيو، اهو تجربو ڪئين رهيو؟
جواب: سٺو رهيو! ان جو هڪڙو داستان اهيو آهي ته آئون ڪو فلم جي لاءِ ويو ڪون هئس. سنڍي فلم هُئي “پرديسي” ان فلم جي لاءِ مون کي ۽ مصطٓفي قريشي کي چونڊيو ويو، آئون ڏاڊو خوش هُجان مون اچي گهر ڳالهه ڪئي ٽنڊو محمد خان، بابا سائين پوليس ۾ هو مون جو بابا سائين کي ٻڌايو ته فلم ۾ ڪم مليو آهي پر مونکي اجازت ڪانه ملي.1970 يا 1971 ۾ منهنجو دوست هوندو هو الطاف عباسي، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٽيڪسيشن ڪراچي. جڏهن به ڪراچي ويندو هُئس هُن وٽ رهندو هُئس. هڪ ڏينهن ڪراچي گُهمائڻ لاءِ وٺي هليو ۽ هڪ اسٽوڊيو ڏيکارئين جتي فلم محبوب مٺا تي ڪم په هليو. اُتي فلم جي پروڊيوسر سان ملياسين هُن مونکي چاچا ڪري سڏيو، منهنجي واقفيت هي ڪانه هُئي مون سمجهو آئون عمر ۾ وڏو آهيان تنهن ڪري چاچا ڪري سڏي ٿو، پُڇئين! توهين بيراج ۾ تپيدار هُئا، مون چيو ها هُئس، محترم مقداد گورماڻي هو مون چيو ها هو چئين آئون ان جو پُٽ آهيان توهان بابا وٽ ايندا هُئا ته اسين تڏهن ننڊڙا هُئاسين تنهن ڪري آئون چاچا چوان ٿو، آئون پنهنجي فلم محبوب مٺا پيو ٺاهيان ان ۾ هڪڙو پارٽ آهي مهرباني ڪري توهان ڪريو ۽ آئون اداڪار ٿي ويس. منهنجو تجربو سٺو رهيو پر ماحول مونکي پسند ڪونه آهيو اِن ڪري مون ڪي ٻي فلم ۾ ڪم نه ڪيو.

سوال: ڇا توهان پنهنجي آٽو بايو گرافي يا زندگي جو احوال لکو پيا؟
جواب: ها مون هڪڙو احوال لکيو هو امرتا رسالو نڪرندو هو پو اُن ۾ هڪڙو منهنجو شعر هو منهنجي پنهنجي زندگي جي متعلق ته،

ڪتاب  زندگي  جا  ورڪ  ويٺو  هاڻي  اُٿلايان
ڪمائي هيتري ساري سا ڪهڙن سلسلن ۾ وئي
ڪيم جو شاعري ته لاءِ ساگم ٿي ڪاغذن ۾ وئي
آئون لکندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن. ڪتاب زندگي جا ورڪ جي عنوان سان امرتا رسالو حيدرآباد ۾ نڪرندو هو اُن ۾ 18 ڪستون پنهنجي زندگي جون لکيون.


سوال: توهان سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيڻ پسند ڪندوءَ؟
جواب: سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪڙو هي پيغام آهي ته “شاه عبدالطيف ڀٽائيؒ کي پڙهن.

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 
#ParwanoBhatti

No comments:

Post a Comment