Wednesday 2 March 2016

پکين سان محبت

Not according to approved outline
پکين سان محبت

عبدالغفار وڌو 
محبت  ۽ نفرت انسان جو هڪ فطري عمل آهي، جڏهن اسان کي ڪجهه پسند ايندو آهي ته هو ان کي ڏسي ڏاڍو
 خوش ٿيندو آهي، يا ان سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه پسند نه ايندو آهي ته هو ان ڏانهن ڏسندو ئي ناهي يا ان سان نفرت ڪندو آهي، ائين ئي هر انسان جو نظريو به پکين جي باري ۾ ساڳيو هوندو آهي، اڪثر توهان ۽ اسان پنهنجي ماحول ۾ ڏٺو آهي ته گهڻا ئي ماڻهو پکين سان ڏاڍي محبت ڪندا آهن، ايتري قدر جو انهن کي وقت سر کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ انهن جي استعمال جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون به مهيا ڪندا آهن، آءُ ڪجهه ڏينهن پهريون حيدرآباد ويو هئس ته اوچتو منهنجي نظر هڪ پڃري واري تي پئجي وئي، جنهن وٽ ڪبوتر، طوطا، رنگارنگين جهرڪيون موجود هيون، مون سوچيو ڇو نه پکين جي باري ۾ ڪجهه پڇيو وڃي ته مون ان کان سوال پڇيو ته ماڻهو توهان کان پکي خريد ڪرڻ ڇو ايندا آهن؟ سوال جي جواب ۾ ان چيو، ڇو جو پکي اُهو خريد ڪندو آهي، جنهن جي انهن سان محبت هوندي آهي، اڪثر ماڻهو پکي خريد ڪري انهن کي گهرن ۾ پاليندا آهن ۽ ڪجهه وري انهن کي خريد ڪري اڏاري (آزاد ڪري) ڇڏيندا آهن ۽ ان جو اهو به چوڻ هو ته تقريبن ڪبوتر اڏارڻ يعني آزاد ڪرڻ لاءِ ۽ طوطا گهر ۾ پالڻ لاءِ ماڻهو وٺندا آهن. 
پکي قدرت واري جي هڪ خوبصورت مخلوق آهي، هي خشڪيءَ جو سفر ڪري نوشهروفيروز، ڪوهاٽ، سوات، چترال، پنجاب، هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍن ۾ اچي پوندا آهن. سڄي دنيا مان هجرت ڪري اچڻ وارن پکين جو تعداد هر سال 700,000 کان 1,200,000 تائين هوندو آهي، جيڪي سياري جي موسم گذارڻ لاءِ پاڪستان جو رُخ ڪندا آهن. 
سوال: پکي پاڪستان ڇو هجرت ڪندا آهن؟ 
ڇو ته سياري جي موسم ۾ يورپين ملڪن ۾ ٿڌ تمام گهڻي هوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نوان نوان خوبصورت پکي افغانستان جو رستو استعمال ڪندي پاڪستان جي خوبصورت ندين ۽ تلائن تي نظر ايندا آهن، جيئن ئي هي ڪنهن ملڪ ۾ پهچن ٿا اُتان جا ماڻهو انهن جي خوبصورتي ۽ قدرت جي طرفان پيدا ڪيل نظام کي ڏسڻ ايندا آهن وري اڪثر انسان هنن جو شڪار ڪندا آهن، شڪاري سياري جي موسم کي شڪار جي موسم به چوندا آهن، اهي هر روز 30 پکين کان وڌيڪ شڪار ڪندا آهن. 1970ع کان اڳ ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪري اچڻ وارن پکين لاءِ ڪي مخصوص قائدا ۽ قانون نه هئا، پوءِ ايران ۽ جرمني ٻنهي ملڪن ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هجرت ڪري ايندڙ پکين جي حفاظت ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان انهن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، پر هتان جا شهري قانون مطابق نٿا هلن. حڪومت کي گهرجي ته هو پڙهيل، لکيل ۽ سمجهدار ماڻهن کي پکين جي حفاظت واري ذميواري ڏي جيئن انهن جو باقي وجود رهي سگهي. 
پکين جي تحفظ لاءِ ڪراچي ۾ ماڻهن هڪ تنظيم جوڙي وي آهي، جنهن جو نالو “PFAR” آهي، هن تنظيم جو مقصد آهي، جانورن ۽ پکين جي حقن جي باري ۾ جاکوڙڻ يعني پاڪستان جي ڪهڙي به حصي ۾ اگر پکين کي ماريو وڃي ٿو، يا انهن ۾ ڪا بيماري پکڙجي وڃي ٿي ته ان جي مدد لاءِ هي تنظيم هر وقت تيار رهندي آهي، هي اسان جي معاشري ۾ خوبصورتي جو پسمنظر ڏيندا آهن، هنن جو خوبصورت آواز دل کي سڪون پهچائيندو آهي. 
ڇا توهان کي خبر آهي ته سڄي دنيا ۾ پکين جا 9000 کان به وڌيڪ قسم آهن ۽ پاڪستان ۾ پکين جو تعداد تمام گهڻو آهي، هتي 6 يا 7 سؤ پکين جا قسم آهن، سٺو ماحول، بهتر زندگي ۽ کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ انسان ئي نه پر جانور ۽ پکي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي لڏ پلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن، ڪجهه ته تمام تيز ٿڌن علائقن کان هزارين ميٽرن جو سفر ڪري گرم علائقن ۾ رهندا آهن، پر جيئن ئي انهن جي پنهنجي علائقي جي موسم وچٿري ٿيندي آهي ته هي وري واپس پنهنجي علائقن ڏانهن رُخ ڪندا آهن. 
اسان جي ماحول ۾ پکين سان نفرت ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي هنن سان محبت ته نه ڪندا آهن پر انهن کي نفرت جو شڪار بڻائي ماريو پيو وڃي، جيڪڏهن معاشري اندر پکين سان اهو ئي رويو رهيو ته هڪ ڏينهن اسان جي ماحول جي خوبصورتي بلڪل ختم ٿي ويندي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي ماحول جي سونهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايون. 

عبدالغفار وڌو 
M.A Previous (Mass Communication)
University of Sindh
2K16-MMC-02

No comments:

Post a Comment