Sunday 27 March 2016

پرو فائل شيخ عزيز


پرو فائل  شيخ عزيز 
درِشھوار مرزا
2K16-MMC-19
M.A Previous
جناب شيخ عزيز ____ جديد سنڌي صحافت جو
MILE STONE
ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇي واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب سيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾
به نالو ڪڍيو.
 ننڊي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھانه لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمرئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ غزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون. 

پاڻ ڇا ڪاڻ ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاته حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيوويو، شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھجي جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريه لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا، 
ھي دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبه قائم ٿي چڪا ھئا، ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ تحرير ڪيو”عملي صحافت“ 

ھاڻي 1978 ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ جناب خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جناب شيخ غزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. 1978 ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھ نمايا نالا آھن -- آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي،آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا. 
شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو، سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اردو ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھائين، سنڌ جي موسيقي ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃان منتظر آھي. 

جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردو کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھجو پاڻ مڃرايائون ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏوگڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪ انگريزي ۾ لکيا، ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتون آڍار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. 

شيخ صاحب پيدائش جو سال 1938 سالگره جي تاريخ آھي 09 ڊسمبر ھن وقت 78 سالن جي ڄمار ۾ به ساڳي تازهيءَ سان ڊان اخبار لاءِ ڪيترن ئي تاريخي واقعن بابت مضمون لکندا رھندا آھن. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سيئر ڪري چڪا آھن ، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان 1965 ڍاري پاڻ جرنلزم جي سنڌ حاصل ڪيائون. 
پاڻ ھن وقت تائين ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد، شاندار سفرنامو لکيائون. “مون لينن جو ڏيھه ڏٺو” شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن. جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي.
Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi 

Department of Media and Communication studies University of Sindh, Jamshoro 

No comments:

Post a Comment