Wednesday 2 March 2016

ڄامشورو جون ڪالونيون Faheem Memon

Feedback later . Photo needed.
U did not observe para.
There is no human angle, issues, problems etc. Some private people have also  constructed buildings etc.
Faheem Memon

آرٽيڪل
ڄامشورو جون ڪالونيون                                             

فهيم احمد ميمڻ

ڄامشورو سنڌ جو هڪ بهترين شهر آهي. جنهن ۾ سنڌو درياءِ جي پيٽ تي ڪوٽري بئراج اڏيل آهي. ڄامشوري ۾ ٽي يونيورسٽيون پڻ آهن جن يونيورسٽين ۾ سڄي دنيا مان  شاگرد پنهنجي علم جي انڃ اجهائڻ اچن ٿا. ڄامشورو شهر پنهنجي ٿڌي هوائن جي ڪري مشهور ته آهي ئي پر ڄامشوري ۾ ڪوٽري بئراج تي ٺهيل مشهور المنظر نالي هوٽل پڻ مشهور آهي.

ڪوٽري بئراج جي ساڄي هٿ تي المنظر هوٽل کان اولهه  طرف ٻه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻه سرڪاري ڪالونيون آباد آهن. هنن ڪالونين ۾ مفاصلو صرف هڪ قبرستان جو آهي هڪ ڪالوني  جو نالو آر. بي . بي ڪالوني ۽ ٻيءِ جو نالو ايم. سي. پي واپڊا ڪالوني آهي. هنن ڪالونين جي اَڏاوت سرڪار پاران ڪوٽري بئراج جي ٺهڻ کان ڪجھ وقت اڳ ۾ ڪرائي وئي.  هنن ڪالونين ۾ عام ماڻهن سان گڏ سرڪاري ادارن جا ملازم رهن ٿا جن ۾اڪثريت واپڊا ۽ ايريگيشن جي ملازمن جي آهي 

ڪالونين ۾ ٺهيل گهرن جو تعداد لڳ ڀڳ ارڙهه سئو کان اڻويهه سئو ٿيندو. هنن ڪالونين جا ماحول تمام سڪون بخشيندڙ آهي ۽ ماڻهون پيار محبت ۽ ايڪي اتحاد  سان رهن ٿا.  هنن ڪالونين ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ الڳ الڳ  فٽ پاٿن سان گڏ ڪشادا رستا ٺهيل آهن جتان ڪالونين ۾ رهندڙ عوام ۽ ٻين ماڻهن جو اچڻ وڃڻ  ٿئي ٿو. ڪالونين ۾ ڊرينيج لاءِ هر گهٽيءِ ۾ ناليون ٺهيل آهن جن جي ذريعي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڪالونين کان ٻاهر موڪليو ٿو وڃي ۽ واٽر سپلاءِ جي لاءِ به سرڪاري ٽانڪيون ٺهيل آهن جن جي ذريعي استعمال جو پاڻي جمع ڪري گهرن تائين پهچايو ٿو وڃي.  ڪالونين ۾ ڪواٽر نموني گهر ٺهيل آهن جن ۾ ننڍن ڪواٽرن کان وٺي وڏا ڪواٽر  اچي وڃن ٿا.  

هنن ٻنهي ڪالونين کي الڳ الڳ سهولتون ميسر آهن جهڙوڪ ٻنهي ڪالونين کي الڳ بهترين پلي گرائونڊ مليل آهن جن نوجوان ۽ ننڍا ٻار شام جي ٽائيم راندين ۾ ڪرڪيٽ وغيره کيڏن ٿا. هنن ڪالونين ۾ سرڪاري اسڪول پڻ موجود آهن جن ۾ نياڻين لاءِ الڳ اسڪول  آهن جتان هر سال ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي نڪرن ٿا ۽ ڪالونين ۾ پرائويٽ اسڪول پڻ آهن جيڪي پڻ ٻارن کي معياري تعليم ڏئي رهيا آهن. ان کان علاوه سرڪاري اسپتالون موجود آهن جتي مريض پنهنجي ننڍين وڏين بيمارين جي علاج لاءِ اچن ٿا ۽ ان سان گڏ سرڪاري بهبوده آبادي وارن جي آفيس پڻ آهي جيڪا پڻ پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي.

 هنن ڪالونين ۾ سرڪاري ادارن جو آفيسون به آهن جنهن ۾ آر . بي . بي ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ سان ٻه آفيسون آهن هڪ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ڊويزنل آفيس ۽  ٻي ايف. ڊبليو. او ( فرنٽيئر ورڪ آرگنائزيشن) وارن جي آفيس آهي

اهڙي طرح ايم. سي. پي واپڊا ڪالوني ۾ داخل ٿيڻ  سان واپڊا وارن جي آفيس آهي ۽ ٻي اندر ڪالوني جي آخر ۾ واپڊا وارن جو ٽريننگ سينٽر آهي جتي واپڊا جي ملازمن کي  ٽريننگ ڏني ويندي هئي هن مهل اُها آفيس زبون حالت ۾ آهي ۽ ٽريننگ به نه ڏيڻ جي برابرر ڏني ٿي وڃي ۽ واپڊا ڪالوني ۾ هڪ  يونين ڪائونسل جي آفيس  آهي جتي علائقي جا ماڻهون پنهنجا رهائشي سرٽيفڪيٽ ، پيدائش جا سرٽيفڪيٽ وغيره ٺهرائڻ اچن ٿا.  ان يونين ڪائونسل آفيس کي هڪ مهينو پهريان ٽائون آفيس جو درجو پڻ ڏنو ويو آهي.         


فهيم احمد ميمڻ
2k16/MMC/20

No comments:

Post a Comment