Monday 7 March 2016

Sindh University and its students by Rasheed Nizamani

فيچر:رشيد احمد نظاماڻي
 It is short, we need 600 words. Poorly written. try again. Feature is always reporting based and main objective is to entertain. There is nothing like that.
Find some unique and interesting aspect
Rasheed Nizamani

ماس ڪميونيڪيشن
ڪلاس:ايم اي پريويس
رول نمبر:49
سنڌ يونيورسٽي ۽ ان ۾ پڙهندڙ شاگرد

ڄامشوري جي جبلن ۾ قائم مادرِ علم جي نالي سان مشهور سنڌ يونيوررسٽي پاڪستان جي قديم ترين يونيورسٽين مان هڪ آهي . 1947 ۾ قائم ٿيل هن يونيورسٽي ۾ ڪل 57 شعبا آهن. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ سان موڙ ۾ کاٻي هٿ ٿي سنڌولاجي شعبو اچي ٿو جيڪو سنڌ جي تاريخ ثقافت ، ادب وغيره سان گڏ هڪ ميوزيم ۽ پڪنڪ پوائنٽ طور پڻ مشهور آهي. جيئن ماڻهو اڳتي وڌي ٿو ته هڪ ڪشادو ون وي روڊ شروع ٿئي ٿي. جنهن جي وچ ۾ننڍن وڻن سان گڏ مختلف رنگن جي  گلن وارا ٻوٽا نظر اچن ٿا.جيڪي منظر کي خوبصورت بڻائين ٿا جتي انهن ٻوٽن جو سلسلو ختم ٿئي ٿو اتي هڪ چوڪ اچي ٿو. هن چوڪ جي ساڄي پاسي روڊ تي ٿورو اڳتي  هن يونيورسٽي جي باني  ، سنڌ جي نامياري ، تعليمدان ، فلسفي ۽ اديب علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار آهي. جڏهن ته کاٻي پاسي وارو روڊ وي سي هائوس ۽ ڇوڪرين لاءِ ٺهيل ماروي هاسٽل ڏانهن وڃي ٿو. هن چوڪ کان ٿورو سڌو اڳتي وڃي جڏهن کاٻي پاسي نهاربو ته تمام وڏا گرائونڊ نظر ايندا جيڪي راندين لاءِ ٺهيل آهن. ۽ اڪثر اتي ڪرڪيٽ راند  ٿيندي نظر ايندي آهي. چوڪ کان ويندڙ سڌو رستو آهستي آهستي مٿانهون ٿيندو وڃي يونيورسٽي جي مرڪزي جڳهه تي پهچائي ٿو.جنهن کي زيرو پوائنٽ سڏيو ويندو آهي هي زيرو پوائنٽ هڪ گول دائري ۾ ٺهيل هڪ ننڊو پارڪ آهي. زيرو پوائنٽ جي سامهون يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري جي پنج ماڙ بلند عمارت آهي جنهن کي هتان جا شاگرد سي ايل جي نالي سان سڏيندا آهن. لائبريري جي ساڄي پاسي آرٽس ۽ سوشل سائنسز وارن شعبن ۽ کاٻي پاسي نيچرل سائنس جي شعبن جون جو عمارتون آهن. هر شعبي اڳيان ننڊا ننڊا پارڪ ٺهيل آهن  ۽ اڪثر شعبن جي ويجھو ڪينٽينون پڻ ٺهيل آهن. انهن پارڪن ۽ ڪينٽينن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين  جا ميڙ ڪچهرين ۽ ٽهڪن ۾ مگن نظر ايندا آهن. يونيورسٽي ۾ اڪثر جڳھن تي وڻن جون قطارون نظر اچن ٿيون جيڪي هن يونيورسٽي کي ڇانو سان گڏ سونهن بخشين ٿيون. ڪيترائي نامور ماڻهو هن يونيورسٽي مان پڙهي نڪتا آهن. جن ۾ مشهور سياستدان امين فهيم ، مشهور تاريخ دان مبارڪ علي ، پاڪستان جو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري ، راڻا ڀڳوانداس ۽ موجوده چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ ٻيا شامل آهن. مشهور ڌاڙيل نظرو ناريجو پڻ هن يونيورسٽي جو شاگرد رهيو. مشهور شاعر حليم باغي جنهن پنهنجي شاعري جي ذريعي سنڌ يونيورسٽي جي شهرت ۾ اضافو ڪيو. اهو پڻ هن يونيورسٽي مان پڙهي نڪتو آهي.
سنڌ يونيورسٽي کي ڪيترائي شاگرد سنڌ امڙ ڪري پڻ سڏيندا آهن انهن جو چوڻ آهي ته مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽي ۾ سليڪٽ نه ٿي سگھياسين پر سنڌ يونيورسٽي ۾ سليڪٽ ٿي وياسين. جهڙي ريت امڙ پنهنجي ٻار جي هر خرابي کي نظرانداز ڪري کيس قبوليندي آهي اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي به اسان کي قبول ڪيو آهي.
هن يونيورسٽي ۾ پوري سنڌ جي مختلف علائقن مان شاگرد هتي گڏجن ٿا ته ائين لڳي ٿو ڄڻ ته پوري سنڌ هتي گڏ ٿي هجي. هتي ايندڙ اڪثر شاگرد ٻهراڙي وارن علائقن جا هوندا آهن جيڪي هتي پهچڻ کانپوءِ ماحول جي اثر هيٺ پنهنجو پاڻ ۾ مختلف تبديليون آڻين ٿا. لباس ۾ هو شلوار قميص جي جڳھه تي پينٽ شرٽ پائڻ شروع ڪن ٿا وارن جو اسٽائل به شوبز ادڪارن جهڙو بڻائين ٿا. سندن ٻولي جي لهجي ۾ به فرق اچي ٿو اتر سنڌ وارو ماڻهو ”مان“ جي بدلي ” آئون“ چوڻ تي هري ٿو ۽ لاڙ جو ماڻهو ” آئون “ جي بدلي ” مان “ چوڻ تي هري وڃي ٿو. ڪيترائي شاگرد جيڪي پنهنجي گھران عام رواجي مذهبي سوچ کڻي يونيورسٽي پهچندا آهن اهي هتي سيڪيولر ، اٿيئسٽ يا سوشلسٽ بڻجي ويندا آهن. ڪيترائي شاگرد وري سياسي اثر وٺندي ڪنهن تنظيم جا نظرياتي ميمبر بڻجي ويندا آهن. هتي اچڻ سان اڪثر شاگرد ذهني طور چڱو سڄاڳ ٿي وڃن ٿا انهن جي اٿڻي ويهڻي ۾ به بهتري اچي وڃي ٿي. پر ڪيترائي شاگرد اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي گهران ته تعليم حاصل ڪرڻ جي مقصد سان هتي ايندا آهن پر يونيورسٽي جي آزاد فضائن ۾ هو پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگھندا آهن ۽ پنهنجي بنيادي مقصد کان هٽي ويندا آهن پوءِ ڪي عشق جي چڪرن ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ ڪي خراب عادتن جھڙوڪ نشي ۽ جوا جا عادي ٿي ويندا آهن. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران شاگردن کي ڪيترن ئي تڪليفن کي منهن ڏيئڻو پوندو آهي. جيئن هاسٽلن ۾ پيش ايندڙ تڪليفون يا ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ٻين ڪيترين ئي تڪليفن سان گڏ پوائنٽن جا ڌڪا کائڻ. انهن تڪليفن تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ هڪ لطيفو پڻ مشهور آهي ته ”سنڌ يونيورسٽي جا ٻه شاگرد مرڻ کانپوءِ جڏهن جنت جي دروازي تي پهتا ته ملائڪ انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ انهن کي بيهاري ڇڏيو ۽ انهن کا پڇيائين ته ڪٿان کان آيا آهيو جواب ۾ جڏهن هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي مان آيا آهيون ته ملائڪن اهو چوندي جنت جو دروازو کولي ڇڏيو ته اوهان کان ڪهڙو پڇاڻو اوهان ته سڀ تڪليفون سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ڏسي آيا آهيو“.
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

#RasheedNizamani

No comments:

Post a Comment