Sunday 27 March 2016

ضمير حسين کرل پروفائيل by Abdul Ghaffar Wadho

Un checked
Despite repeated reminders u are sending file with in correct name.  This will go to negative marking.
 proper file name; Profile Abdul Ghaffar 
if it is revied: Profile - Abdul Ghaffar  - Revised
هڪ شاعر ۽ صحافي جنهن جو معاشري لاءِ جيئڻ: ضمير حسين کرل
پروفائيل
عبدالغفار
Abdul Ghaffar Wadho
چوندا آهن ته شاعري موتين جي مالها مثل هوندي آهي ڇو ته شاعر لفظ لفظ چونڊي پرکي ڪو غزل ٺاهيندو آهي، سندن چونڊ هر لحاظ کان سٺي ۽ منفرد هوندي آهي. ان ئي سبب اهي لفظ موتين جيان بي بها ٿي پوندا آهن پر جيڪو شخص لفطن جي روپ ۾ پاڻ کي املهه موتي ڏي ٿو ان جي اهميت ڪيتري آهي يا ڪيتري هئڻ گھرجي؟ ان بابت اسان جي معاشري شايد ئي ڪڏهن سوچيو هجي! پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو تخليقڪار خدا طرفان ڏنل ڏات کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجھي ادا ڪري ٿو ته از خود سندس اهميت موتين کان به وڌي ويندي آهي، ضمير حسين کرل به انهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي نالي نه پر معاشري لاءِ لکندا آهن.

آڪٽوبر 1971ع ۾ کير ٿر جبل جي ڇانوَ ۾ اڏيل سنڌ جي آخري (سرحد) شهر شهدادڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ ضمير حسين کرل 19 سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، سنڌ جي مهان شاعر “استاد پيرل قمبر” جي شفقت ۽ شاگردي ۾ ڏينهون ڏينهن سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي ۽ هو “ضمير حسين کرل” جي نالي سان باقاعدي لکجڻ لڳو، توڙي جو هن شاعري جي شروعات (نوحن) سان ڪئي پر اڄ هو غزل جو اهڙو پختو شاعر آهي جو اهڙي پختگي تمام گھٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. ڳالهه وزن بحر جي به ڪونهي ڇو ته وزن بحر اوهان کي هر سٺي شاعر جي شاعري ۾ ملي ويندو پر ضمير حسين جي اهم خوبي اها آهي جو موضوع ڪهڙو به هجي هو ورجاءُ نه ٿو ڪري سندس هر تخليق ۾ اوهان کي نواڻ محسوس ٿيندي، لفظ ته هر شاعر وٽ جھجھا هوندا آهن پر انهن جو صحيح استعمال به هڪ اهڙي خوبي آهي جيڪا ڪنهن به شاعر کي هڪ منفرد ۽ الڳ سڃاڻپ ڏي ٿي جنهن ۾ ضمير کي تمام گھڻو عبور حاصل آهي، لفظَ ڪيڏا به شوخ هجن پر هن جي ڪنهن سٽ ۾ اچي ويا ته ڄڻ نماڻا ٿي پوندا آهن، شايد ان ئي سبب لفظ کيس بي انتها پيار ڪن ٿا ۽ هو انهن سان ڀرپور نڀاءُ ڪندو آهي ۽ هن پنهنجي زندگي اندر ننڍا توڙي وڏا شاعري جا ڪيترائي ڪتاب لکيا پر انهن ۾ “خاڪ ۾ گل” نالي ڪتاب تمام گھڻو مقبول آهي.

ضمير جي چوڻ مطابق ته معاشري جي غربت، انساني ظلم ۽ ڪنهن جي ترڇي نگاهن ۾ گھورڻ کان پوءِ اندر واري اديب محبت ڀرين ڳالهين لکڻ لاءِ مجبور ڪيو تنهن کان پوءِ پاڙي ۾ استاد پيرل قمبر جي ڪچهري ۾ ويهندي ويهندي ڏنگيون ڦڏيون سٽون لکندي استاد جي رهنمائي ۾ شاعر ٿيس، جنهن کان پوءِ ڪڏهن ٿورو ڪڏهن گھڻو لکندو پيو اچان اهڙي ريت شاعري جي ٻک ۾ ٻکجي ويس ۽ شاعري جي طرف لاڙو ڏيارڻ لاءِ منهنجي مدد منهنجي مامي حسين کرل ڪئي جنهن پيءُ جيان مونکي پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ ان کان پوءِ استاد پيرل قمبر جنهن مونکي ادب کان گھڻو واقف ڪيو.

شاعري جي زماني ۾ مونسان پيش آيل هڪ اهڙو واقعو جيڪو ڪڏهن وسريو ته ناهي ۽ شايد ڪڏهن وسرندو به نه، جنهن وقت آءٌ شاعري لکندو هيس ان وقت منهنجي پياري ڌيءَ (فروه بتول) فوت ٿي وئي هئي، جنهن کي چاهڻ جي باوجود به بيماري مان نجات ڏياري نه سگھيس ۽ هوءَ مونکان هميشه لاءِ وڇڙي وئي جنهن جي ڪري منهنجي گھر جي ننڍي ڪائنات اڃا به اداس آهي، انهي پس منظر ۾ منهنجو چوسٽو آهي.

تـوکـي بيــماري گِھلي وئي پاڻيءَ جيان
تـــو ڪــٽـيـا مــاهه ٽــي قـيــديـاڻــيءَ جيان
توکي غربت نه منهنجي بچائي سگھي
(ضمير حسين کرل)
شـرمنــدو آهيان پنـهنجي ڪهاڻي جيان.
------------------------------------------------

صحافت ڏانهن لاڙو:  ضمير حسين کرل صحافت جي ميدان ۾ 1998ع کان باقاعده شروعات ڪئي هن صحافت جي شروعات هڪ اخبار کان ڪئي جنهن جو نالو “تعمير سنڌ” هو ۽ ان کان پوءِ پاڪ سنڌ، نجات، هلچل، پبلڪ 
نيوز، خبرون، سنڌ ۽ بشارت اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ هينئر هلچل ۽ بشارت اخبارن ۾ ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي.

هن ٽي ــ وي نيوز چينلن تي ڪم 2000ع کان شروع ڪيو جنهن ۾ پهريون چينل “اپنا ٽي ــ وي” هو ان کان بعد رنگ، ڌرتي، دهوم، APP نيوز ايجنسي ۽ مهراڻ ٽي ــ وي تي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ 2008ع کان مهراڻ ٽي ــ وي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ تقريباً 8 سال ڪم ڪندي گذري ويا آهن، هن 8 سالن جي عرصي دوران مهراڻ ٽي ــ وي طرفان 2010ع کان 2012ع تائين “ بيسٽ رپورٽر جي ايوارڊ” سان پڻ نوازيو ويو هو ان کان علاوه هن کي ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا جن مان ڪجھ هي آهن. “پيرل قمبر ايوارڊ” هي ايوارڊ “نئين سونهن ميگزين” شايع ڪرڻ جي ڪري ڏنو ويو هو هن ميگزين اندر ادبي ڳالهيون شايع ٿينديون هيون ۽ هي سلسليوار ڇپجندو هو، 2000ع ۾ سٺي ڳائڻ جو ايوارڊ ڏنو ويو هي ايوارڊ “شهدادڪوٽ جو شهري معاشرو” نالي هڪ تنظيم ڏنو هو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا.

ضمير حسين کرل جي چوڻ مطابق ته آءٌ صحافت ۾ پنهنجي شوق سان داخل ٿيو هيس ۽ آءٌ ته سمجھان ٿو ته صحافت ايمانداري، سچائي، عوام جي خدمت ڪرڻ، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي آواز کي اٿارڻ کي صحافت چئبو آهي. هن پنهنجي زندگي جو اڪثر حصو ٻين جي خدمت ڪرڻ، انهن کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ گذاري آهي ۽ هي هميشه غريبن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ غمگينن، لاوارثن کي پنهنجو دوست سمجھندو آهي.

نالو: عبدالغفار
ڪلاس: ايم اي پريويس
رول نمبر: 02 
Under supervision of Sir Sohail Sangi
#Profile, #AbdulGhaffarWadho

No comments:

Post a Comment