Tuesday 22 March 2016

Jain temple of Gorri Aakash Hameerani

U used secondary data. Very little about present position is given. 
 U should have talked with  villagers and some experts of archeology etc. some one from district adminstration.
Mind it Feature means  reporting based piece. Porper file name and writer's name in the write-up is must  
Jain Temple at Gorri by Aakash Hameerani
گوڙي جو مندر
 گوڙي جو مندر پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت رکي ٿو، ڳوٺ گوڙي جي اوڀر پاسي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر روڊ تي موجود هن مندر متعلق گهڻو ئي لکيو ويو آهي ۽ اسان جي ڏيهه جي ڏوٿين ڀٽن ڀر ۾ موجود هن مندر کي ڪينئن ڏٺو آهي، اچو ته اُن جو مختصر جائزو وٺون.

سنڌ جو نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالقادر منگي جي پاران مُرتب ڪيل ڪتاب “ٿر”  ۾ گوڙي مندر بابت لکي ٿو ته، “ننگرپارڪر کان 28 ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويراواهه کان 14 ميلن جي مفاصلي تي گوڙي نالي هڪ ڳوٺ قائم آهي، هي ڳوٺ مارئي جي ڳوٺ ڀالوا کان 3 ميل اُتر طرف آهي، اُن جي ڀرسان ڏهر ۾ گوڙي جو مندر آهي، جيڪو 1376ع ۾“ اوسواڙ” ذات جي  شاهوڪار فرد  “منگهي” ٺهرايو، هن کي گوڙي جا ڏهرا به چيو ويندو آهي. هي جين ڌرم جو مندر هيو . جين ڌرم جو باني مهاوير هو. جين ڌرم جو ٽيويهين ڌرم_نيتا پرسوناٿ هو، پرسوناٿ کي عام طور تي “پارسناٿ” به چيو ويندو آهي، پارسناٿ گرو گورکناٿ جو چيلو هو، کيس گوڙيچو به چيو ويندو هو، جئين ته هن ڳوٺ ۾ پارسناٿ جا پوڄاري جين مت جا ماڻهو رهندا هئا انهي ڪري هن ڳوٺ تي پارسناٿ جي گرو گوڙيچو جي نالي پٺيان گوڙي جو نالو پيو ۽ مندر کي گوڙي جا ڏهرا سڏيو ويو”.

هن مندر کي وقت به وقت نقصان رسندو رهيو آهي، اُن هوندي به جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچڻ ٿا، ته هي نهايت ئي خوبصورت مندر هو، جنهن تي ڏاڍي ڪاريگري سان چٽسالي ٿيل آهي،  مندر جي اڏاوت، جوڙجڪ، چٽسالي ۽ چٽيل تصويرون، تعمير ۽ چٽسالي جو اعلئ نمونو پيش ڪن ٿيون، جيڪي اُن دور جي  فن جي  ڪمال کي اجاگر ڪن ٿيون.
هن مندر بابت ڪئپٽن رئڪس پنهنجي ڪتاب ٿر ۽ پارڪر ۾ لکيو اٿس ته،  “1715 ۾ هن مندر جي مرمت ٿي هئي، پر ويو ٺهندو ۽ ويران ٿيندو، “تروٽ ” صاحب جڏهن هن علائقي جو پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ (1842ع کان 1871ع تائين) هو، تڏهن 1859ع ۾ ننگرپارڪر ۾ سوڍن بغاوت ڪئي، انهي زماني ۾ تروٽ مندر جي هڪ حصي کي بارود سان ڊاهي ڇڏيو،  انهي ڪري جو کيس شڪ هو ته سوڍا مندر ۾ لڪي پنهنجي حڪومت خلاف فساد برپا ڪرڻ لاءِ رٿون رٿي رهيا آهن”.

مندر جي ٻاهران، پر احاطي اندر هڪ ڀونئرو آهي، جنهن ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون آهن، البت هينئر ان ۾ اندر وڃڻ ڀوائتو آهي ۽ مختلف جانورن ۽ چمڙن جي رهڻ ڪري بدبو هجڻ سبب ماڻهو انڌار ڀونئري جي هڪ ڏاڪڻ تائين پُڻ هيٺ لهي نه ٿو سگهي. ان ڀونئري بابت اتان جي ماڻهن جو ن عجيب و غريب روايتون آهن. ڳوٺ گوڙي جي رهواسي مانو ڀيل (جيڪو ڪيترن ئي سالن کان مندر جي سار سنڀال ڪندو پيو اچي) جو هن ڀونئري بابت چوڻ آهي ته “ اهو ڀونئرو ان وقت يوگين جو ننگرپارڪر تائين وڃڻ جو رستو هو، بعد ۾ سوڍن جو پارڪر تي قبضي کان پو اهو يا ته بند ڪرايو ويو يا ته جينين جي لڏپلاڻ کان پو سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري، ماڻهن هن  ڀونئري بابت  پُراسرار  روايتون گهڙي، هن ڀونئري   کي وڌيڪ  پُراسرار بڻائي ڇڏيو . جامع ۽ صحت مند تحقيق نه ٿيڻ سبب هي ڀونئرو تاريخي حيثيت هڌحاصل نه ڪري سگهيو” هن ڀونئري جي کوٽائي  ڪئپٽن جي_ جي ولسن نالي هڪ شخص ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو.



مندر ۾ ڪتب آيل پٿر، سنگ مرمر ته نه آهي، پر لڳ ڀڳ اُن جهڙو ئي آهي، ڀاسجي ٿو ته هي پٿر جوڌپور مان آندو ويو هو، مندر جي عمارت جي اگيان دالان آهي، جنهن جي ڇت گولائي تي آهي ۽ پٿر جا ٿنڀا اٿس. گنبذ  جي ڀرسان ٻاهران گول چبوترو آهي، جنهن جي اندرين طرف چوڌاري عورتن ۽ مردن جون تصويرون چٽيل آهن. دالان کان پوءِ هڪ وڏو صفحو آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ڇهه ڇهه ڪوٺيون آهن انهن جون ڇتون به گنبذن واريون آهن. پهرين صفحي کان پو۽ ٻيو صفحو به آهي، پر اُن جو پٺيون پاسو ڊهي ويو آهي، ڪوٺيون ننڍيون آهن، ائين ٿو معلوم ٿئي ته انهن ڪوٺين ۾ هڪ هڪ ساڌو ويهي يوگ پچائيندو هو.

مندر جي وچ ۾ مرڪزي ڪوٺي پُڻ آهي،  جن ۾ پارسناٿ جي مورتي رکيل هوندي هئي، اها هن وقت غائب آهي اُن جي گم ٿيڻ جو پڪو ثبوت اڃان تائين ملي ناهي سگهيو. پارسناٿ جي ان مورتي کي ماڳ (هندي مهينو) جو چوڏهين تاريخ تي ٻاهر ڪڍي ويندي هئي ۽  پوڄارين کي مورتي جو درشن ڪرايو ويندو هو اها پُڻ روايت آهي ته پارسناٿ جي ان مورتي ۾ سون جون ٻه اکيون لڳل هيون، جيڪا مورتي چوري ٿيڻ کان اڳ چوري ٿيون هيون. 

  مُسلسل برساتون نه پوڻ ڪري ٿر ۾ سياحن جي آمد جي رفتار پُڻ ڪمي آئي آهي ۽ مندر جي پرگهور لهندڙ  مقامي ڳوٺاڻو مانو ڀيل پُڻ اهڙي صورتحال کي ڏسي ڳوڙها ڳاڙي ٿو.   حڪومتي بيحسي جي ور  چڙهي ويل هن مندر جي بچاءَ لاءِ رضاڪارانه خدمتون ڏيندڙ جهور پوڙهي ماني ڀيل جي اکين جا ڳوڙها هاڻ ته سڪي ويا آهن پر اهو وڏي دانهن پڻ رکن ٿا.
ٿر جي سفر ڏي نڪرندڙ  سياح، ننگر جي نگري جي حاضري ڀرڻ کان اڳ ۾ هن مندر کي ڏسڻ سهانو سفر سمجهن ٿا. سنڌ جي مختلف شاعرن جي هن مندر جي اطاحي تان حاضري ڀرڻ کان پوءِ ڏات جي وسيع ميدان تي صبع آزمائي ڪندڙ  سرجڻهارن  هن مندر کي پُڻ  سٽن ۾ سموئيندا رهندا آهن.
گوڙي مندر ۾
مون ڪلهه ڏٺو توکي
ڄڻ پنهنجي اندر  ۾.
Practical work crreid under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment